Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




رومين 3:11 - Muslim Sindhi Bible

11 ڪوبہ سمجھو نہ آهي، ڪوبہ خدا جو طالبو نہ آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

11 سمجهدار ڪوبہ ڪونهي، ڪوبہ اهڙو ناهي، جو خدا جو طالب هجي؛

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

11 ڪوبہ سمجھو نہ آهي، ڪوبہ ايشور جو ڳولائو نہ آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

11 ڪوبہ سمجھو نہ آھي، ڪوبہ خدا جو طالبو نہ آھي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




رومين 3:11
25 Iomraidhean Croise  

خدا عرش عظيم کان بني آدم تي نگاهہ ڪري ٿو، انهيءَ لاءِ جو هو ڏسي تہ ڇا ڪو سمجھو ۽ سندس طالب آهي.


خدا چوي ٿو تہ ”ڇا انهن بدڪارن کي ڪا سمجھہ ڪانهي؟ هو منهنجي ماڻهن کي ائين ٿا کائين جيئن ماني کائبي آهي. اُهي مون خدا جو نالو ڪڏهن بہ نہ ٿا وٺن.“


اي منهنجي قوم وارؤ! اوهين ڪيڏا نہ جاهل آهيو! ڪجھہ تہ ويچار ڪريو. اي بي‌وقوف انسانؤ! اوهان کي ڪڏهن عقل ايندو؟


”اي نادانؤ! ڪيستائين اوهين پاڻ کي بي‌وقوف بڻائيندا رهندا؟ ڪيستائين اوهين مون ڏاهپ تي کل ٺٺوليون ڪندا رهندا؟ ڪيستائين اوهين جهالت وچان سمجھہ کي ڌڪاريندا رهندا؟


خداوند جو خوف رکو، ڇاڪاڻ تہ اها ئي سمجھہ جي شروعات آهي. جيڪي ڏاهپ ۽ سٺي تربيت حاصل ڪرڻ کان انڪار ٿا ڪن سي بي‌عقل آهن.


جڏهن وڻن جا اهي ڏار سڪي سڙي ڀڄي پون ٿا، تڏهن عورتون انهن کي ميڙي ٻارڻ جي ڪم ٿيون آڻين. پر هيءَ قوم انهن ڳالهين کي سمجھي ئي ڪونہ ٿي، تنهنڪري سندن خالق مٿن ڪو رحم نہ ٿو ڪري. هائو، سندن جوڙيندڙ مٿن مهربان نہ ٿو ٿئي.


ويل آهي انهن لاءِ! جيڪي مدد گھرڻ لاءِ مصر ڏانهن ٿا ڊوڙن. اهي مصر جي بي‌شمار گھوڙن، ۽ جنگي گھوڙي گاڏين تي ڀاڙي ويهن ٿا، ۽ انهن جي سوارن تي اهو سمجھندي ڀروسو ٿا ڪن تہ اهي نهايت طاقتور آهن. پر اهي خداوند، بني اسرائيل جي پاڪ معبود تي ڀروسو نہ ٿا ڪن ۽ انهيءَ کان مدد نہ ٿا گھرن.


سو خداوند آڏو توبهہ‌تائب ٿيو ۽ کانئس دعا گھرو. هائو، خدا کي پڪاريو، جو هي سندس قبوليت جو وقت آهي.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”آءٌ پنهنجي قوم جي ماڻهن جون دعائون قبول ڪرڻ لاءِ تيار هئس، پر هنن دعا ئي نہ گھري. آءٌ تيار هئس تہ هو منهنجي مرضي معلوم ڪن، پر هنن تہ اهڙي ڪوشش ئي نہ ڪئي. اها ئي قوم هئي، جنهن منهنجي عبادت کان انڪار ڪري ڇڏيو هو، جيتوڻيڪ مون کين چيو هو تہ ’اِجھو، آءٌ اوهان جي ويجھو آهيان، آءٌ اوهان جي مدد ڪندس.‘


اسرائيل وارا ماڻهو اڃا بہ پنهنجي انهيءَ سيکت ڏيڻ واري آڏو توبهہ‌تائب نہ ٿيا آهن، نڪي انهيءَ قادرِمطلق خداوند جا طالبو ئي بڻيا آهن.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”بيشڪ منهنجي قوم بي‌عقل آهي، اها مون کي نہ ٿي سڃاڻي. اهي بي‌سمجھہ ٻارن جيان آهن، جن کي ڪابہ سمجھہ ڪونهي. اُهي بڇڙائي ڪرڻ ۾ تہ ماهر آهن، پر نيڪي ڪرڻ نہ ٿا ڄاڻن.“


۽ منهنجي قوم مون بابت ڄاڻ نہ رکڻ ڪري تباهہ وَ برباد ٿي ويندي. جيئن تہ اوهان ڪاهنن مون بابت ڄاڻ ڏيڻ کي ڄاڻي‌واڻي وساري ڇڏيو آهي، تنهنڪري آءٌ بہ اوهان کي وساري ڇڏيندس، هاڻي اوهين منهنجا ڪاهن نہ رهندا. هائو، جيئن تہ اوهان مون پنهنجي خدا جي شريعت کي وساري ڇڏيو آهي، سو آءٌ بہ اوهان جي اولاد کي بلڪل ئي وساري ڇڏيندس.


اسرائيل وارا مغروريءَ جي ڪري بدڪار ٿي ويا آهن، ۽ اها مغروري سندن منهن مان پئي ظاهر ٿئي. تنهن هوندي بہ هو مون خداوند پنهنجي خدا آڏو توبهہ‌تائب ڪين ٿا ٿين، ۽ ڪنهن بہ صورت ۾ هو منهنجا طالبو نہ ٿا ٿين.


اهي جيڪي آسمان جي بادشاهيءَ جو پيغام ٻڌن ٿا پر سمجھن نہ ٿا، سي انهيءَ رستي مثل آهن جتي داڻا ڪريا. شيطان اچي انهن جي دل مان اهي پوکيل داڻا ڪڍي ٿو وٺي.


هنن دعويٰ ٿي ڪئي تہ ”اسين سياڻا آهيون،“ پر بي‌وقوف ثابت ٿيا.


جهڙيءَ طرح هنن خدا کي مڃڻ کان منهن موڙيو، تهڙيءَ طرح خدا بہ کين گندي سوچ ۾ ڇڏي ڏنو، تہ ڀلي وڃي نالائقيءَ وارا ڪم ڪن.


جيئن پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ ”ڪوبہ سچار نہ آهي، هڪڙو بہ نہ.


سڀني ماڻهن خدا کان منهن موڙيو آهي، سڀيئي گمراهہ ٿي ويا آهن. ڪوبہ نيڪي ڪندڙ ڪونهي، نہ، هڪڙو بہ نہ.


انهيءَ جو سبب هي آهي تہ انساني فطرت واري سوچ خدا جي دشمن آهي، ڇاڪاڻ تہ اها نہ خدا جي حڪمرانيءَ جي تابع آهي، نڪي ٿي سگھي ٿي.


ڏس، اسين ڪنهن وقت نادان، نافرمان، گمراهہ ۽ طرح طرح جي نفساني خواهشن ۽ عياشين جا غلام هئاسين. اسين بغض ۽ حسد جي حالت ۾ گذاريندا هئاسين، نفرت جي لائق هئاسين ۽ هڪٻئي سان بہ نفرت ڪندا هئاسين.


اسين اهو بہ ڄاڻون ٿا تہ خدا جو فرزند هن دنيا ۾ آيو آهي. هن اسان کي سمجھہ بخشي آهي تہ جيئن اسين انهيءَ هستيءَ کي ڄاڻون جيڪو حقيقي آهي ۽ اسين انهيءَ حقيقيءَ ۾ سندس فرزند عيسيٰ مسيح ۾ هئڻ ڪري آهيون. اهو ئي حقيقي خدا ۽ دائمي زندگي آهي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan