Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




رومين 1:5 - Muslim Sindhi Bible

5 انهيءَ جي ئي معرفت خدا مون تي اهو ڪرم ڪيو جو آءٌ رسول مقرر ٿيس، انهيءَ لاءِ تہ آءٌ مسيح جي نالي خاطر سڀني قومن جي ماڻهن کي هي پيغام ڏيان تہ هو ايمان آڻي فرمانبردار ٿين.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

5 جنهن جي معرفت اسان کي فضل ۽ رسالت ملي، انهي لاءِ تہ سندس نالي جي خاطر سڀني قومن مان ماڻهو ايمان جا تابعدار ٿين،

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

5 انهيءَ جي ئي معرفت ايشور مون تي اها ڪرپا ڪئي جو آءٌ خوشخبري ٻڌائيندڙ سنت مقرر ٿيس، انهيءَ لاءِ تہ آءٌ مسيح جي نالي خاطر سڀني قومن جي ماڻهن کي هي سنديش ڏيان تہ هو وشواس آڻي فرمانبردار ٿين.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

5 انھيءَ جي ئي معرفت خدا مون تي اھو ڪرم ڪيو جو آءٌ مسيح جي خاطر رسول مقرر ٿيس، انھيءَ لاءِ تہ آءٌ سڀني قومن جي ماڻھن کي ھي پيغام ڏيان تہ ھو ايمان آڻين ۽ فرمانبردار ٿين.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




رومين 1:5
24 Iomraidhean Croise  

دنيا جي هڪڙيءَ ڪنڊ کان وٺي ٻيءَ ڪنڊ تائين ٻين قومن ۾ منهنجي واکاڻ پئي ٿئي. هر هنڌ منهنجي لاءِ لوبان پيا ٻارين ۽ پاڪ نذرانا پيا پيش ڪن. درحقيقت انهن قومن ۾ منهنجو نالو ساراهيو وڃي ٿو.


سو لعنت آهي اهڙي دغاباز تي جنهن جي ڌڻ ۾ باسيل بي‌عيب نر موجود تہ آهي، پر تنهن هوندي بہ هو مون پروردگار لاءِ عيب وارو جانور قربان ٿو ڪري. آءٌ وڏو بادشاهہ آهيان ۽ دنيا جون سڀ قومون منهنجو ادب ڪن ٿيون.“


هن جي انهيءَ ڀرپوريءَ مان اسان سڀني کي فضل پٺيان فضل مليو آهي.


اهو رسول جي خدمت واري اها جاءِ وٺي، جنهن تان يهوداہ خارج ٿيو ۽ پنهنجيءَ جاءِ ڏانهن هليو ويو.“


شمعون پطرس بيان ڪيو آهي تہ ڪيئن خدا غير قومن تي پنهنجي فضل جي شروعات ڪئي، انهيءَ لاءِ تہ منجھائن هڪ اهڙي قوم بڻائي جيڪا سندس نالي سان سڏجي.


اهڙيءَ طرح مسيح بابت خدا جو پيغام پکڙبو ويو ۽ يروشلم ۾ ايمان وارن جو تعداد بہ گھڻو وڌندو ويو. ان کان علاوہ ڪاهنن جو وڏو تعداد پڻ عيسيٰ مسيح بابت خوشخبريءَ جو تابعدار بڻيو.


خداوند عيسيٰ هن کي چيو تہ ”وڃ، ڇاڪاڻ تہ مون هن کي پنهنجي خدمت واسطي چونڊيو آهي تہ هو منهنجو نالو غير قومن، بادشاهن ۽ بني اسرائيل اڳيان ظاهر ڪري.


آءٌ انهيءَ فضل جي ڪري جيڪو مون کي عطا ڪيو ويو آهي، اوهان مان هر هڪ کي چوان ٿو تہ پنهنجو پاڻ کي وِت کان وڌيڪ وڏو نہ سمجھو، بلڪ مناسب طور پاڻ کي اوترو سمجھو جيترو خدا اوهان کي ايمان بخشيو آهي.


هاڻ ڇا خدا رڳو يهودين جو ئي آهي؟ ڇا هو غير يهودين جو نہ آهي؟ بيشڪ هو غير يهودين جو بہ آهي.


هاڻي آءٌ جيڪي ڪجھہ آهيان، سو خدا جي فضل سان آهيان ۽ خدا جو اهو فضل مون تي اجايو نہ هو، ڇو تہ مون ٻين سڀني رسولن کان وڌيڪ خدمت جو ڪم ڪيو آهي. تنهن هوندي بہ منهنجي محنت نہ، پر اهو خدا جو فضل هو جيڪو مون تي آهي.


جيڪڏهن ٻيا مون کي رسول نہ ٿا مڃين تہ اوهان جي لاءِ تہ رسول آهيان. منهنجي رسالت جي ثابتي اها ئي آهي جو اوهين خداوند ۾ آهيو.


خدا چاهيو ٿي تہ اسين يهودي، جن اوهان کان اڳي مسيح ۾ اميد رکي هئي، سي سندس عظمت جي واکاڻ جو سبب ٿيون.


انهيءَ لاءِ تہ سندس جلوي سان ڀريل انهيءَ فضل جي واکاڻ ٿئي، جيڪو هن پنهنجي پياري فرزند ۾ اسان کي مفت عطا ڪيو.


ائين موت تائين پهچائيندڙ تڪليفن جي وسيلي خدا جي طرفان ملڪِ‌صدق جي مرتبي جهڙو ڪامل سردار ڪاهن مقرر ٿي هو پنهنجي سڀني فرمانبردارن لاءِ دائمي ڇوٽڪاري جو سبب بڻيو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan