Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




رومين 11:2 - Muslim Sindhi Bible

2 خدا پنهنجي انهيءَ قوم کي ڪيئن رد ڪندو، جنهن کي شروع کان ئي هن پنهنجو ٿي ڄاتو! ڇا اوهين نہ ٿا ڄاڻو تہ پاڪ ڪلام ۾ الياس نبيءَ جي باري ۾ ڇا لکيل آهي؟ الياس بني اسرائيل جي خلاف خدا آڏو فرياد ڪندي چوي ٿو تہ

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

2 خدا پنهنجي اُنهيءَ اُمت کي رد ڪونہ ڪيو جنهن جي اڳيئي خبر هيس. يا اوهين نٿا ڄاڻو ڇا، تہ پاڪ ڪتاب ايلياہ جي باري ۾ ڇا ٿو فرمائي؟ ڪيئن هو اسرائيل جي برخلاف خدا جي اڳيان دانهن ٿو ڪري؟

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

2 ايشور پنهنجي انهيءَ قوم کي ڪيئن رد ڪندو، جنهن کي شروع کان ئي هن پنهنجو ٿي ڄاتو! ڇا اوهين نہ ٿا ڄاڻو تہ پوِتر شاستر ۾ ايشور جو سنديش ڏيندڙ سنت ايلياہ جي باري ۾ ڇا لکيل آهي؟ ايلياہ بني اسرائيل جي خلاف ايشور آڏو فرياد ڪندي چوي ٿو تہ

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

2 خدا پنھنجي انھيءَ قوم کي رد ڪونہ ڪيو، جنھن کي اڳي ئي چونڊيو ھئائين. اوھين پاڻ پاڪ ڪتاب جي انھيءَ لکت بابت ڄاڻو ٿا، جنھن ۾ الياس بني اسرائيل جي خلاف خدا وٽ فرياد ٿو ڪري.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




رومين 11:2
24 Iomraidhean Croise  

تڏهن يوسف هنن کي چيو تہ ”اوهان هي ڪهڙو ڪم ڪيو؟ ڇا اوهان کي خبر ڪانهي تہ مون جهڙو ماڻهو فال ذريعي سڀ ڪجھہ معلوم ڪري ٿو سگھي؟“


تڏهن بہ ڪيترن ئي سالن تائين تو کين برداشت ڪيو، ۽ پنهنجي نبين جي معرفت کين پنهنجي روح جي وسيلي نصيحتون ڪندو رهئين. تنهن هوندي بہ جڏهن هنن ڪو توجھہ نہ ڏنو، تڏهن تو هنن کي آس‌پاس وارين قومن جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيو.


اي خداوند! تون پنهنجي قوم کي اڪيلو نہ ڇڏيندين، هائو، تون پنهنجي انهن چونڊيلن کي رد نہ ڪندين.


هاڻي جڏهن ماڻهن ڏٺو تہ موسيٰ جبل تان لهڻ ۾ دير ڪئي آهي، تڏهن اهي هارون وٽ اچي گڏ ٿيا. کيس چيائون تہ ”اُٿي اسان جي لاءِ اهڙا ديوتا ٺاهہ جيڪي اسان جي رهبري ڪن، ڇاڪاڻ تہ هي شخص موسيٰ، جيڪو اسان کي مصر جي ملڪ مان ٻاهر ڪڍي آيو آهي، خبر ناهي تہ کيس ڇا ٿيو آهي.“


جهڙيءَ طرح ڪو آسمان جي ماپ ڪري نہ ٿو سگھي، نڪي زمين جو بنياد ئي ڪو لهي ٿو سگھي، تهڙيءَ طرح آءٌ بني اسرائيل کي سندن ڪيل گناهن جي باوجود بہ هرگز رد نہ ڪندس. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“


تڏهن موسيٰ کي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي ۽ خداوند کي چيائين تہ ”جيڪا قرباني هي آڻين سا تون قبول نہ ڪج. مون تہ انهن کان ڪو گڏهہ بہ ڪونہ ورتو آهي، نڪي هنن مان ڪنهن کي ڪو نقصان رسايو اٿم.“


مري ويلن جي جيئري ٿي اٿڻ بابت اوهان موسيٰ جي ڪتاب ۾ ٻرندڙ ٻوڙي واري بيان ۾ ڪين پڙهيو آهي ڇا تہ ڪيئن خدا موسيٰ سان ڳالهايو ۽ چيائينس تہ ’آءٌ ابراهيم جو خدا، اسحاق جو خدا ۽ يعقوب جو خدا آهيان.‘


عيسيٰ اردن درياءَ کان پاڪ روح سان ڀريل موٽيو ۽ پاڪ روح جي رهنمائيءَ ۾ چاليهہ ڏينهن بيابان ۾ گھمندو رهيو، جتي ابليس هن کي آزمايو. انهن ڏينهن ۾ هن ڪجھہ بہ نہ کاڌو، پر جڏهن اهي ڏينهن گذري ويا تہ پوءِ هن کي بک لڳي.


عورت کيس چيو تہ ”سائين! اوهان وٽ تہ ڪو ڏول ڪونهي ۽ کوهہ بہ اونهو آهي. پوءِ اوهين زندگيءَ جو پاڻي ڪٿان آڻيندا؟


جڏهن غير قومن اها ڳالهہ ٻڌي، تڏهن هو ڏاڍا خوش ٿيا ۽ خداوند جي انهيءَ پيغام جي واکاڻ ڪرڻ لڳا. سو انهن مان جن کي خدا دائمي زندگيءَ لاءِ چونڊي ڇڏيو هو، تن سڀني عيسيٰ مسيح تي ايمان آندو.


هي آءٌ خداوند چوان ٿو، جيڪو قديم زماني کان اهو سڀ ڪري ڏيکاريندو آيو آهيان.‘“


اي ڀائرو ۽ ڀينرون! هاڻي آءٌ ڄاڻان ٿو تہ اوهان ۽ اوهان جي اڳواڻن جيڪي ڪجھہ عيسيٰ سان ڪيو، سو اڻ‌ڄاڻائيءَ جي ڪري ڪيو.


انهن هارون کي چيو تہ ’اسان لاءِ اهڙا ديوتا ٺاهہ، جيڪي اسان جي اڳيان اڳيان هلن، ڇو تہ جنهن موسيٰ اسان کي مصر مان ڪڍي آندو هو تنهن جي خبر ئي نہ آهي تہ ساڻس ڇا ٿيو.‘


ڇا اوهين نہ ٿا ڄاڻو تہ جيڪڏهن اوهين ڪنهن جي تابعداري ڪريو ٿا تہ انهيءَ طرح اوهين پنهنجو پاڻ کي انهيءَ جا غلام ٿا بڻايو؟ هاڻي جيڪڏهن اوهين گناهہ جي تابعداري ڪندا تہ ان جو نتيجو موت آهي. پر جيڪڏهن خدا جي تابعداري ڪندا تہ ان جو نتيجو سچائي آهي.


يا انهيءَ ۾ عجب جي ڪهڙي ڳالهہ آهي جو خدا پنهنجي جلوي جي دولت انهن رحم وارن ٿانوَن تي ظاهر ڪئي، جيڪي هن پنهنجي جلوي جي لاءِ اڳي ئي تيار ڪري ڇڏيا هئا،


هاڻ جيڪڏهن اهي ڇوٽڪارو حاصل نہ ٿا ڪن تہ پوءِ خدا جو انهن سان ڪيل واعدو ڪوڙو ثابت ٿيو ڇا؟ نہ، ڇاڪاڻ تہ جيڪي بني اسرائيل قوم ۾ پيدا ٿيا آهن، تن مان سڀ حقيقي بني اسرائيل وارا نہ آهن


اوهين نہ ٿا ڄاڻو ڇا تہ مسيح ۾ چونڊي پاڪ ڪيل ئي دنيا جو انصاف ڪندا؟ سو جڏهن دنيا جو انصاف اوهان جي هٿان ٿيڻو آهي، تہ پوءِ خسيس معاملن جي فيصلن ڪرڻ جا بہ اوهين لائق نہ آهيو ڇا؟


پر جيڪو خدا سان پيار ٿو ڪري، تنهن کي خدا ڄاڻي ٿو.


جيئن تہ هن جسم ۾ جيئرو رهڻ ئي منهنجي انهيءَ خدمت واري ڪم لاءِ فائديمند آهي، تنهن هوندي بہ آءٌ نہ ٿو ڄاڻان تہ ڇا کي پسند ڪريان.


اڳئين زماني ۾ خدا اسان جي ابن ڏاڏن سان وقت بہ وقت ۽ مختلف طريقن سان نبين جي معرفت ڳالهايو.


خدا پيءُ پنهنجي ارادي موجب اڳ ۾ ئي پاڪ روح جي وسيلي اوهان کي مخصوص ڪري چونڊيو، انهيءَ لاءِ تہ اوهين عيسيٰ مسيح جا فرمانبردار ٿيو ۽ سندس رت ڇٽڪارڻ سان پاڪ ڪيا وڃو. شل اوهان تي فضل ۽ سلامتي وڌندي رهي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan