Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




رومين 13:5 - Muslim Sindhi Bible

5 تنهنڪري نہ رڳو سزا ملڻ جي ڊپ کان، بلڪ پنهنجي ضمير جي خاطر پڻ اوهان کي حڪومت جو تابعدار رهڻ گھرجي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

5 تنهنڪري اوهان کي نہ فقط اُنهي غضب جي ڪري، پر پنهنجي ضمير جي خاطر بہ تابعدار رهڻ کپي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

5 تنهنڪري نہ رڳو سزا ملڻ جي ڊپ کان، بلڪ پنهنجي ضمير جي خاطر پڻ اوهان کي حڪومت جي وس هيٺ رهڻ گھرجي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

5 تنھنڪري نہ رڳو سزا ملڻ جي ڊپ کان، بلڪ پنھنجي ضمير جي خاطر اوھان کي حڪومتن جو تابعدار رھڻ گھرجي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




رومين 13:5
10 Iomraidhean Croise  

ڏاهو ماڻهو جنهن کي ڄاڻ آهي سو ڪيئن سڃاتو وڃي؟ ڏاهپ سندس منهن مان پيئي چمڪي ۽ سخت چهري جي بجاءِ هن جو چهرو نرم رهي ٿو.


آءٌ اوهان کي صلاح ٿو ڏيان تہ اوهين پنهنجي بادشاهہ جي حڪمن تي عمل ڪجو، ڇاڪاڻ تہ خدا پنهنجي واعدي مطابق هن کي مقرر ڪيو آهي.


تنهنڪري آءٌ هميشہ اها ڪوشش ڪندو رهندو آهيان تہ خدا توڙي ماڻهن جو ڪو قصور نہ ڪريان، جو متان منهنجو ضمير مون کي ملامت ڪري.


اهو ئي سبب آهي جو اوهين ٽيڪس بہ ڏيندا آهيو، ڇاڪاڻ تہ حڪومتون جڏهن پنهنجا فرض پورا ٿيون ڪن تہ حقيقت ۾ اهي خدا جي لاءِ ڪم ڪن ٿيون.


اسان جي لاءِ دعا گھرندا رهو، اهو اعتماد رکندي تہ اسان جي نيت صاف آهي ۽ اسين هر طرح سان نيڪيءَ واري زندگي گذارڻ ٿا چاهيون.


هن ڪري جو جيڪڏهن ڪو ماڻهو خدا کي حاضر ناظر ڄاڻي بي‌انصافيءَ جي ڪري ڏک ۽ تڪليفون صبر سان سهي ٿو تہ اها ڳالهہ خدا وٽ قبول پوندڙ آهي.


۽ پنهنجي نيت کي صاف رکڻ سان. پوءِ جيڪي ماڻهو اوهان کي مسيح جي پوئلڳ هئڻ ڪري اوهان جي چڱي هلت چلت بابت گھٽ وڌ ٿا ڳالهائين، سي پنهنجي انهيءَ بدزبانيءَ تي شرمندا ٿيندا.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan