Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




رومين 1:18 - Muslim Sindhi Bible

18 جڏهن تہ جيڪي ماڻهو پنهنجي بڇڙائيءَ جي ڪري سچ کي دٻائي ٿا ڇڏين، تن جي اهڙي بي‌ديني ۽ بڇڙائيءَ سبب آسمان مان خدا جو غضب نازل ٿئي ٿو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

18 ڇالاءِ جو جيڪي ماڻهو پنهنجيءَ ناراستيءَ جي ڪري سچ کي لڪايو ڇڏين، تن جي هر طرح جي بي دينيءَ ۽ ناراستيءَ تي آسمان مان خدا جو غضب ظاهر ٿو ٿئي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

18 جڏهن تہ جيڪي ماڻهو پنهنجي بڇڙائيءَ جي ڪري سچ کي دٻائي ٿا ڇڏين، تن جي اهڙي بي‌ڌرمي ۽ بڇڙائيءَ سبب آڪاش مان ايشور جو ڏمر پرگھٽ ٿئي ٿو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

18 جيڪي ماڻھو پنھنجي بڇڙائيءَ جي ڪري سچ کي لڪائي ٿا ڇڏين، تن جي اھڙي بي⁠ديني ۽ بڇڙائيءَ تي آسمان مان خدا جو غضب نازل ٿئي ٿو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




رومين 1:18
19 Iomraidhean Croise  

ڪوڙيءَ تهمت کان پاڻ کي پري رکو. بي‌گناهہ ۽ سچار کي قتل نہ ڪريو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ بڇڙي کي بي‌ڏوهي قرار نہ ڏيندس.


خدا جون جيڪي ڳالهيون انسان ڄاڻي سگھي ٿو، سي سندن لاءِ صاف ظاهر آهن. خدا پاڻ انهن تي اهي ظاهر ڪيون آهن.


جهڙيءَ طرح هنن خدا کي مڃڻ کان منهن موڙيو، تهڙيءَ طرح خدا بہ کين گندي سوچ ۾ ڇڏي ڏنو، تہ ڀلي وڃي نالائقيءَ وارا ڪم ڪن.


جيتوڻيڪ اهي خدا جي هن حڪم کي ڄاڻين ٿا تہ جيڪي ماڻهو هي ڪم ڪن ٿا سي موت جي لائق آهن، تنهن هوندي بہ اهي نہ رڳو پاڻ هي ڪم ڪن ٿا، بلڪ جيڪي ٻيا اهڙا ڪم ڪن ٿا تن کان بہ راضي ٿين ٿا.


اي انسان! تون اهڙن ڪمن ڪرڻ وارن تي تہ الزام هڻين ٿو، پر پاڻ بہ ساڳيا ئي ڪم ٿو ڪرين! ڇا تون ائين ٿو سمجھين تہ خدا جي فيصلي کان بچي ويندين؟


پوءِ ڀلا، اسين يهودي ڪنهن بہ نموني ٻين قومن کان بهتر آهيون ڇا؟ نہ، هرگز نہ. هن بحث دوران اسين اڳ ئي مڃي چڪا آهيون تہ يهودي توڙي غير يهودي سڀيئي هڪجهڙا گناهہ جي قبضي ۾ آهن،


ڳالهہ اها آهي تہ شريعت تہ خدا جو غضب پيدا ڪري ٿي، پر جتي شريعت ئي نہ آهي اتي انهيءَ جي حڪمن جي ڀڃڪڙي ڪهڙي؟


اها ڳالهہ هن مان ظاهر آهي جو جڏهن اسين اڃا لاچار ئي هئاسين تہ بلڪل انهيءَ وقت مسيح اسان لاءِ جان ڏني جيڪي خدا کان پري هئاسين.


هاڻ جڏهن هن جي قربانيءَ جي وسيلي اسين خدا ڏانهن سچار بڻايا وياسين، تڏهن اها ڳالهہ ڪيڏي نہ يقيني آهي جو اسين مسيح جي وسيلي خدا جي غضب کان بچي وينداسين.


پنهنجي جسم جي عضون کي گناهہ جي حوالي نہ ڪريو، متان اهي بڇڙائيءَ جا هٿيار ٿين. پر پاڻ کي مئلن مان جيئرو سمجھي خدا جي حوالي ڪريو تہ جيئن اوهان جي جسم جا عضوا سچائيءَ جا هٿيار ٿين.


خبردار، متان اهڙن ماڻهن جي اجاين ڳالهين سان اوهين ٺڳجي وڃو، ڇاڪاڻ تہ اهڙين ڳالهين جي ڪري نافرمانن تي خدا جو غضب نازل ٿئي ٿو.


انهن ڳالهين جي ڪري نافرمانن تي خدا جو غضب نازل ٿئي ٿو.


انهن سان هو برباد ٿيڻ وارن کي هر قسم جي بڇڙائيءَ وارو دوکو ڏيندو. اهي ماڻهو انهيءَ ڪري برباد ٿيندا جو سچ جو قدر ئي نہ ڪندا، جنهن جي وسيلي کين ڇوٽڪارو ملي ها.


اوهين هي بہ ڄاڻو ٿا تہ انهيءَ وڳوڙيءَ کي سندس مقرر وقت کان اڳ ظاهر ٿيڻ کان ڪيئن روڪيو ويو آهي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan