رومين 7:10 - Muslim Sindhi Bible10 ۽ آءٌ مري ويس. اهڙيءَ طرح معلوم ٿيو تہ شريعت وارو اهو حڪم جنهن جو مقصد مون کي زندگي بخشڻ هو، سو ئي منهنجي لاءِ موت جو سبب بڻجي پيو. Faic an caibideilSindhi Bible10 جنهن حڪم جي مراد هئي تہ زندگي ملي، سو منهنجي حق ۾ موت جو سبب ٿي پيو. Faic an caibideilHindu Sindhi Bible10 ۽ آءٌ مري ويس. اهڙيءَ طرح سڌ پيئي تہ نيم وارو اهو حڪم جنهن جو مقصد مون کي جيون بخشڻ هو، سو ئي منهنجي لاءِ موت جو سبب بڻجي پيو. Faic an caibideilCommon Language New Testament10 اھو ئي شرعي حڪم جنھن جو مقصد مون کي زندگي بخشڻ ھو، سو ئي منھنجي لاءِ موت جو سبب بڻجي پيو. Faic an caibideil |
پر بني اسرائيل قوم بيابان ۾ ئي منهنجي خلاف بغاوت ڪئي. هو منهنجي قاعدن قانونن تي نہ هليا ۽ منهنجي حڪمن کي ڇڏي ڏنائون، جن تي عمل ڪرڻ سان انسان جيئرو رهي ٿي سگھيو. هنن منهنجي سبت وارن ڏينهن جي بہ تمام گھڻي بيحرمتي ڪئي. تڏهن مون فيصلو ڪيو تہ آءٌ بيابان ۾ ئي بني اسرائيل تي پنهنجو غضب نازل ڪريان، تانتہ اهي چٽ ٿي وڃن.
پر سندن نوجوان نسل بہ مون سان بغاوت ڪئي. هو منهنجي قاعدن قانونن تي نہ هليا، نڪي منهنجي حڪمن کي مڃيندي انهن تي عمل ڪيائون، جن تي جيڪڏهن ڪو انسان عمل ڪري تہ جيئرو رهي ٿو سگھي. هنن منهنجي سبت جي ڏينهن جي بيحرمتي ڪئي. تڏهن مون فيصلو ڪيو تہ انهن تي پنهنجو قهر ۽ غضب نازل ڪري بيابان ۾ ئي کين چٽ ڪري ڇڏيان.