Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




رومين 4:9 - Muslim Sindhi Bible

9 ڇا اها سڀاڳائي دائود رڳو انهن لاءِ چئي آهي جيڪي طهريل آهن؟ نہ. پر ان جو واسطو انهن سان بہ آهي جيڪي طهريل نہ آهن، ڇاڪاڻ تہ اسان اڳ ۾ بيان ڪيو آهي تہ ابراهيم جي ايمان رکڻ جي ڪري ئي خدا کيس پاڻ ڏانهن سچار ڪري ليکيو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

9 تڏهن اها برڪت مختونن جي ئي لاءِ آهي، يا انهن جي لاءِ بہ جيڪي نامختون آهن؟ ڇالاءِ جو اسين چئون ٿا تہ ابراهيم جي لاءِ سندس ايمان راستبازي ليکيو ويو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

9 ڇا اها سڀاڳائي دائود رڳو انهن لاءِ چئي آهي جن جو ختنو ٿيل آهي؟ نہ. پر ان جو واسطو انهن سان بہ آهي جن جو ختنو ٿيل نہ آهي، ڇاڪاڻ تہ اسان اڳ ۾ بيان ڪيو آهي تہ ابرهام جي وشواس رکڻ جي ڪري ئي ايشور کيس پاڻ ڏانهن سچار ڪري ليکيو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

9 ڇا اھا سڀاڳائي دائود رڳو انھن لاءِ چئي آھي جيڪي طھريل آھن؟ نہ. پر ان جو واسطو انھن سان بہ آھي جيڪي طھريل نہ آھن، ڇاڪاڻ⁠تہ اسان اڳ ۾ چيو آھي تہ ”ابراھيم خدا تي ايمان آندو ۽ سندس ايمان جي ئي ڪري خدا کيس سچار ليکيو.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




رومين 4:9
14 Iomraidhean Croise  

ابرام خداوند تي يقين ڪيو، انهيءَ ڪري خدا کيس پاڻ ڏانهن سچار ڪري قبوليو.


هاڻ اهو ئي خداوند مون کي فرمائي ٿو تہ ”تون نہ رڳو انهيءَ لاءِ منهنجو ٻانهو بڻيو آهين، جو بني اسرائيل جي باقي بچيلن کي موٽائي آڻين، ۽ سندن قبيلن کي نئين سر آباد ڪرين، بلڪ انهيءَ کان وڌيڪ مون تہ تو کي غير قومن لاءِ بہ روشني بڻايو آهي، انهيءَ لاءِ تہ تون پوريءَ دنيا جي لاءِ منهنجي طرفان امن وَ خوشحاليءَ جو سبب بڻجين.


يعني غير قومن واسطي تنهنجي رستي تي هلڻ لاءِ روشنائي، ۽ تنهنجي قوم بني اسرائيل لاءِ وڏائي.“


ابراهيم جي اها سڀاڳائي ڪڏهن ليکي ويئي؟ سندس طهر ڪرائڻ کان اڳ ۾ ليکي ويئي يا پوءِ؟ اها ابراهيم جي طهر ڪرائڻ کان پوءِ نہ، پر اڳ ۾ ليکي ويئي هئي.


ڇاڪاڻ تہ پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ ”ابراهيم خدا تي ايمان آندو، تنهنڪري خدا کيس پاڻ ڏانهن سچار ڪري قبوليو.“


هي انهيءَ ڪري ٿيو تہ جيئن ابراهيم سان واعدي ڪيل برڪت عيسيٰ مسيح ۾ غير قومن تائين بہ پهچي ۽ اسين سڀيئي ايمان آڻڻ جي وسيلي اهو پاڪ روح حاصل ڪريون جنهن جو واعدو ڪيو ويو آهي.


جيتوڻيڪ آءٌ مسيح ۾ چونڊي پاڪ ڪيلن منجھہ سڀني کان گھٽ آهيان، تنهن هوندي بہ خدا اهو فضل مون کي عطا ڪيو تہ آءٌ غير قومن کي مسيح جي بي‌انداز دولت جي خوشخبري ٻڌايان


نئين فطرت واري حالت ۾ نہ ڪو يهودي آهي نہ غير يهودي، نہ ڪو طهريل آهي نہ اڻ‌طهريل، نہ ڪو جھنگلي آهي نہ وحشي، نہ ڪو غلام آهي نہ آزاد، پر مسيح ئي سڀ ڪجھہ آهي ۽ اهو اوهان سڀني ۾ آهي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan