Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




رومين 8:5 - Muslim Sindhi Bible

5 سو جيڪي انساني فطرت جي تابع آهن تن جي سوچ دنياوي آهي، پر جيڪي پاڪ روح جي تابع آهن تن جي سوچ روحاني آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

5 ڇالاءِ تہ جيڪي جسماني آهن، سي جسماني ڳالهين جو فڪر ٿا ڪن؛ پر جي روحاني آهن، سي روحاني ڳالهين جو فڪر ٿا ڪن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

5 سو جيڪي انساني فطرت جي وس هيٺ آهن تن جي سوچ سنساري آهي، پر جيڪي پوِتر آتما جي وس هيٺ آهن تن جي سوچ آتمڪ آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

5 جيڪي انساني فطرت موجب ھلن ٿا سي انساني فطرت جا تابعدار آھن. پر جيڪي پاڪ روح موجب ھلن ٿا سي پاڪ روح جا تابعدار آھن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




رومين 8:5
14 Iomraidhean Croise  

عيسيٰ ڦري شاگردن ڏانهن منهن ڪري پطرس کي جھڻڪيو تہ ”اي شيطان! منهنجي اکين اڳيان ٽري وڃ. تون خدا جي مرضيءَ مطابق نہ پر ماڻهن وانگر ٿو سوچين.“


انسان جسماني لحاظ کان پنهنجي ماءُ پيءُ مان پيدا ٿيندو آهي، پر روحاني لحاظ کان پاڪ روح مان پيدا ٿئي ٿو.


پر اوهين انساني فطرت موجب نہ بلڪ پاڪ روح موجب هلو ٿا، ڇاڪاڻ تہ اوهان ۾ خدا جو روح رهي ٿو. جنهن ماڻهوءَ ۾ مسيح جو روح نہ آهي سو مسيح جو نہ آهي.


مٽيءَ وارا انهيءَ وانگر ٿين ٿا جيڪو مٽيءَ مان بڻيو ۽ آسمان وارا انهيءَ وانگر ٿين ٿا جيڪو آسمان مان آيو.


پر جنهن ماڻهوءَ کي پاڪ روح مليل نہ آهي، سو خدا جي پاڪ روح جون ڳالهيون قبول نہ ٿو ڪري، ڇاڪاڻ تہ اهي هن جي نظر ۾ بي‌وقوفي آهن. هو انهن کي سمجھي نہ ٿو سگھي، ڇاڪاڻ تہ اهي پاڪ روح جي وسيلي ئي پرکي سگھجن ٿيون.


جيتوڻيڪ اسين دنيا ۾ رهون ٿا، تنهن هوندي بہ دنياوي نيت سان نہ ٿا وڙهون،


ڇاڪاڻ تہ انساني فطرت پاڪ روح جي برخلاف خواهش ڪري ٿي ۽ پاڪ روح انساني فطرت جي برخلاف. هي ٻئي هڪٻئي جا دشمن آهن. انهيءَ ڪري جيڪي اوهين ڪرڻ چاهيو ٿا سو نہ ٿا ڪريو.


ڇاڪاڻ تہ روشنيءَ جو ڦل هر طرح جي چڱائي، سچائي ۽ حق سچ آهي.


خاص ڪري انهن کي جيڪي جسم جي برين خواهشن جي پٺيان لڳي خدا جي اختياريءَ کي حقير ٿا سمجھن. ساڳئي نموني ڪوڙي تعليم ڏيندڙ بہ اهڙا تہ گستاخ ۽ هٺيلا آهن جو آسماني هستين جي بي‌حرمتي ڪرڻ کان بہ نہ ٿا ڊڄن.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan