Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




رُوت 1:1 - Muslim Sindhi Bible

1 جنهن زماني ۾ رهبر بني اسرائيل تي راڄ ڪندا هئا، تنهن زماني جي ڳالهہ آهي تہ بني اسرائيل جي ملڪ ۾ اچي ڏڪار پيو. سو يهوداہ واري علائقي جي شهر بيت‌لحم مان هڪڙو ماڻهو پنهنجيءَ زال ۽ ٻن پٽن سميت اهو وقت گذارڻ لاءِ موآب ملڪ ڏانهن روانو ٿيو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

1 جن ڏينهن ۾ قاضي انصاف ڪندا هئا تن ڏينهن ۾ هيئن ٿيو تہ انهي ملڪ ۾ ڏڪار پيو، ۽ بيت الحم يهوداہ جو هڪڙو ماڻهو، پنهنجي زال ۽ ٻن پٽن سميت موآب جي ملڪ ۾ وڃي رهڻ لڳو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




رُوت 1:1
26 Iomraidhean Croise  

ڪنعان ۾ اهڙو تہ اچي سخت ڏڪار پيو جو ابرام مصر ملڪ ۾ ڪجھہ وقت رهڻ لاءِ هليو ويو.


اڳيون ڏڪار جيڪو ابراهيم جي وقت ۾ پيو هو تنهن کان سواءِ ٻيو بہ ڏڪار اچي ملڪ ۾ پيو. سو اسحاق فلستين جي بادشاهہ ابيملڪ وٽ جرار ۾ ويو.


ڪنعان ملڪ ۾ ڏڪار تمام سخت ٿيندو ويو.


دائود جي حڪومت جي ڏينهن ۾ ٽي سال ساندهہ ڏڪار پيو. سو دائود انهيءَ بابت خداوند کان پڇا ڪئي. خداوند کيس فرمايو تہ سائول ۽ سندس خوني گھراڻي جي ڪري اهو حال ٿيو آهي، ڇاڪاڻ تہ هنن جِبعونين کي قتل ڪيو هو.


سو الياس اخي‌اب وٽ پيش ٿيڻ لاءِ روانو ٿيو. انهن ڏينهن ۾ سامريہ ۾ ڏڪار ڏاڍو سخت هو.


سندس ٻئي پٽ سلمون بيت‌لحم جو بنياد وڌو ۽ ٽيون پٽ خارف بيت‌جادر جو باني هو.


بيت‌لحم جو بنياد وجھندڙ سلمون نطوفاتي، عطرات بيت‌يوآب، اڌ منوختين يعني صرعي جو وڏو هو.


پوءِ خداوند انهيءَ ملڪ تي ڏڪار نازل ڪيو هو، ۽ سڀني جي روزيءَ جو سهارو بلڪل ئي ٽوڙي ڇڏيائين.


خداوند مون يرمياہ کي خشڪ ساليءَ جي باري ۾ فرمايو تہ


”اي حزقي‌ايل، آدم جو اولاد! فرض ڪر تہ ڪا قوم مون کي ڇڏي گناهہ ٿي ڪري ۽ آءٌ کين سزا ڏيندي سندن فصل تباهہ ٿو ڪريان ۽ منجھن ڏڪار ٿو موڪليان ۽ انهن جا ماڻهو توڙي جانور ماري ٿو ڇڏيان.


سو هاڻ آءٌ خداوند چوان ٿو تہ آءٌ پنهنجيون اهي چار ئي وڏيون آفتون يعني جنگ، ڏڪار، خونخوار جھنگلي جانور ۽ وبا يروشلم تي نازل ڪندس، انهيءَ لاءِ تہ اتي جي انسانن توڙي حيوانن کي ماري چٽ ڪريان ۽ پوءِ بني اسرائيل ملڪ جو حال ڪيڏو نہ وڌيڪ خراب هوندو!


آءٌ اوهان جو شهزوريءَ وارو هٺ ڀڃي ڇڏيندس ۽ اوهان جي لاءِ آسمان کي پتل جهڙو ۽ زمين کي لوهہ جهڙو ڪري ڇڏيندس.


پر آءٌ خداوند چوان ٿو تہ جيتوڻيڪ مون اوهان جي سڀني شهرن ۾ ڏڪار آندو، تڏهن بہ اوهين مون خداوند آڏو توبهہ‌تائب نہ ٿيا.


پر هوڏانهن خداوند بيت‌لحم اِفرات کي فرمائي ٿو تہ ”جيتوڻيڪ تون يهوداہ جي ننڍن ننڍن شهرن مان هڪ آهين، تڏهن بہ تو منجھان هڪڙو اهڙو شخص پيدا ٿيندو، جيڪو منهنجي طرفان بني اسرائيل جو حڪمران بڻبو. انهيءَ حڪمران جو گھراڻو پراڻي زماني کان وٺي قائم آهي.“


اوهين ٻنيءَ ۾ گھڻو ٻج وجھندا پر فصل ٿورو ميڙيندا، ڇاڪاڻ تہ ماڪڙ اهو کائي چٽ ڪري ڇڏيندي.


افتاح کان پوءِ بيت‌لحم وارو ابصان بني اسرائيل جو رهبر بڻيو.


تن ڏينهن ۾ هڪڙو جوان بني لاوي يهوداہ جي بيت‌لحم شهر ۾ رهندو هو.


اُهو جوان ڪنهن ٻئي هنڌ وڃي رهڻ لاءِ اتان روانو ٿيو. هو سفر ڪندو افرائيم جي جابلو علائقي ۾ ميڪاہ جي گھر آيو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan