Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




رومين 2:10 - Muslim Sindhi Bible

10 پر جيڪي نيڪ ڪم ڪن ٿا تن سڀني کي خدا عزت، عظمت ۽ سلامتي بخشيندو، نہ رڳو يهودين کي جيڪي پهريائين چونڊيا ويا، بلڪ غير قومن کي بہ،

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

10 پر وڏائي ۽ عزت ۽ سلامتي سڀ ڪنهن چڱي ڪم ڪندڙ کي ملندي، پهرين يهوديءَ کي، ۽ پوءِ يونانيءَ کي؛

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

10 پر جيڪي نيڪ ڪم ڪن ٿا تن سڀني کي ايشور مان، مهانتا ۽ شانتي بخشيندو، نہ رڳو يهودين کي جيڪي پهريائين چونڊيا ويا، بلڪ غير قومن کي بہ،

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

10 پر جيڪي چڱا ڪم ڪن ٿا تن کي خدا شان، عزت ۽ سلامتي ڏيندو، پھريائين يھودين کي پوءِ غير قومن کي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




رومين 2:10
45 Iomraidhean Croise  

هاڻ اي ايوب! خدا وٽ پيش پئُہ تہ سلامت رهين، ائين ڪرڻ سان تو کي خوشحالي نصيب ٿيندي.


بيشڪ اتي اهي ئي شخص رهندا، جيڪي تابعداريءَ سان هلن ٿا، جيڪي نيڪيءَ جا ڪم ٿا ڪن ۽ سدائين سچ ڳالهائين ٿا.


شل اهو خداوند پنهنجي قوم کي طاقت عطا ڪري. هائو، شل هو پنهنجي قوم کي سلامتي ۽ خوشحالي بخشي.


مگر نيڪ ماڻهن تي نظر ڪريو ۽ سچارن ڏانهن نهاريو، ڏسو تہ امن پسند ماڻهن جو مستقبل ڪيڏو نہ روشن آهي!


بدڪار ماڻهو حقيقت ۾ ڪجھہ بہ حاصل نہ ٿا ڪن، مگر نيڪي ڪندڙن کي انهيءَ جو اجر ضرور ملي ٿو.


آءٌ ئي انسان کي دولتمند ۽ عزتدار بڻائي ٿي سگھان. هائو، دائمي دولت ۽ سچائيءَ جو ڦل مون وٽ ئي آهي.


اي خداوند! تون ئي اسان کي سلامتي بخشيندين، ڇاڪاڻ تہ جيڪي ڪجھہ اسان کي حاصل ٿئي ٿو، سو سڀ تنهنجي ڪمن جو ئي نتيجو آهي.


جيئن تہ هر ڪو سچائيءَ وارا ڪم ڪرڻ لڳندو، تنهنڪري هميشہ جي لاءِ سلامتي ۽ آرام وَ اطمينان ٿي ويندو.


ڪاش! اوهين منهنجا حڪم ٻڌو ها تہ چڱو هو، پوءِ جيڪر اوهان جي سلامتي نديءَ وانگر هميشہ وهندي رهي ها، ۽ اوهان جي فتح ۽ ڪاميابي سمنڊ جي ڇولين وانگر ڪڏهن نہ رڪجن ها.


پر بدڪارن بابت خداوند جو فرمان آهي تہ هنن لاءِ ڪا سلامتي ڪانهي.


هاڻي اوهين بابل مان خوشيون ڪندي نڪري ايندا، ۽ سلامتيءَ سان روانا ڪيا ويندا. جبل ۽ ٽڪريون اوهان جي اڳيان گيت ڳائڻ لڳندا، ۽ سڀيئي وڻ تاڙيون وڄائيندا.


جنهن جو قول پنهنجو پاڻ فعل جي صورت اختيار ٿو ڪري، آءٌ اهو ئي خداوند چوان ٿو تہ آءٌ سڀني کي سلامتي بخشيندس، توڙي اهي ويجھو هجن يا پري. هائو، آءٌ پنهنجي قوم کي ضرور بحالي عطا ڪندس.


تنهن هوندي بہ ڪو وقت ايندو جڏهن آءٌ انهيءَ کي وري اڏيندس ۽ ان جي رهاڪن کي بحال ڪندس. آءٌ پنهنجي قوم کي خوشحالي بخشيندس ۽ کين دائمي امن ۽ سلامتي عطا ڪندس.


شال خداوند اوهان تي ڪرم جي نگاهہ ڪري ۽ اوهان کي سلامتي ۽ خوشحالي بخشي.‘


جيڪڏهن گھر جي مالڪ سلام وراڻيو تہ اوهان جو سلام مٿس رهندو، پر جيڪڏهن نہ ورائيندو تہ اوهان جو سلام اوهان ڏانهن موٽي ايندو.


جيڪا سلامتيءَ واري رستي جي رهنمائي ڪرڻ لاءِ اسان سڀني تي چمڪندي، جيڪي اونداهيءَ ۽ موت جي پاڇي ۾ رهون ٿا.“


سڀاڳا آهن اهي نوڪر، جن کي سندن مالڪ اچڻ سان سجاڳ ٿو ڏسي. سچ پڇو تہ هو سندرو ٻڌي بيهندو ۽ کين کارائڻ لاءِ پنهنجي سر پاڻ بيهي سندن خدمت ڪندو.


۽ چيائين تہ ”ڪاش، اي يروشلم جي وسندي! تون اڄوڪي ڏينهن سڃاڻي وٺين ها تہ تنهنجي سلامتي ڪهڙين ڳالهين ۾ آهي. پر هاڻي تہ اهي تنهنجي اکين کان لڪل آهن.


جڏهن اها گھڙي اچي پهتي تہ عيسيٰ رسولن سان گڏجي دسترخوان تي ويٺو.


پوءِ شاگردن کي چيائين تہ ”جيڪو هن ننڍي ٻار کي منهنجي ڪري قبول ٿو ڪري، سو مون کي قبول ڪري ٿو ۽ جنهن مون کي قبول ڪيو، تنهن خدا کي قبول ڪيو جنهن مون کي موڪليو آهي، ڇاڪاڻ تہ جيڪو اوهان جي نظر ۾ ننڍو آهي سو ئي وڏو آهي.“


جيڪو منهنجي خدمت ڪرڻ چاهي سو منهنجي پيروي ڪري، تہ جيئن جتي آءٌ آهيان اتي منهنجو خدمتگار بہ هجي. منهنجو پيءُ انهيءَ کي عزت بخشيندو جيڪو منهنجي خدمت ڪندو.“


آءٌ اوهان کي سلامتي ڏيئي ٿو وڃان، اهڙي نہ ٿو ڏيان جهڙي دنيا ڏئي ٿي، بلڪ پنهنجي سلامتي ڏيان ٿو. سو اوهين پنهنجيءَ دل ۾ پريشان نہ ٿيو، نڪي ڊڄو.


مون اهي ڳالهيون اوهان کي انهيءَ لاءِ ٻڌايون آهن تہ جيئن مون ۾ اوهان کي سلامتي ملي. دنيا ۾ اوهين تڪليفون سهندا رهو ٿا، پر همت نہ هاريو. مون دنيا تي فتح حاصل ڪئي آهي.“


بلڪ جيڪو خدا جو خوف رکي ٿو ۽ سچائيءَ وارا ڪم ڪري ٿو سو ئي وٽس قبول پوي ٿو، پوءِ ڀلي اهو ڪنهن بہ قوم مان هجي.


ياد رک، خدا جي بادشاهي کائڻ پيئڻ تي مدار نہ ٿي رکي، بلڪ اها سچائيءَ، ڀائيچاري ۽ انهيءَ خوشيءَ تي ٻڌل آهي جيڪا اسان ۾ پاڪ روح جي هئڻ ڪري آهي.


هاڻ جڏهن تہ اوهين ايمان تي قائم آهيو، تڏهن شل اميد بخشيندڙ خدا اوهان کي خوشيءَ ۽ سلامتيءَ سان ڀرپور ڪري، تہ جيئن پاڪ روح جي قدرت سان اوهان جي اميد ۾ گھڻو واڌارو ايندو وڃي.


جيڪي نيڪ ڪم ڪرڻ ۾ ثابت قدم رهندي عزت، عظمت ۽ بقا جا طالب آهن، تن کي خدا دائمي زندگي ڏيندو.


بيشڪ جيڪي بڇڙا ڪم ڪن ٿا تن سڀني تي مصيبت ۽ تڪليف نازل ٿيندي، نہ رڳو يهودين تي جيڪي پهريائين چونڊيا ويا، بلڪ غير قومن تي بہ.


جيئن تہ اسين ايمان رکڻ جي ڪري خدا ڏانهن سچار بڻايا ويا آهيون، تنهنڪري اسان جو پنهنجي خداوند عيسيٰ مسيح جي وسيلي خدا سان ميل ميلاپ ٿي ويو آهي.


انساني فطرت واري سوچ موت آهي، پر پاڪ روح واري سوچ زندگي ۽ خدا سان ميل ميلاپ آهي.


ڇا ڪنڀر کي اهو اختيار نہ آهي جو هو ساڳي مٽيءَ جي پنوڙي مان هڪڙو قيمتي ٿانءُ بڻائي ۽ ٻيو خسيس؟


يا انهيءَ ۾ عجب جي ڪهڙي ڳالهہ آهي جو خدا پنهنجي جلوي جي دولت انهن رحم وارن ٿانوَن تي ظاهر ڪئي، جيڪي هن پنهنجي جلوي جي لاءِ اڳي ئي تيار ڪري ڇڏيا هئا،


پر پاڪ روح جو ڦل آهي پيار، خوشي، سلامتي، صبر، مهرباني، نيڪي، وفاداري،


سو جڏهن اسين عيسيٰ مسيح جا آهيون، تڏهن طهر ڪرائڻ يا نہ ڪرائڻ ڪنهن ڪم جو نہ آهي. پر رڳو مسيح تي ايمان ئي ڪم جو آهي، جنهن جو اثر محبت رکڻ مان ظاهر ٿئي ٿو.


تڏهن خدائي سلامتي، جيڪا انساني سمجھہ کان بلڪل ٻاهر آهي، سا اوهان جي دلين ۽ خيالن کي عيسيٰ مسيح ۾ محفوظ رکندي.


هاڻي شل دائمي بادشاهہ يعني غير فاني، ڏسڻ ۾ نہ ايندڙ ۽ واحد خدا جي عزت ۽ واکاڻ هميشہ هميشہ تائين ٿيندي رهي. آمين.


تو هن کي ملائڪن کان ٿورڙو گھٽ ڪيو آهي. تو هن کي عزت ۽ عظمت وارو تاج پارائي


هاڻي اوهين سمجھي ٿا سگھو تہ ابراهيم جي ايمان سندس عمل سان گڏجي ڪم ٿي ڪيو ۽ عمل جي ڪري ئي سندس ايمان ڪامل قرار ڏنو ويو.


اوهان ۾ ڏاهو ۽ سمجھُو ڪير آهي؟ انهيءَ کي گھرجي تہ هو پنهنجي چڱيءَ هلت چلت جي وسيلي اهڙي نماڻائيءَ سان اهو ثابت ڪري ڏيکاري، جيڪا ڏاهپ مان پيدا ٿئي ٿي.


انهن آزمائشن جو مقصد اهو آهي تہ اوهان جو ايمان خالص ثابت ٿئي. ڏسو، جيئن باهہ سون کي خالص بڻائي ٿي ڇڏي تيئن اوهان جو ايمان بہ آزمايو وڃي ٿو، جڏهن تہ اهو فاني سون کان گھڻو قيمتي آهي. خدا چاهي ٿو تہ اوهين عيسيٰ مسيح جي وري ظاهر ٿيڻ وقت تعريف، شان وَ شوڪت ۽ عزت جي لائق قرار ڏنا وڃو.


پوءِ جڏهن وڏو ڌنار ظاهر ٿيندو، تڏهن اوهان کي اهڙو جلويدار تاج ملندو جيڪو ڪڏهن بہ جھَڪو نہ ٿيندو.


تنهنڪري آءٌ خداوند، بني اسرائيل جو خدا چوان ٿو تہ مون برابر واعدو ڪيو هو تہ تنهنجو گھراڻو ۽ تنهنجي پيءُ جو گھراڻو منهنجي حضور ۾ ڪاهن طور هميشہ خدمت ڪندو رهي. پر هاڻي مون کان ائين ڪڏهن نہ ٿيندو، ڇاڪاڻ تہ جيڪي مون کي تعظيم ٿا ڏين، تن کي آءٌ عزت ڏيندس ۽ جيڪي مون کان منهن موڙين ٿا، سي بي‌آبرو ڪيا ويندا.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan