Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




رُوت 1:11 - Muslim Sindhi Bible

11 پر نعوميہ کين چيو تہ ”اي ڌيئرون، موٽي وڃو. مون سان گڏ هلڻ ڇو ٿيون گھرو؟ ڇا اوهين سمجھو ٿيون تہ آءٌ ڪي ٻيا پٽ ڄڻينديس، جيڪي اوهان سان پرڻبا؟

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

11 ۽ نعوميءَ چيو تہ اي منهنجون ڌيئرون، موٽي پئو: ڇو مون سان هلڻ ٿيون گهرو؟ هن کان پوءِ آءٌ ڪي پٽ ڄڻينديس ڇا، جي اوهان جا مڙس ٿيندا؟

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




رُوت 1:11
5 Iomraidhean Croise  

تڏهن يهوداہ پنهنجي نُنهن تمر کي چيو تہ ”جيستائين منهنجو پٽ شيلاہ وڏو ٿئي تيستائين پنهنجي پيءُ جي گھر ۾ رن‌زال ٿي گذار،“ ڇاڪاڻ تہ هو ڊنو ٿي تہ متان شيلاہ بہ پنهنجي ڀائرن وانگر مري وڃي. سو تمر پنهنجي پيءُ جي گھر ۾ وڃي رهڻ لڳي.


اونان ڄاتو ٿي تہ ”اهو اولاد منهنجو نہ سڏبو،“ تنهنڪري هو جڏهن بہ پنهنجي ڀاڄائيءَ وٽ ويندو هو تڏهن مني هيٺ هاري ڇڏيندو هو، انهيءَ لاءِ تہ متان سندس ڀاءُ لاءِ اولاد پيدا ٿي پوي.


موسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”جيڪڏهن ڪي ڀائر گڏ رهندا هجن ۽ انهن مان هڪڙو ري‌پٽيتو مري وڃي، تہ فوتيءَ جي زال ڪنهن ڌارئي ماڻهوءَ سان وڃي نہ پرڻجي، بلڪ سندس مڙس جو ڀاءُ وٽس وڃي ۽ کيس پنهنجي زال ڪري. ائين هو پنهنجي ڏير هئڻ جو فرض ادا ڪري.


۽ ٻيئي کيس چوڻ لڳيون تہ ”نہ، اسين تو سان گڏ موٽي تنهنجيءَ قوم ۾ هلنديونسين.“


منهنجيون ڌيئرون موٽي وڃو، آءٌ پوڙهي ٿي ويئي آهيان ۽ ٻئي مڙس ڪرڻ جهڙي ناهيان. جيڪڏهن اڃا بہ آسرو هجي ها تہ اڄ رات ئي کڻي شادي ڪريان ها ۽ پٽ ڄڻيان ها،


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan