Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




رومين 1:9 - Muslim Sindhi Bible

9 خدا، جنهن جي فرزند بابت خوشخبري ٻڌائڻ ۾ آءٌ پنهنجي دل وَ جان سان سندس خدمت ٿو ڪريان، سو ئي منهنجو شاهد آهي تہ ڪيئن نہ آءٌ هردم اوهان کي پنهنجي دعائن ۾ ياد ڪندي

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

9 ڇالاءِ جو خدا منهنجو شاهد آهي، جنهن جي فرزند جي خوشخبري ٻُڌائڻ ڪري آئون پنهنجي روح سان سندس عبادت ٿو ڪريان، تہ ڪيئن نہ آئون هردم اوهان کي پنهنجين دعائن ۾ ياد پيو ڪريان،

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

9 ايشور، جنهن جي پٽ بابت خوشخبري ٻڌائڻ ۾ آءٌ پنهنجي تن ۽ من سان سندس سيوا ٿو ڪريان، سو ئي منهنجو شاهد آهي تہ ڪيئن نہ آءٌ هردم اوهان کي پنهنجي پرارٿنائن ۾ ياد ڪندي

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

9 خدا، جنھن جي فرزند جي خوشخبري ٻڌائڻ ۾ آءٌ پنھنجي دل⁠وجان سان سندس خدمت ٿو ڪريان، سو منھنجو شاھد آھي تہ آءٌ اوھان کي ھردم پنھنجي دعائن ۾ ياد ڪريان ٿو،

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




رومين 1:9
34 Iomraidhean Croise  

ڏس، هن مهل منهنجي شاهدي عرش عظيم ۾ پهتل آهي، هائو، منهنجي وڪالت عالمِ بالا ۾ هلي رهي آهي.


خدا جي فرزند عيسيٰ مسيح بابت خوشخبري هن ريت شروع ٿئي ٿي.


عيسيٰ پنهنجي شاگردن کي چيو تہ ”هر وقت دعا گھرندا رهو ۽ همت نہ هارجو.“ انهيءَ لاءِ هن کين هڪڙو مثال ڏنو تہ


جڏهن پطرس جيل ۾ پهري هيٺ هو، تڏهن ڪليسيا جي ماڻهن هن لاءِ دل وَ جان سان خدا کان دعائون پئي گھريون.


هنن ڳالهين جي ٿيڻ کان پوءِ پولس ارادو ڪيو تہ هو يونان جي صوبن مڪدُنيا ۽ اخيا مان ٿيندو يروشلم وڃي. هن وڌيڪ هي بہ فيصلو ڪيو تہ ”اتي وڃڻ کان پوءِ مون کي روم بہ ضرور وڃڻ گھرجي.“


آءٌ اوهان جي اڳيان قبول ٿو ڪريان تہ آءٌ پنهنجي ابن ڏاڏن جي خدا جي عبادت عيسيٰ واري رستي تي هلندي ڪريان ٿو، جنهن کي هي بدعت سمجھن ٿا. آءٌ موسيٰ جي شريعت ۽ ٻين نبين جي لکتن ۾ بيان ڪيل سڀني ڳالهين تي ايمان رکان ٿو.


ڏسو، جنهن خدا جو آءٌ ٻانهو آهيان ۽ جنهن جي آءٌ عبادت ٿو ڪريان، تنهن جو ملائڪ رات منهنجي ڀرسان ظاهر ٿيو


انهيءَ ڪري خدا پنهنجي ٻانهي عيسيٰ کي مخصوص ڪري پهريائين اسان يهودين ڏانهن موڪليو تہ جيئن هو اسان کي اها برڪت عطا ڪري جو اسين سڀني بڇڙاين کان منهن موڙي ڇڏيون.“


آءٌ مسيح ۾ سچ ٿو چوان، ڪوڙ نہ ٿو ڳالهايان. منهنجي دل جيڪا پاڪ روح جي وس ۾ آهي، سا بہ مون سان گڏ شاهدي ٿي ڏئي تہ


سو جيڪڏهن آءٌ سچ نہ ڳالهايان تہ شل خدا منهنجي خلاف ٿئي. ڳالهہ هيءَ آهي تہ آءٌ ڪرنٿس ۾ انهيءَ ڪري موٽي نہ آيس تہ متان اوهان کي رنج پهچايان.


خداوند عيسيٰ جو پيءُ يعني خدا، جنهن جي شل هميشہ تائين واکاڻ هجي، سو ڄاڻي ٿو تہ آءٌ ڪوڙ نہ ٿو ڳالهايان.


جيڪي ڳالهيون آءٌ اوهان ڏانهن لکي رهيو آهيان تن بابت خدا کي حاضر ڄاڻي چوان ٿو تہ بلڪل سچيون آهن.


پاڪ روح جي هدايت سان هر وقت ۽ هر حالت ۾ دعا ۽ منٿ سان خدا کان مدد گھرندا رهو. مسيح ۾ سڀني چونڊي پاڪ ڪيلن لاءِ بہ هميشہ ائين ئي دعا گھرندا رهو، انهيءَ لاءِ سجاڳ رهو ۽ همت نہ هاريو.


جڏهن بہ اوهين ياد اچو ٿا، تڏهن آءٌ پنهنجي خدا جو شڪر ٿو ڪريان.


هر اها دعا، جيڪا اوهان سڀني لاءِ ٿو گھران سا هميشہ خوشيءَ سان گھرندو آهيان،


جڏهن تہ تيمٿيس جي اعتماد جوڳو ثابت ٿيڻ جي اوهان کي ڄاڻ آهي جو هن مون سان گڏجي خوشخبري ڦهلائڻ جي ائين خدمت ڪئي آهي جيئن ڪو پٽ پيءُ سان گڏجي ڪم ڪري.


ياد رکو تہ حقيقي طهر ڪرايل اسين آهيون، جيڪي خدا جي پاڪ روح جي مرضيءَ سان زندگي گذاريون ٿا، عيسيٰ مسيح تي فخر ڪريون ٿا ۽ جسماني ڳالهين تي ويساهہ نہ ٿا رکون.


اسين هميشہ اوهان سڀني جي لاءِ خدا جا شڪرانا ادا ڪندا ٿا رهون ۽ پنهنجين دعائن ۾ اوهان کي ياد پيا ڪريون.


اسين رات ڏينهن دل وَ جان سان دعا گھرندا ٿا رهون، تہ شل وري اوهان سان ملون ۽ اوهان جي ايمان ۾ جيڪا گھٽتائي آهي سا پوري ڪريون.


سدائين دعا گھرندا رهو.


انهيءَ شاهديءَ جو منادي ڪندڙ ۽ رسول مون کي مقرر ڪيو ويو، انهيءَ لاءِ تہ آءٌ غير قومن کي تعليم ڏيان تہ جيئن اهي ايمان آڻي سچائيءَ کي ڄاڻي وٺن. آءٌ سچ ٿو چوان، ڪوڙ نہ ٿو ڳالهايان.


جنهن خدا جي عبادت منهنجي ابن ڏاڏن ڪئي، آءٌ بہ انهن وانگر صاف‌دليءَ سان انهيءَ جي عبادت ڪندي ۽ پنهنجين دعائن ۾ رات ڏينهن سدائين تو کي ياد ڪندي خدا جو شڪر ادا ٿو ڪريان.


جڏهن بہ آءٌ پنهنجي دعا ۾ تو کي ياد ٿو ڪريان، تڏهن هميشہ خدا جو شڪر ٿو ڪريان


باقي رهيس آءٌ، سو خدا شل ائين نہ ڪري جو اوهان جي حق ۾ دعا گھُرڻ کان آءٌ بس ڪري خداوند جو گنهگار ٿيان، بلڪ آءٌ اوهان کي چڱي ۽ سنئين رستي جي تعليم ڏيندو رهندس.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan