Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




رومين 7:9 - Muslim Sindhi Bible

9 ڪو وقت هو جڏهن شريعت کان سواءِ آءٌ جيئرو هئس. پر جڏهن شريعت وارو اهو حڪم منهنجي سامهون آيو تڏهن گناهہ جيئرو ٿي پيو

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

9 ۽ ڪنهن زماني ۾ آئون شريعت کانسواءِ جيئرو هوس، پر جڏهن حڪم آيو، تڏهن گناهہ جيئرو ٿيو، ۽ آئون مري ويس.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

9 ڪو وقت هو جڏهن نيم کان سواءِ آءٌ جيوت هئس. پر جڏهن نيم وارو اهو حڪم منهنجي سامهون آيو تڏهن پاپ جيوت ٿي پيو

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

9 ڪو وقت ھو جڏھن شريعت کان سواءِ آءٌ جيئرو ھوس، پر جڏھن شرعي حڪم آيو تہ گناھہ جيئرو ٿي پيو ۽ آءٌ مري ويس.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




رومين 7:9
22 Iomraidhean Croise  

آہ! مون کي لاتعداد تڪليفون چوڌاري وڪوڙي ويون آهن! منهنجا گناهہ مٿي جي وارن کان بہ وڌيڪ آهن، جن مون کي چوڌاري اهڙو تہ وڪوڙي ڇڏيو آهي، جو آءٌ پنهنجو رستو لهي نہ ٿو سگھان. سو منهنجي دل ٽُٽي پيئي آهي.


تنهن تي جوان مرد جواب ڏنو تہ ”انهن سڀني حڪمن تي تہ آءٌ عمل ڪندو آيو آهيان. باقي ٻيا ڪهڙا ڪم رهيل آهن؟“


پر هن پنهنجي پيءُ کي جواب ۾ چيو تہ ’ڏسو، سالن کان آءٌ هڪ ٻانهي وانگر اوهان جي خدمت ڪندو رهيو آهيان ۽ ڪڏهن بہ اوهان جي نافرماني نہ ڪئي اٿم، پر اوهان ڪڏهن مون کي ڇيلو بہ نہ ڏنو تہ وڃي پنهنجي سنگتين سان موجون ماڻيان.


هن چيو تہ ”انهن سڀني تي تہ آءٌ ننڍپڻ کان ئي عمل ڪندو ٿو رهان.“


شريعت تي عمل ڪرڻ سان خدا ڏانهن سچار بڻجڻ جي باري ۾ موسيٰ بيشڪ اهو لکيو آهي تہ ”شريعت جي حڪمن تي عمل ڪرڻ سان ماڻهو جيئرو رهندو.“


۽ آءٌ مري ويس. اهڙيءَ طرح معلوم ٿيو تہ شريعت وارو اهو حڪم جنهن جو مقصد مون کي زندگي بخشڻ هو، سو ئي منهنجي لاءِ موت جو سبب بڻجي پيو.


گناهہ وجھہ وٺي شريعت واري انهيءَ حڪم جي وسيلي مون کي برغلايو ۽ انهيءَ ئي حڪم جي وسيلي مون کي ماري وڌائين.


منهنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! ساڳيءَ طرح مسيح جي موت جي وسيلي اوهين بہ شريعت جي لحاظ کان مري ويا آهيو، انهيءَ لاءِ تہ اوهين مسيح سان ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي هڪ ٿي وڃو، جيڪو مئلن مان جيئرو ٿيو. انهيءَ طرح اسين سڀ خدا جي لائق ڦل جھلينداسين.


پر هاڻ اسين شريعت جي لحاظ کان مرڻ جي ڪري ان جي ٻنڌڻ کان آزاد ٿي ويا آهيون. هاڻي اسين خدا جي خدمت ڪرڻ ۾ پراڻن لکيل حڪمن جا نہ، بلڪ پاڪ روح واري نئين زندگيءَ جا پابند آهيون.


پر شريعت جي انهيءَ حڪم جي ڪري گناهہ کي ڄڻ وجھہ ملي ويو جو هن مون ۾ هر طرح جي لالچ پيدا ڪئي، ڇاڪاڻ تہ شريعت کان سواءِ گناهہ مئل آهي.


انهيءَ جو سبب هي آهي تہ انساني فطرت واري سوچ خدا جي دشمن آهي، ڇاڪاڻ تہ اها نہ خدا جي حڪمرانيءَ جي تابع آهي، نڪي ٿي سگھي ٿي.


جيئن تہ شريعت جي وسيلي آءٌ گنهگار قرار ڏنو ويو آهيان، سو شريعت جي نسبت ۾ آءٌ مري ويو آهيان، تہ جيئن خدا جي نسبت ۾ جيئرو رهان.


اهو ئي سبب آهي جو جيڪي بہ خدا ڏانهن سچار بڻجڻ لاءِ شريعت تي عمل ڪرڻ تي ڀروسو ڪن ٿا، سي سڀيئي لعنت هيٺ اچن ٿا، ڇاڪاڻ تہ پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ ”جيڪي ڳالهيون شريعت جي ڪتاب ۾ لکيل آهن، تن سڀني تي عمل ڪرڻ ۾ جيڪو قائم نہ ٿو رهي، سو لعنتي آهي.“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan