Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




رومين 2:16 - Muslim Sindhi Bible

16 مطلب تہ منهنجي ٻڌايل خوشخبريءَ مطابق اهو سڀ انهيءَ ڏينهن ٿيندو، جڏهن خدا عيسيٰ مسيح جي معرفت ماڻهن جي دلين جي لڪل ڳالهين جو فيصلو ڪندو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

16 انهي ڏينهن لاءِ، جڏهن خدا منهنجي خوشخبريءَ موجب يسوع مسيح جي وسيلي ماڻهن جي پوشيدہ ڳالهين جو انصاف ڪندو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

16 مطلب تہ منهنجي ٻڌايل خوشخبريءَ مطابق اهو سڀ انهيءَ ڏينهن ٿيندو، جڏهن ايشور يسوع مسيح جي معرفت ماڻهن جي دلين جي لڪل ڳالهين جو فيصلو ڪندو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

16 انھن ڳالھين جو فيصلو انھيءَ ڏينھن ٿيندو جنھن ڏينھن خدا عيسيٰ مسيح جي معرفت ماڻھن جي دلين جي لڪل ڳالھين جو فيصلو ڪندو ۽ اھو منھنجي انھيءَ خوشخبريءَ مطابق آھي جنھن جي آءٌ تبليغ ٿو ڪريان.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




رومين 2:16
31 Iomraidhean Croise  

پڪ تون سچارن کي بدڪارن سان گڏ نہ ماريندين. ائين نہ ٿو ٿي سگھي، تون ائين نہ ٿو ڪري سگھين. جيڪڏهن ائين ڪندين تہ پوءِ سچار بدڪارن جهڙا ليکبا. ائين نہ ٿو ٿي سگھي. سڄي دنيا جي انصاف ڪرڻ واري کي انصاف ڪرڻو آهي.“


آسمان خدا جي سچائيءَ کي بيان ٿا ڪن، ڇاڪاڻ تہ خدا پاڻ ئي انصاف ڪندڙ آهي.


هائو، اهي خداوند جي حضور ۾ ڳائين، ڇاڪاڻ تہ هو دنيا وارن جو انصاف ڪرڻ لاءِ اچي رهيو آهي. هو انصاف ۽ سچائيءَ سان جهان جي قومن جي عدالت ڪندو.


ڇاڪاڻ تہ هو اچي ٿو، تان‌تہ دنيا وارن جو انصاف ڪري. هائو، هو انصاف ۽ سچائيءَ سان دنيا جي قومن جي عدالت ڪندو.


اي نوجوانؤ! جيستائين اوهين جوان آهيو، تيستائين جائز خوشيون ملهايو ۽ زندگيءَ جا مزا ماڻيو. اوهان جي دل جيڪي چاهي سو ڪريو. ڀلي تہ اوهين زندگيءَ جو جائز لطف حاصل ڪريو. پر اهو ڄاڻي ڇڏيو تہ اوهان جي سڀني خيالن ۽ ڪمن جو حساب ڪتاب ڪرڻ لاءِ خدا اوهان کي پنهنجي عدالت ۾ ضرور سڏائيندو.


بيشڪ خدا اسان جو هر ڪيل ڪم پنهنجيءَ عدالت ۾ آڻيندو ۽ انهيءَ موجب اسان کي بدلو ڏيندو، پوءِ اهو چڱو ڪم هجي يا برو، توڙي جو اهو ڳجھيءَ طرح ڪيو ويو هجي.


پر مون پنهنجيءَ دل ۾ چيو تہ خدا نيڪن توڙي بدڪارن ٻنهي جو انصاف ڪندو، ڇاڪاڻ تہ مون ڏٺو آهي تہ مناسب وقت تي هر شيءِ ۽ هر ڪم ٿيندو رهي ٿو.


ڏسو، ابنِ آدم پنهنجي پيءُ جي جلوي ۾ ملائڪن سان گڏ جلد ايندو ۽ هر هڪ ماڻهوءَ کي سندس عملن موجب اجر ڏيندو.


مطلب تہ اهڙي ڪابہ شيءِ لڪل نہ آهي جيڪا پڌري نہ ڪئي ويندي ۽ ڪابہ ڳالهہ ڳجھي نہ آهي جنهن جي خبر نہ پوندي ۽ جيڪا ظاهر نہ ٿيندي.


جيڪو مون کي ۽ منهنجي ڳالهين کي قبول نہ ٿو ڪري، تنهن کي گنهگار قرار ڏيڻ وارو هڪڙو ئي آهي، يعني منهنجو پيغام، جيڪو آخرت جي ڏينهن هن کي گنهگار قرار ڏيندو.


عيسيٰ مسيح اسان کي حڪم ڏنو تہ اسين ماڻهن ۾ هن بابت خوشخبريءَ جي منادي ڪريون ۽ کين آگاهہ ڪري ڇڏيون تہ هو ئي اهو آهي جنهن کي خدا مئل ۽ جيئرن ماڻهن جو فيصلو ڪندڙ مقرر ڪيو آهي.


ڇاڪاڻ تہ هن هڪ ڏينهن مقرر ڪري ڇڏيو آهي، جنهن تي هو انصاف سان سڄي جهان جو فيصلو انهيءَ ماڻهوءَ جي معرفت ڪندو، جنهن کي هن اڳ ۾ ئي مقرر ڪري ڇڏيو آهي. انهيءَ لاءِ هن کيس مئلن مان وري جيئرو ڪري هر ڪنهن تي اها ڳالهہ ثابت ڪري ڇڏي آهي.“


جيڪو راز گھڻي وقت کان وٺي ڳجھو رکيو ويو هو، سو هاڻي ابدي خدا جي حڪم موجب نبين جي لکتن جي وسيلي سڀني قومن تي پڌرو ڪيو ويو آهي، انهيءَ لاءِ تہ اهي ايمان آڻي فرمانبردار ٿين. عيسيٰ مسيح جي جنهن خوشخبريءَ جي آءٌ منادي ٿو ڪريان تنهن ۾ انهيءَ راز جي ظاهر ٿيڻ موجب شل خدا اوهان کي ايمان ۾ مضبوط ڪري.


پر تنهنجي دل ايڏي سخت ٿي ويئي آهي جو تون توبهہ نہ ٿو ڪرين، سو تون تہ خدا جي انهيءَ قهر واري ڏينهن واسطي پاڻ پنهنجي لاءِ غضب ميڙي گڏ پيو ڪرين، جنهن ڏينهن خدا جو پورو پورو انصاف ظاهر ٿيندو.


ائين بلڪل نہ آهي، ڇاڪاڻ تہ جيڪڏهن ائين هجي تہ پوءِ خدا ڪيئن جهان جي عدالت ڪندو؟


هاڻي اي ڀائرو ۽ ڀينرون! آءٌ اوهان جو ڌيان انهيءَ خوشخبريءَ ڏانهن ڏياريان ٿو، جيڪا اوهان کي ٻڌائي هئم. اوهان اها قبول ڪئي هئي ۽ انهيءَ تي قائم بہ آهيو.


تنهنڪري خداوند عيسيٰ جي اچڻ تائين ترسو ۽ مقرر وقت کان اڳي ڪنهن بہ ڳالهہ جو فيصلو نہ ڪريو، ڇاڪاڻ تہ اهو ئي اوندهہ ۾ لڪل ڳالهيون روشنيءَ ۾ آڻيندو ۽ ماڻهن جي دلين جا منصوبا ظاهر ڪندو. تڏهن خدا جي طرفان هر مناسب سوچ رکندڙ جي تعريف ڪئي ويندي.


انهيءَ جو سبب هي آهي تہ اسان سڀني کي مسيح جي عدالت اڳيان پيش ٿيڻو آهي، تہ جيئن هر ڪنهن کي انهن ڪمن جو بدلو ملي، جيڪي هن جسم ۾ رهي ڪيا آهن، پوءِ اهي چڱا هجن يا بڇڙا.


اي ڀائرو ۽ ڀينرون! آءٌ اوهان کي کولي ٻڌائڻ ٿو گھران تہ جيڪا خوشخبري مون اوهان کي ٻڌائي آهي، سا انساني سوچ مان ٺهيل نہ آهي.


اها صحيح تعليم سڳوري خدا جي انهيءَ عظمت ڀري خوشخبريءَ موجب آهي، جيڪا منهنجي حوالي ڪئي ويئي آهي.


اها ڳالهہ سدائين ياد رک تہ عيسيٰ مسيح، جيڪو دائود جي نسل مان آهي، تنهن کي مئلن مان جيئرو ڪيو ويو آهي. اها ئي منهنجي خوشخبري آهي.


هاڻ آءٌ تو کي تاڪيد ٿو ڪريان تہ خدا ۽ عيسيٰ مسيح، جيڪو وري اچي بادشاهہ جي حيثيت سان ظاهر ٿيندو ۽ جيئرن توڙي مئلن جي عدالت ڪندو، تن ٻنهي کي حاضر ناظر ڄاڻي


هاڻي سچائيءَ جو تاج مون لاءِ رکيل آهي. اهو تاج، خداوند عيسيٰ، جيڪو عادل جج آهي سو عدالت واري ڏينهن تي مون کي پارائيندو، نہ رڳو مون کي بلڪ انهن سڀني کي بہ، جيڪي سندس ظاهر ٿيڻ لاءِ واجھائي رهيا آهن.


جهڙيءَ طرح هر انسان جو هڪڙي ئي ڀيري مرڻ ۽ پوءِ خدا جي عدالت ۾ پيش ٿيڻ مقرر ٿيل آهي،


پر کين خدا کي حساب ڏيڻو پوندو، جيڪو جيئرن توڙي مئلن جي عدالت ڪرڻ لاءِ تيار آهي.


انهن مثالن مان اهو ظاهر ٿو ٿئي تہ خداوند ڄاڻي ٿو تہ ديندارن کي آزمائش کان ڪيئن بچائي ۽ بدڪارن کي عدالت جي ڏينهن تائين ڪهڙيءَ طرح سزا هيٺ رکي،


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan