Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




رومين 10:8 - Muslim Sindhi Bible

8 بلڪ اها سچائي هيئن بہ چوي ٿي تہ ”خدا جون ڳالهيون تنهنجي ويجھو آهن، بلڪ تنهنجي زبان تي ۽ تنهنجي دل ۾ آهن.“ خدا جون هي ڳالهيون ايمان آڻڻ جو اهو ئي پيغام آهي، جنهن جي اسين تبليغ ڪريون ٿا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

8 پر اُها ڇا ٿي چوي؟ هيءُ تہ ”ڪلام توکي ويجهو آهي، بلڪ تنهنجي وات ۾ ۽ تنهنجي دل ۾ آهي:“ اهو ئي ايمان جو ڪلام آهي، جنهن جي اسين منادي ٿا ڪريون.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

8 بلڪ اها سچائي هيئن بہ چوي ٿي تہ ”ايشور جون ڳالهيون تنهنجي ويجھو آهن، بلڪ تنهنجي زبان تي ۽ تنهنجي دل ۾ آهن.“ ايشور جون هي ڳالهيون وشواس آڻڻ جو اهو ئي سنديش آهي، جنهن جو اسين پرچار ڪريون ٿا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

8 پر ھيئن چئُہ تہ ”خدا جو ڪلام تنھنجي ويجھو آھي، بلڪ تنھنجي چپن تي ۽ تنھنجي دل ۾ آھي.“ يعني ايمان جو اُھو پيغام جنھن جي اسين تبليغ ڪريون ٿا تہ

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




رومين 10:8
14 Iomraidhean Croise  

جنهن جو قول پنهنجو پاڻ فعل جي صورت اختيار ٿو ڪري، آءٌ اهو ئي خداوند چوان ٿو تہ آءٌ سڀني کي سلامتي بخشيندس، توڙي اهي ويجھو هجن يا پري. هائو، آءٌ پنهنجي قوم کي ضرور بحالي عطا ڪندس.


انهيءَ بابت سڀني نبين جي شاهدي آهي تہ جيڪو بہ مٿس ايمان آڻيندو، تنهن جا گناهہ سندس نالي جي وسيلي بخشيا ويندا.“


تنهن تي هنن وراڻيس تہ ”خداوند عيسيٰ تي ايمان آڻ تہ تو کي ۽ تنهنجي ڪٽنب کي ڇوٽڪارو ملندو.“


سو ايمان پيغام ٻڌڻ سان پيدا ٿئي ٿو ۽ اهو پيغام آهي مسيح بابت تبليغ.


آءٌ اوهان کان رڳو ايترو پڇڻ ٿو گھران تہ پاڪ روح اوهان کي خوشخبري ٻڌي ايمان آڻڻ ڪري مليو يا شريعت تي عمل ڪرڻ ڪري؟


ڇا شريعت تي عمل ڪرڻ ڪري خدا اوهان کي پاڪ روح بخشي ٿو ۽ اوهان ۾ معجزا ٿو ڪري؟ هرگز نہ، بلڪ انهيءَ لاءِ تہ اوهان مسيح بابت خوشخبري ٻڌي ايمان آندو آهي.


هن انهيءَ ڪري ائين ڪيو تہ جيئن ڪليسيا کي خوشخبريءَ جي وسيلي پاڻيءَ سان غسل ڪرائي صاف ڪري مخصوص ۽ پاڪ بڻائي.


پر اهو ڪلام اوهان کي تمام ويجھو آهي. اهو اوهان جي زبان تي ۽ اوهان جي دل وَ دماغ ۾ آهي، انهيءَ لاءِ تہ اوهين مٿس عمل ڪريو.


جيڪڏهن تون ايمان وارن کي اهي ڳالهيون ياد ڏياريندو رهندين تہ عيسيٰ مسيح جو سٺو خدمتگار ثابت ٿيندين. انهيءَ سان گڏ ايمان وارين ڳالهين ۽ سٺي تعليم سان پرورش پائيندين، جن تي تون هلندو رهيو آهين.


اوهين فاني ٻج مان نہ، بلڪ غير فاني ٻج، يعني خدا جي انهيءَ فرمان جي وسيلي نئين سر پيدا ٿيا آهيو، جيڪو جيئرو ۽ بقا وارو آهي.


پر خداوند جو فرمان هميشہ تائين قائم رهندو.“ هي اهو ئي فرمان آهي، جنهن جي خوشخبري اوهان کي ٻڌائي ويئي آهي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan