Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




رُوت 1:12 - Muslim Sindhi Bible

12 منهنجيون ڌيئرون موٽي وڃو، آءٌ پوڙهي ٿي ويئي آهيان ۽ ٻئي مڙس ڪرڻ جهڙي ناهيان. جيڪڏهن اڃا بہ آسرو هجي ها تہ اڄ رات ئي کڻي شادي ڪريان ها ۽ پٽ ڄڻيان ها،

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

12 اي منهنجون ڌيئون، موٽي پئو، ۽ پنهنجي واٽ وٺي هليون وڃو؛ ڇالاءِ جو آءٌ ڪراڙي آهيان، ۽ مڙس ڪرڻ کان ٻاهر آهيان. قبول ڪجي تہ جيڪڏهن اڄوڪي رات کڻي مون کي مڙس هجي ها ۽ آءٌ اميد واري هجان ها، ۽ کڻي پٽ ئي ڄڻيان ها؛

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




رُوت 1:12
5 Iomraidhean Croise  

تڏهن ابراهيم جھڪي سجدو ڪيو. پر کلي دل ۾ چيائين تہ ”ڇا ڪنهن اهڙي ماڻهوءَ کي بہ ٻار ٿي سگھي ٿو، جنهن جي عمر سؤ سال هجي؟ ڇا نوي سالن جي ڄمار ۾ سارہ کي ٻار ٿي سگھي ٿو؟“


تڏهن يهوداہ پنهنجي نُنهن تمر کي چيو تہ ”جيستائين منهنجو پٽ شيلاہ وڏو ٿئي تيستائين پنهنجي پيءُ جي گھر ۾ رن‌زال ٿي گذار،“ ڇاڪاڻ تہ هو ڊنو ٿي تہ متان شيلاہ بہ پنهنجي ڀائرن وانگر مري وڃي. سو تمر پنهنجي پيءُ جي گھر ۾ وڃي رهڻ لڳي.


رنن‌زالن جي فهرست ۾ انهيءَ رن‌زال جو نالو داخل ڪيو وڃي، جنهن جي عمر سٺ سالن کان گھٽ نہ هجي ۽ پنهنجي مڙس سان وفادار ٿي رهي هجي.


پر نعوميہ کين چيو تہ ”اي ڌيئرون، موٽي وڃو. مون سان گڏ هلڻ ڇو ٿيون گھرو؟ ڇا اوهين سمجھو ٿيون تہ آءٌ ڪي ٻيا پٽ ڄڻينديس، جيڪي اوهان سان پرڻبا؟


تہ پوءِ ڇا اوهين انهن جي وڏي ٿيڻ تائين ترسنديون؟ ڇا اوهين ڪنهن ٻئي سان شادي ڪرڻ کان انڪار ڪنديون؟ نہ منهنجيون ڌيئرون، نہ. اها حالت اوهان کان وڌيڪ منهنجي لاءِ ڏکوئيندڙ آهي، ڇاڪاڻ تہ خداوند پنهنجي قدرت جو هٿ منهنجي خلاف کنيو آهي.“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan