Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




رُوت 1:13 - Muslim Sindhi Bible

13 تہ پوءِ ڇا اوهين انهن جي وڏي ٿيڻ تائين ترسنديون؟ ڇا اوهين ڪنهن ٻئي سان شادي ڪرڻ کان انڪار ڪنديون؟ نہ منهنجيون ڌيئرون، نہ. اها حالت اوهان کان وڌيڪ منهنجي لاءِ ڏکوئيندڙ آهي، ڇاڪاڻ تہ خداوند پنهنجي قدرت جو هٿ منهنجي خلاف کنيو آهي.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

13 تہ انهيءَ لاءِ اوهين ايترو ڪو ترسنديون جيستائين هو وڏا ٿين؟ تيستائين اوهين ڪو مڙس ڪرڻ کان رهنديون ڇا؟ نہ منهنجون ڌيئرون؛ مون کي اوهان جو ڏاڍو ڏک ٿو ٿئي، ڇو جو خداوند جو هٿ منهنجي برخلاف کنيل آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




رُوت 1:13
11 Iomraidhean Croise  

تڏهن يهوداہ پنهنجي نُنهن تمر کي چيو تہ ”جيستائين منهنجو پٽ شيلاہ وڏو ٿئي تيستائين پنهنجي پيءُ جي گھر ۾ رن‌زال ٿي گذار،“ ڇاڪاڻ تہ هو ڊنو ٿي تہ متان شيلاہ بہ پنهنجي ڀائرن وانگر مري وڃي. سو تمر پنهنجي پيءُ جي گھر ۾ وڃي رهڻ لڳي.


اي منهنجا دوستؤ! گھٽ ۾ گھٽ اوهين تہ مون تي رحم ڪريو، ڇو تہ خدا جو ڳرو هٿ مون تي اچي پيو آهي.


جيئن تہ تنهنجو ڳرو هٿ رات ڏينهن منهنجي مٿان هو، سو منهنجي طاقت منهنجي جسم مان ائين ويندي رهي، جيئن اونهاري جي گرمي پاڻيءَ کي سڪائي ڇڏيندي آهي.


تنهنجي تيرن مون کي زخمي ڪري ڇڏيو آهي، ۽ تنهنجي هٿ مون کي هيٺ ڪيرائي وڌو آهي.


جيستائين هو مري کپي نابود نہ ٿي ويا، تيستائين خداوند جو هٿ کين خيمي‌گاهہ مان فنا ڪرڻ لاءِ انهن جي خلاف ئي رهيو.


پوءِ جڏهن بہ بني اسرائيل جنگ ڪرڻ لاءِ نڪري ويندا هئا تڏهن خداوند جو هٿ سندن خلاف رهندو هو. سو هو ڪيترن ئي مشڪلاتن ۾ پئجي ويا، ڇاڪاڻ تہ خداوند پنهنجي قسم موجب انهن جي خلاف ٿيو.


منهنجيون ڌيئرون موٽي وڃو، آءٌ پوڙهي ٿي ويئي آهيان ۽ ٻئي مڙس ڪرڻ جهڙي ناهيان. جيڪڏهن اڃا بہ آسرو هجي ها تہ اڄ رات ئي کڻي شادي ڪريان ها ۽ پٽ ڄڻيان ها،


تنهن تي هو وري بہ رڙيون ڪري روئڻ لڳيون. پوءِ عرفہ پنهنجيءَ سس کان ڀاڪر پائي موڪلايو، پر رُوت پنهنجيءَ سس کي چنبڙي پيئي.


آءٌ ڀريل ٻاهر ويئي هئس پر خداوند مون کي خالي هٿين موٽائي آندو آهي. جڏهن خداوند قادرِمطلق منهنجي خلاف ٿيو آهي ۽ مون تي مصيبت آندي اٿس تہ پوءِ مون کي نعوميہ ڇو ٿيون سڏيو؟“


سو هنن ماڻهو موڪلي فلستين جي سڀني سردارن کي پاڻ وٽ گھرائي گڏجاڻي ڪئي ۽ پوءِ کين چيائون تہ ”بني اسرائيل جي خدا جي عهد واري صندوق کي ان جي اصلوڪي جاءِ ڏانهن واپس موڪلي ڏيو، انهيءَ لاءِ تہ متان اها اسان کي ۽ اسان جي قوم کي ماري نہ ڇڏي.“ جيئن تہ خداوند جو هٿ اُتي ايتري تہ سختيءَ سان اچي پيو هو جو سڄي شهر ۾ موتمار ٿرٿلو پئجي ويو هو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan