Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




رومين 1:13 - Muslim Sindhi Bible

13 اي منهنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! اوهان کي خبر هئڻ گھرجي تہ مون ڪيترائي دفعا اوهان ڏانهن اچڻ جو ارادو ڪيو هو، پر هيستائين ڪنهن نہ ڪنهن ڳالهہ جي ڪري اچي نہ سگھيس. منهنجي مرضي آهي تہ جيئن منهنجو ڪم غير قومن جي ٻين ماڻهن ۾ وڌيو ويجھيو آهي، تيئن اوهان ۾ بہ وڌي ويجھي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

13 ۽ اي ڀائرو، منهنجي مرضي نہ آهي تہ اوهين انهيءَ ڳالهہ کان بي خبر رهو تہ ڪيترائي ڀيرا مون اوهان ڏانهن اچڻ جو ارادو ڪيو هو، انهي لاءِ تہ جهڙيءَ طرح ٻين قومن مان مون کي ڦل مليو آهي، تهڙيءَ طرح اوهان ۾ بہ ڪو ڦل مليم، پر هيستائين روڪ پئي ٿي اٿم.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

13 اي منهنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! اوهان کي سڌ هئڻ گھرجي تہ مون ڪيترائي دفعا اوهان ڏانهن اچڻ جو ارادو ڪيو هو، پر هيستائين ڪنهن نہ ڪنهن ڳالهہ جي ڪري اچي نہ سگھيس. منهنجي مرضي آهي تہ جيئن منهنجو ڪم غير قومن جي ٻين ماڻهن ۾ وڌيو ويجھيو آهي، تيئن اوهان ۾ بہ وڌي ويجھي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

13 اي منھنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! اوھان کي خبر ھئڻ گھرجي تہ مون ڪيترائي دفعا اوھان ڏانھن اچڻ جو ارادو ڪيو ھو، پر ھيستائين ڪنھن نہ ڪنھن سبب ڪري اچي نہ سگھيس. جيئن منھنجو ڪم غير قوم جي ٻين ماڻھن ۾ ڪامياب ٿيو آھي، تيئن منھنجي مرضي آھي تہ اوھان ۾ بہ ڪامياب ٿئي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




رومين 1:13
38 Iomraidhean Croise  

ايندڙ ڏينهن ۾ يعقوب جو اولاد بني اسرائيل انگورن جي ول وانگر پاڙ هڻندا، ٻور جھليندا ۽ گل ڪندا، ۽ سڄي دنيا کي ميون سان ڀري ڇڏيندا.


آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيستائين ڪڻڪ جو داڻو زمين ۾ پورجي نہ ٿو تيستائين اڪيلو ٿو رهي. پر جي پورجي ٿو تہ ڪيترائي داڻا پيدا ڪري ٿو.


اوهان مون کي ڪين چونڊيو آهي، بلڪ مون اوهان کي چونڊيو آهي ۽ انهيءَ لاءِ مقرر ڪيو اٿم تہ وڃي اهڙو ميوو جھليو جيڪو هميشہ هلي. پوءِ اوهين منهنجي نالي تي پيءُ کان جيڪي بہ گھرندا سو هو اوهان کي ڏيندو.


ايستائين جو جيڪو لابارو ڪري ٿو تنهن کي مزدوري ملندي ٿي وڃي ۽ ماڻهن جي دائمي زندگيءَ لاءِ فصل گڏ ڪندو ٿو وڃي، تہ جيئن پوکيندڙ ۽ لڻندڙ ٻئي گڏجي خوشي ملهائين.


هڪڙي ڏينهن جڏهن اٽڪل هڪ سؤ ويهہ ايمان وارا اچي گڏ ٿيا، تڏهن پطرس انهن جي وچ ۾ اُٿي بيٺو ۽ چيائين تہ


اتي پهچي هنن ڪليسيا جي ماڻهن کي گڏ ڪيو ۽ کين سڄو سربستو احوال ڪري ٻڌايائون تہ ڪيئن خدا هنن جي مدد ڪئي ۽ ڪهڙيءَ طرح خدا غير قومن جي لاءِ ايمان جو دروازو کولي ڇڏيو.


پوءِ سڀني ماڻهن خاموشيءَ سان برنباس ۽ پولس جو اهو بيان ٻڌو تہ ڪيئن نہ خدا انهن جي وسيلي غير قومن ۾ ڪرامتون ۽ معجزا ڪيا.


هنن ڳالهين جي ٿيڻ کان پوءِ پولس ارادو ڪيو تہ هو يونان جي صوبن مڪدُنيا ۽ اخيا مان ٿيندو يروشلم وڃي. هن وڌيڪ هي بہ فيصلو ڪيو تہ ”اتي وڃڻ کان پوءِ مون کي روم بہ ضرور وڃڻ گھرجي.“


پولس انهن کي سلام ڪرڻ بعد اهي سڀيئي ڪم تفصيل سان ٻڌائڻ لڳو، جيڪي خدا سندس معرفت غير قومن ۾ ڪيا هئا.


اتي اسان کي ڪي ايمان وارا مليا، جن جي عرض ڪرڻ تي اسين هڪ هفتو وٽن رهياسين. پوءِ اسين روم ڏانهن هلڻ لڳاسين.


آءٌ سمجھان ٿو تہ انهيءَ سان اسان ٻنهي جي حوصلہ‌افزائي ٿيندي، اوهان جي ايمان سان منهنجي ۽ منهنجي ايمان سان اوهان جي.


اي منهنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! هڪ ڳجھو راز آهي، جيڪو آءٌ سمجھان ٿو تہ اوهان کي ڄاڻڻ گھرجي. شايد اهو اوهان کي انهيءَ ڳالهہ کان روڪي جو اوهين پنهنجو پاڻ کي داناءُ سمجھو. اهو راز هي آهي تہ بني اسرائيل جي ڪن ماڻهن ۾ جيڪا دل جي سختي پيدا ٿي آهي، سا رڳو ايستائين رهندي جيستائين خدا ڏانهن ڦري ايندڙ غير قومن جو تعداد پورو نہ ٿئي.


اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اوهين جيڪي شريعت کان واقف آهيو، سي ڄاڻو ٿا تہ جيستائين انسان جيئرو آهي تيستائين شريعت جو مٿس حڪم هلي ٿو.


اي ڀائرو ۽ ڀينرون! آءٌ اوهان کي اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي نالي منٿ ٿو ڪريان تہ اوهين پاڻ ۾ هڪ راءِ ٿيو تہ جيئن اوهان ۾ ڪابہ ڌڙابندي پيدا نہ ٿئي. اهڙيءَ طرح اوهين سڀ هڪ دل ۽ هڪ راءِ ٿي مڪمل طور ٻڌيءَ سان رهو.


سو اي ڀائرو ۽ ڀينرون! آءٌ نہ ٿو چاهيان تہ اوهين اسان جي ابن ڏاڏن جي واقعن کان ناواقف رهو. هو سڀ ڪڪر جي ڇانوَ هيٺان هئا ۽ سڀيئي سمنڊ مان لنگھي پار پيا.


اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اوهان پاڪ روح جي ڏنل نعمتن جي جيڪا ڳالهہ ڪئي، تنهن بابت آءٌ نہ ٿو چاهيان تہ اوهين اڻ‌ڄاڻ رهو.


اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اوهين ٻاراڻي سمجھہ نہ رکو. بڇڙائيءَ ۾ تہ ٻارڙا بڻجو، پر سمجھہ ۾ جوان ٿيو.


تہ پوءِ اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اوهان کي ڇا ڪرڻ گھرجي؟ اهو ئي تہ جڏهن اوهين گڏ ٿيو تڏهن هر ڪو ڪجھہ نہ ڪجھہ ڪري، ڪو گيت ڳائي، ڪو تعليم ڏئي، ڪو مڪاشفو ٻڌائي، ڪو اڻ‌ڄاتل ٻولي ڳالهائي يا ڪو ان جو ترجمو ڪري سمجھائي. پر اهو لازمي آهي تہ سڀ ڳالهيون ڪليسيا جي روحاني ترقيءَ لاءِ هجن.


جيڪڏهن ٻيا مون کي رسول نہ ٿا مڃين تہ اوهان جي لاءِ تہ رسول آهيان. منهنجي رسالت جي ثابتي اها ئي آهي جو اوهين خداوند ۾ آهيو.


اي ڀائرو ۽ ڀينرون! انهيءَ جو مثال ڏيندي اسين اوهان کي ان مصيبت کان آگاهہ ڪرڻ چاهيون ٿا، جيڪا آسيا صوبي ۾ ڀوڳيسين. اسين برداشت کان ٻاهر بار هيٺ دٻيل هئاسين، ايتري قدر جو اسان جيئري رهڻ جي اميد ئي ڇڏي ڏني هئي.


خدا جو شڪر آهي، جيڪو اسان کي مسيح جا هئڻ ڪري سدائين پنهنجي فتح واري جلوس ۾ گھمائي ٿو ۽ اهڙيءَ طرح اسان جي وسيلي هر هنڌ مسيح بابت ڄاڻ خوشبوءِ وانگر پکيڙي ٿو.


اي ڀائرو ۽ ڀينرون! آءٌ اوهان کي روزاني زندگيءَ جو هڪ مثال ڏيان ٿو تہ ماڻهن جي تصديق ڪيل معاهدي کي ڪوبہ رد نہ ٿو ڪري سگھي ۽ نہ ئي ان کي گھٽائي وڌائي سگھي ٿو.


اي ڀائرو ۽ ڀينرون! شل اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جو فضل اوهان تي هجي. آمين.


جيئن تہ هن جسم ۾ جيئرو رهڻ ئي منهنجي انهيءَ خدمت واري ڪم لاءِ فائديمند آهي، تنهن هوندي بہ آءٌ نہ ٿو ڄاڻان تہ ڇا کي پسند ڪريان.


ائين نہ آهي تہ آءٌ بخشش ٿو گھران، پر آءٌ انهيءَ بخشش جو اوهان لاءِ اهڙو ڦل ٿو چاهيان جيڪو اوهان جي کاتي ۾ وڌندو رهي.


اها دعا اسين انهيءَ لاءِ ٿا گھرون تہ جيئن اوهين پنهنجي زندگي خداوند عيسيٰ جي لائق گذاريو ۽ کيس هر طرح خوش رکو. هائو، اوهين هر ڪنهن نيڪ ڪم ۾ ڦلدار ٿيندي خدا کي ڄاڻڻ ۾ وڌندا وڃو.


جيڪا اوهان وٽ پهچي چڪي آهي. جڏهن اوهان اها خوشخبري ٻڌي ۽ سمجھيو تہ حقيقت ۾ خدا جو فضل ڇا آهي، تڏهن کان وٺي اها اوهان ۾ بہ اهڙيءَ طرح ڦل پيدا ڪندي ۽ وڌندي ٿي رهي، جهڙيءَ طرح سڄي دنيا ۾.


انهيءَ لاءِ اسان ۽ خاص طور مون پولس، هڪ کان وڌيڪ دفعا اوهان وٽ اچڻ چاهيو، پر شيطان اسان کي روڪيو.


هاڻي اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسين چاهيون ٿا تہ جيڪي ايمان وارا قبر ۾ وڃي ستا آهن تن بابت اوهين اها ڄاڻ رکو تہ انهن جو ڇا ٿيندو، تہ جيئن انهن ماڻهن وانگر غمگين نہ ٿيو جن کي ڪا اميد ئي ڪانهي.


اهو هڪ راز آهي تہ وڳوڙ اڳي ئي اثر ڪندو ٿو رهي، پر انهيءَ کي ڪو تيستائين روڪيندو رهندو، جيستائين ان جي روڪڻ واري کي رستي کان هٽايو نہ ويندو.


پر خداوند عيسيٰ مون سان گڏ هو، جنهن مون کي طاقت بخشي، انهيءَ لاءِ تہ منهنجي وسيلي خوشخبريءَ جي منادي پوري ٿئي ۽ سڀ غير قومون ان کي ٻڌن. ائين ڄڻ تہ آءٌ شينهن جي وات مان ڇڏايو ويس.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan