10 ۽ ٻيئي کيس چوڻ لڳيون تہ ”نہ، اسين تو سان گڏ موٽي تنهنجيءَ قوم ۾ هلنديونسين.“
10 ۽ هنن انهيءَ کي چيو تہ نہ، اسين توسان گڏجي تنهنجي قوم ۾ هلنديونسين.
آءٌ انهن سڀني جو ساٿي آهيان، جيڪي تنهنجو خوف ٿا رکن ۽ تنهنجي قاعدن تي عمل ٿا ڪن.
جيڪي تنهنجا چونڊيل آهن سي بيشڪ افضل آهن، انهن سان گڏجي رهڻ سان مون کي پوري خوشي ملي ٿي.
انهن ڏينهن ۾ مختلف قومن توڙي ٻولين وارا ڏهہ ماڻهو اچي هڪڙي يهوداہ واري جو دامن پڪڙي کيس چوندا تہ ’اسين تو ساڻ آهيون، ڇاڪاڻ تہ اسان ٻڌو آهي تہ خدا تو سان گڏ آهي.‘“
پر نعوميہ کين چيو تہ ”اي ڌيئرون، موٽي وڃو. مون سان گڏ هلڻ ڇو ٿيون گھرو؟ ڇا اوهين سمجھو ٿيون تہ آءٌ ڪي ٻيا پٽ ڄڻينديس، جيڪي اوهان سان پرڻبا؟
سو هوءَ پنهنجين ننهن کي ساڻ ڪري رهڻ واري جاءِ کان نڪري يهوداہ جي ملڪ ڏانهن موٽي وڃڻ لاءِ پنڌ پيئي. پر رستي ۾
خداوند شل ائين ڪري جو اوهان ٻنهي جي وري شادي ٿئي ۽ اوهين پنهنجي پنهنجي مڙس جي گھر وڃي سکيون ٿيو.“ پوءِ نعوميہ موڪلائڻ لاءِ ساڻن ڀاڪر پائڻ لڳي. پر هنن وڏي آواز سان روئڻ شروع ڪري ڏنو