Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




رومين 9:4 - Muslim Sindhi Bible

4 اهي بني اسرائيل ئي آهن، جن کي خدا پنهنجا ٻار مقرر ڪرڻ لاءِ چونڊيو آهي. انهن کي هن پنهنجو جلوو ڏيکاريو، ساڻن پنهنجا عهد ٻڌائين ۽ کين شريعت عطا ڪيائين. اهي ئي حقيقي عبادت ۽ سندس واعدن جا حقدار آهن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

4 اُهي اسرائيلي آهن، ۽ گود جي اولاد ٿيڻ جو حق، ۽ جلال، ۽ عهد، ۽ شريعت، ۽ خدا جي عبادت، ۽ واعدا انهن ئي جا آهن، ۽ قوم جا ابا ڏاڏا بہ انهن جا آهن؛

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

4 اهي بني اسرائيل ئي آهن، جن کي ايشور پنهنجا ٻار مقرر ڪرڻ لاءِ چونڊيو آهي. انهن کي هن پنهنجي جوت ڏيکاري، ساڻن پنهنجا وچن ٻڌائين ۽ کين نيم بخشيائين. اهي ئي حقيقي ڀڳتي ۽ سندس وچنن جا حقدار آهن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

4 اھي بني اسرائيل ئي آھن، جن کي خدا پنھنجا ٻار ڪري چونڊيو آھي. ھن کين پنھنجو جلوو ڏيکاريو ۽ کين پنھنجا عھد، شريعت، عبادت ۽ واعدا ڏنا اٿائين.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




رومين 9:4
61 Iomraidhean Croise  

انهيءَ مهل خداوند ابرام سان هڪڙو عهد ڪندي چيو تہ ”آءٌ هي سڄو ملڪ، مصر جي سرحد واري برساتي نهر کان وٺي وڏي ندي فرات تائين تنهنجي اولاد کي ڏيڻ جو عهد ٿو ڪريان،


جيڪو عهد منهنجي ۽ تنهنجي وچ ۾ ۽ تو کان پوءِ تنهنجي اولاد جي وچ ۾ آهي، جنهن تي اوهين هميشہ قائم رهندا ايندا، تنهن جي نشاني هيءَ آهي تہ تون ۽ تنهنجي اولاد مان هر هڪ مرد پنهنجو طهر ڪرائي.


آءٌ تو سان هڪ عهد ٻڌندس جنهن مطابق تو کي گھڻو اولاد ڏيندس.“


آءٌ پنهنجي ۽ تنهنجي وچ ۾ ۽ تو کان پوءِ تنهنجي اولاد سان انهن جي سڀني پيڙهين تائين پنهنجو دائمي عهد ٻڌندس. آءٌ ئي تنهنجو ۽ تنهنجي اولاد جو خدا هوندس.


هن چيس تہ ”اڳتي تنهنجو نالو يعقوب نہ پر اسرائيل سڏيو ويندو، ڇو تہ تون ماڻهن کان علاوہ خدا سان بہ ملهہ وڙهيو آهين ۽ کٽي ويو آهين.“


سو انهيءَ ڪڪر جي ڪري ڪاهن ٻيهر موٽي وڃي خدمت ڪري نہ سگھيا، ڇاڪاڻ تہ خداوند جو گھر سندس جلوي سان ڀرجي ويو هو.


اي منهنجا خدا! اها ڳالهہ ياد ڪر تہ انهن ڪيئن نہ ڪهانت جي توڙي انهيءَ عهد جي بي‌حرمتي ڪئي آهي، جيڪو عهد تو ڪاهنن ۽ لاوين سان ٻڌو هو.


هن بني يعقوب کي پنهنجو فرمان عطا ڪيو آهي، هائو، بني اسرائيل تي پنهنجا قاعدا قانون پڌرا ڪيا اٿس.


ڪاش! آءٌ مقدس خيمي ۾ اچي تو لاءِ واجھايان، تان‌تہ آءٌ تنهنجي قدرت ۽ تنهنجو جلوو ڏسان.


بيشڪ خدا بني اسرائيل تي مهربان آهي. جيڪي پاڪ دل آهن تن تي هو مهربان آهي.


پوءِ هن پنهنجي عهد واري صندوق کي دشمنن جي هٿن ۾ وڃڻ ڏنو، جيڪا سندس طاقت ۽ عظمت جي نشاني هئي.


تو خداوند فرمايو آهي تہ ”مون پنهنجي چونڊيل بندي سان عهد ٻڌو آهي، هائو، مون پنهنجي ٻانهي دائود سان قسم کنيو آهي تہ


آءٌ دائود سان پنهنجو ٻڌل عهد نہ ٽوڙيندس. هائو، پنهنجي ڪيل واعدن مان آءٌ هڪڙي تان بہ نہ ڦرندس.


تون پنهنجي قدرت جا ڪم پنهنجي هنن بندن تي پڌرا ڪر، ۽ پنهنجي عظمت اسان جي اولاد تي ظاهر ڪر.


جڏهن اوهين انهيءَ ملڪ ۾ داخل ٿيو، جنهن جي ڏيڻ جو خداوند اوهان سان واعدو ڪيو هو، تڏهن اوهين اها رسم ادا ڪندا رهجو.


پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ ”اهي ڳالهيون تون پاڻ لکي ڇڏ، ڇاڪاڻ تہ انهن ئي ڳالهين موجب مون تو سان ۽ بني اسرائيل سان عهد ٻڌو آهي.“


تڏهن تون فرعون کي مون خداوند جو هي فرمان ٻڌاءِ تہ ’بني اسرائيل منهنجو پهريتو پٽ آهي.


تڏهن ڪڪر خدا سان ملاقات واري خيمي کي ڍڪي ڇڏيو ۽ اهو مقدس خيمو خداوند جي جلوي سان ڀرجي ويو.


پر اي منهنجا ٻانها بني اسرائيل وارؤ! هائو، اي منهنجا چونڊيل بني يعقوب وارؤ! اوهين منهنجي دوست ابراهيم جي نسل مان آهيو.


اي يعقوب جو اولاد! هائو، اوهين باقي بچي ويل بني اسرائيل وارؤ! اوهين مون خداوند جي ڳالهہ ٻڌو. مون ئي شروع کان وٺي اوهان کي پئي سنڀاليو آهي، ائين ئي جيئن ڪنهن ٻار کي ڄمڻ کان وٺي پالي نپايو وڃي.


هن ٽڪريءَ کي کيڙيو، ۽ انهيءَ جا پٿر ڪڍي زمين صاف ڪيائين. اتي هن انگورن جون عمديون وليون لڳايون، جنهن جي پهري لاءِ هن هڪ ٺُلهہ بہ ٺهرايو. هن اتي رس ڪڍڻ جو هڪڙو چيچڙو بہ بڻايو. پوءِ هو انتظار ڪرڻ لڳو تہ باغ ۾ عمدا انگور ٿين. پر انهيءَ ۾ رڳو کٽا انگور پيدا ٿيا.


اڳتي وري تو کي ڏينهن جي سوجھري لاءِ سج جي ضرورت نہ پوندي، نڪي رات جي روشنيءَ لاءِ چنڊ جي، بلڪ آءٌ خداوند ئي تو لاءِ ابدي روشني ٿيندس. هائو، منهنجو جلوو ئي تنهنجي تجليءَ جو سبب بڻبو.


ڇا اسرائيل وارا مون کي پٽ جيان پيارا نہ آهن؟ هائو، جيئن ڪو سڪيلڌو فرزند هوندو آهي، تيئن ئي اهي مون لاءِ آهن. توڙي جو آءٌ اڪثر هنن جي خلاف ڳالهائيندو آهيان، تہ بہ هو منهنجي دل کي ويجھو آهن. بيشڪ منهنجي دل هنن لاءِ سڪي ٿي، سو آءٌ مٿن بيحد رحم ڪندس. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“


اهو نئون عهد هي آهي، جيڪو آءٌ بني اسرائيل سان ان وقت ٻڌندس: آءٌ پنهنجي شريعت هنن جي ذهنن ۾ وجھندس ۽ سندن دلين تي پڻ لکي ڇڏيندس. آءٌ هنن جو خدا هوندس ۽ هو منهنجي قوم هوندا.


هو ڳوڙها ڳاڙيندا ۽ منٿون ڪندا ايندا، تڏهن آءٌ سندن رهنمائي ڪندس. آءٌ کين مٺي پاڻيءَ وارين نهرن وٽان هموار رستي تان آڻيندس، جتي هو ڪو ٿاٻو نہ کائيندا، ڇاڪاڻ تہ آءٌ اسرائيل وارن جو ابو آهيان، هائو، بني افرائيم منهنجو پهريتو ٻار آهي.“


جيڪا اهڙي رنگدار ٿي ڏسڻ ۾ آئي جهڙا انڊلٺ جا رنگ. خداوند جي انهيءَ جلوي جي تجلي ڏسي آءٌ حزقي‌ايل منهن ڀر زمين تي سجدي ۾ ڪري پيس. تڏهن مون هڪڙو آواز ٻڌو جيئن ڪو ڳالهائي رهيو هجي.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”جڏهن بني اسرائيل قوم جي اڃا شروعات ئي هئي، تڏهن کان مون ساڻس پيار رکيو هو، ۽ کيس پنهنجو پٽ بڻائي مصر ملڪ مان سڏي ورتو هئم.


جڏهن موسيٰ خداوند سان ڳالهائڻ لاءِ سندس ملاقات واري خيمي ۾ ويو تڏهن عهد واري صندوق تي جيڪو رحمت جو پوش هو، تنهن مٿان پردار آسماني مخلوق جي ٻنهي مجسمن جي وچ مان خداوند کي پاڻ سان ڳالهائيندي ٻڌائين.


عيسيٰ ڪائونسل جي انهن چڱن مڙسن کي وڌيڪ چيو تہ ”هڪڙو ٻيو مثال ٻڌو تہ هڪڙي زميندار انگورن جو باغ لڳايو. ان جي چوڌاري لوڙهو ڏنائين، رس پيڙي ڪڍڻ لاءِ هڪ حوض ٺهرايائين ۽ پهري لاءِ ٺُلهہ بہ ٺهرايائين. پوءِ اهو باغ ڪن باغائين جي سنڀال هيٺ ڏيئي هو پاڻ ڪنهن ٻئي ملڪ ڏانهن هليو ويو.


شريعت موسيٰ جي معرفت ملي، جڏهن تہ فضل ۽ سچائي عيسيٰ مسيح جي معرفت ملي.


جڏهن عيسيٰ نٿن‌ايل کي پاڻ ڏانهن ايندي ڏٺو، تڏهن سندس بابت چيائين تہ ”ڏسو، هي بني اسرائيل جو سچو ماڻهو اٿوَ. هن ۾ ڪابہ ڏنگائي ڪانہ آهي.“


خدا جو پاڪ روح ڏيڻ جو اهو واعدو اوهان جي لاءِ، اوهان جي اولاد جي لاءِ ۽ انهن سڀني جي لاءِ بہ آهي جيڪي پري آهن، يعني اهي سڀ جن کي خداوند، اسان جو خدا پاڻ ڏانهن سڏيندو.“


هائو، هر طرح جو فائدو آهي. خاص طور هي فائدو آهي جو خدا جا قول کين ئي سونپيا ويا آهن.


ڏسو، اوهان کي اهو روح نہ مليو آهي جيڪو اوهان کي وري ڊپ جو غلام بڻائي. پر اوهان کي اهو روح مليو آهي جنهن جي وسيلي اوهين خدا جا ٻار مقرر ڪيا ويا آهيو. انهيءَ روح جي ڪري اسين سڀيئي خدا کي ”بابا، اي بابا!“ ڪري ٿا پڪاريون.


هاڻ جيڪڏهن اهي ڇوٽڪارو حاصل نہ ٿا ڪن تہ پوءِ خدا جو انهن سان ڪيل واعدو ڪوڙو ثابت ٿيو ڇا؟ نہ، ڇاڪاڻ تہ جيڪي بني اسرائيل قوم ۾ پيدا ٿيا آهن، تن مان سڀ حقيقي بني اسرائيل وارا نہ آهن


ڇا هو ئي عبراني آهن؟ آءٌ بہ آهيان. ڇا هو ئي بني اسرائيل آهن؟ آءٌ بہ آهيان. ڇا هو ئي ابراهيم جي نسل مان آهن؟ آءٌ بہ آهيان.


خدا جا واعدا بہ اهڙي نموني آهن جيڪي هن ابراهيم ۽ سندس نسل سان ڪيا. ڏسو، پاڪ ڪلام ائين نہ ٿو چوي تہ ”نسلن سان،“ جنهن مان مراد گھڻا ماڻهو هجن. پر هو چوي ٿو تہ ”نسل سان،“ جنهن مان مراد هڪڙو شخص آهي ۽ اهو مسيح آهي.


اڳي اوهين مسيح کان ڌار، بني اسرائيل جي جماعت کان ٻاهر ۽ خدا جي ٻڌل عهدن کان اڻ‌ڄاڻ هئا. اوهين هن دنيا ۾ خدا کان جدا ۽ نااميديءَ واري زندگي گذاريندا هئا.


موسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”اوهين خداوند پنهنجي خدا جا ٻار آهيو. سو اوهين مئلن جي لاءِ غير قومن وانگر پنهنجو پاڻ کي زخمي نہ ڪجو، نڪي پنهنجو مٿو لوندڙين وٽان گولائيءَ ۾ ڪوڙائجو،


هي اهي ڳالهيون آهن جيڪي خداوند موآب جي ميدان ۾ بني اسرائيل سان عهد ٻڌڻ لاءِ موسيٰ کي فرمايون. هي عهد انهيءَ عهد جو وڌيڪ حصو آهي، جيڪو هن سينا جبل وٽ بني اسرائيل سان ٻڌو هو.


خداوند رڳو اوهان سان ئي هي عهد نہ ٿو ٻڌي ۽ هي قسم نہ ٿو کڻي، جيڪي اڄ هتي سندس حضور ۾ بيٺا آهيو،


خداوند موسيٰ کي چيو تہ ”تون پنهنجي ابن ڏاڏن سان وڃي آرامي ٿيندين، پر هي ماڻهو جنهن ملڪ ۾ رهڻ لاءِ وڃن ٿا، اتي جي ڌارين معبودن جي پٺيان لڳي گمراهہ ٿيندا. هو مون کي ڇڏي ڏيندا ۽ جيڪو عهد مون ساڻن ٻڌو آهي سو ڀڃي ڇڏيندا.


هن پنهنجو عهد، جيڪو سندس ڏهن حڪمن جي پوري ڪرڻ تي ٻڌل هو، سو اوهان کي ظاهر ڪري ٻڌايو ۽ انهن حڪمن تي عمل ڪرڻ جو تاڪيد پڻ ڪيو. هن اهي حڪم پٿر جي ٻن تختين تي بہ لکيا.


اوهين خداوند پنهنجي خدا جا چونڊيل آهيو. هائو، هن اوهان کي دنيا جي سڀني قومن مان پنهنجي خاص قوم ٿيڻ لاءِ چونڊي ڪڍيو آهي.


هاڻي مقدس خيمي جي خدمت بابت وڌيڪ سمجھاڻي هيءَ آهي تہ پهرئين عهد ۾ عبادت جا قاعدا هئا ۽ عبادت واري هڪڙي مقدس جاءِ بہ هئي، جيڪا زمين تي


انهيءَ جو سبب هي آهي تہ اهي رڳو کائڻ پيئڻ ۽ مختلف طريقن سان ظاهري پاڪ صاف ٿيڻ جون رسمون آهن، يعني اهي اهڙا ظاهري قاعدا آهن جيڪي انهيءَ وقت تائين مقرر ڪيا ويا هئا جيستائين نئون سڌارو اچي.


مقدس خيمي ۾ پردي جي پٺيان هڪ ٻيو ڪمرو هو، جنهن کي مقدس ترين جاءِ سڏبو هو.


صندوق جي مٿان پردار آسماني مخلوق جهڙا ٻہ مجسما ٺهيل هئا، جيڪي خدا جي موجودگيءَ جي نشاني هئا ۽ اهي ڪفاري واري جاءِ تي ڇانوَ ڪيو بيٺا هئا. پر هن وقت انهن ڳالهين کي تفصيل سان بيان ڪرڻ جو موقعو ناهي.


جيئن تہ انهن شين جو اهڙو انتظام ٿيل هو، سو مقدس خيمي جي پهرئين ڪمري ۾ ڪاهن خدمت ڪرڻ لاءِ ڪنهن بہ وقت داخل ٿيندا هئا.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan