Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




رومين 3:1 - Muslim Sindhi Bible

1 تہ پوءِ يهودي هئڻ يا طهر ڪرائڻ جو ڪو فائدو آهي؟

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

1 تڏهن يهوديءَ کي ڪهڙو نفعو آهي؟ يا ختني مان ڪهڙو فائدو آهي؟

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

1 تہ پوءِ يهودي هئڻ يا ختنو ڪرائڻ جو ڪو فائدو آهي؟

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

1 تہ پوءِ يھودي ٿي طھر ڪرائڻ مان ڪھڙو فائدو آھي؟

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




رومين 3:1
12 Iomraidhean Croise  

عيسوءَ چيو تہ ”ٺيڪ آهي. آءٌ مرڻ تي آهيان. پوءِ پهريتي هئڻ جي حق مان مون کي ڪهڙو فائدو رسندو؟“


هن ٻي ڪنهن بہ قوم کي اهڙيءَ نموني پنهنجي قاعدن قانونن کان آگاهہ ڪين ڪيو آهي. خداوند جي واکاڻ ڪريو.


جيترو انسان گھڻو ڳالهائيندو اوترو وڌيڪ منجھي پوندو ۽ انهيءَ مان کيس ڪوبہ فائدو ڪونہ ملندو.


اهڙيءَ حالت ۾ عقلمند ماڻهو بي‌وقوف کان ڪهڙي ڳالهہ ۾ وڌيڪ آهي؟ يا اهو غريب ماڻهو جيڪو زندگي گذارڻ ڄاڻي ٿو تنهن کي ڪهڙو فائدو حاصل ٿئي ٿو؟


ڇا اوهان اهو نہ چيو آهي تہ ’خداوند جي فرمانبرداري ڪرڻ اجائي آهي. سو قادرِمطلق خداوند جا حڪم مڃڻ ۽ سندس اڳيان سوڳ واريءَ حالت ۾ رهڻ مان ڪهڙو فائدو؟‘


اوهين سامري انهيءَ جي عبادت ڪريو ٿا جنهن کي اوهين نہ ٿا ڄاڻو. جڏهن تہ اسين يهودي انهيءَ جي عبادت ڪريون ٿا جنهن کي اسين ڄاڻون ٿا، ڇاڪاڻ تہ يهودين منجھان ئي ڇوٽڪارو آهي.


هائو، هر طرح جو فائدو آهي. خاص طور هي فائدو آهي جو خدا جا قول کين ئي سونپيا ويا آهن.


پوءِ ڀلا، اسين يهودي ڪنهن بہ نموني ٻين قومن کان بهتر آهيون ڇا؟ نہ، هرگز نہ. هن بحث دوران اسين اڳ ئي مڃي چڪا آهيون تہ يهودي توڙي غير يهودي سڀيئي هڪجهڙا گناهہ جي قبضي ۾ آهن،


جيڪڏهن آءٌ رڳو هن ئي زندگيءَ لاءِ اِفسس شهر ۾ ڄڻ تہ جھنگلي جانورن سان وڙهيس تہ پوءِ مون کي ڪهڙو فائدو رسيو؟ جيڪڏهن مئل جيئرا ڪري نہ ٿا اٿاريا وڃن تہ پوءِ ڇو نہ کائي پي وٺون، ڇو تہ سڀاڻي مري کپي وينداسين.


جدا جدا قسمن جي عجيب تعليم تي لڳي گمراهہ نہ ٿيو. اوهان جي لاءِ چڱو اهو آهي تہ دلين کي خدا جي فضل جي وسيلي پختو رکو، نڪي رسمي کاڌن کائڻ جي وسيلي، جن مان ڪوبہ فائدو حاصل ڪونہ ٿو ٿئي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan