Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




رومين 10:4 - Muslim Sindhi Bible

4 جيئن تہ شريعت جو مقصد مسيح ۾ پورو ٿي ويو، تنهنڪري جيڪو بہ مٿس ايمان آڻي ٿو سو ئي خدا ڏانهن سچار بڻجي ٿو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

4 ڇالاءِ جو مسيح شريعت جي تڪميل آهي، تہ جيڪو بہ ايمان آڻي سو راستباز ٺهري.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

4 جيئن تہ نيم جو مقصد مسيح ۾ پورو ٿي ويو، تنهنڪري جيڪو بہ مٿس وشواس آڻي ٿو سو ئي ايشور ڏانهن سچار بڻجي ٿو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

4 مسيح جي اچڻ سان شريعت پوري ٿي، انھيءَ لاءِ تہ جيڪو بہ مٿس ايمان آڻيندو تنھن کي خدا ڏانھن سچار بڻايو ويندو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




رومين 10:4
18 Iomraidhean Croise  

هو پنهنجي ڏکن واري زندگيءَ کان پوءِ وري خوشيون ڏسندو. هن کي مون بابت وڏو عرفان حاصل هوندو، سو منهنجو اهو سچار ٻانهو گھڻن ئي کي سچار قرار ڏيندو، ۽ انهن جون خطائون پنهنجي سر تي کڻندو. هائو، هن جي خاطر آءٌ گھڻن ئي کي معاف ڪري ڇڏيندس.


تنهن تي عيسيٰ جواب ڏنس تہ ”في‌الحال تہ منهنجي مڃ، ڇاڪاڻ تہ اهڙيءَ طرح اسين خدا جا سڀ فرض پورا ڪنداسين.“ پوءِ يحيٰ کيس بپتسما ڏيڻ قبول ڪيو.


شريعت موسيٰ جي معرفت ملي، جڏهن تہ فضل ۽ سچائي عيسيٰ مسيح جي معرفت ملي.


جيڪا سچائي هاڻي ظاهر ٿي آهي سا هيءَ آهي تہ خدا انهن سڀني ماڻهن کي پاڻ ڏانهن سچار ڪري ٿو جيڪي عيسيٰ مسيح تي ايمان آڻين ٿا، پوءِ اهي يهودي هجن توڙي غير يهودي. اهي سڀ هڪ جهڙا آهن،


اهو خدا ئي تہ آهي جنهن اسان کي عيسيٰ مسيح سان گڏي هڪ ڪري ڇڏيو آهي ۽ اهو مسيح ئي آهي جنهن کي خدا اسان لاءِ ڏاهپ بڻايو آهي، جنهن مان سچائي، پاڪائي ۽ ڇوٽڪارو ملي ٿو،


مطلب تہ جيئن ٻار جو ڪو نگهبان ٿيندو آهي، تيئن شريعت مسيح جي اچڻ تائين اسان جي نگهبان ٿي، انهيءَ لاءِ تہ جيئن اسين ايمان آڻڻ جي وسيلي خدا ڏانهن سچار بڻايا وڃون.


انهيءَ لاءِ تہ شريعت جي وس هيٺ رهڻ وارن کي هو عيوضو ڏيئي ڇڏائي ۽ اسان سڀني ايمان وارن کي خدا جا ٻار ٿيڻ جو درجو حاصل ٿئي.


۽ مسيح ۾ اوهان کي ڀرپور زندگي ملي آهي. هو ئي هر حڪمران ۽ اختيار واري جو مالڪ آهي.


اهي رسمون تہ بعد ۾ اچڻ وارين شين جو رڳو پاڇو آهن، جڏهن تہ حقيقت مسيح پاڻ آهي.


سو هن هڪڙي قرباني چاڙهڻ سان انهن کي هميشہ جي لاءِ خدا وٽ ڪامل ڪري ڇڏيو آهي، جيڪي انهيءَ قربانيءَ جي وسيلي مخصوص ۽ پاڪ ڪيا ويا آهن.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan