Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




رومين 1:10 - Muslim Sindhi Bible

10 اهو عرض ڪندو رهندو آهيان تہ خدا شل مون کي هاڻي جو هاڻي اوهان وٽ اچڻ ۾ ڪاميابي عطا ڪري.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

10 ۽ هميشہ اهو سوال پيو ڪريان، تہ نيٺ ڪنهن نہ ڪنهن رستي خدا جي مرضيءَ موجب اوهان وٽ اچڻ جو شل مون کي ڪو وجهہ ملي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

10 اها وينتي ڪندو رهندو آهيان تہ ايشور شل مون کي هاڻي جو هاڻي اوهان وٽ اچڻ ۾ ڪاميابي بخشي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

10 ۽ ھميشہ اھو عرض ڪندو رھندو آھيان تہ خدا ڪري جو مون کي ڪنھن نہ ڪنھن سبب اوھان وٽ اچڻ جو موقعو ملي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




رومين 1:10
15 Iomraidhean Croise  

پوءِ موڪلائڻ وقت هن کين چيو تہ ”خدا گھريو تہ آءٌ ضرور موٽي ايندس.“ ائين چئي هو سامونڊي جهاز تي چڙهي اِفسس مان روانو ٿيو.


هنن ڳالهين جي ٿيڻ کان پوءِ پولس ارادو ڪيو تہ هو يونان جي صوبن مڪدُنيا ۽ اخيا مان ٿيندو يروشلم وڃي. هن وڌيڪ هي بہ فيصلو ڪيو تہ ”اتي وڃڻ کان پوءِ مون کي روم بہ ضرور وڃڻ گھرجي.“


جڏهن اسين کيس مڃائي نہ سگھياسين، تڏهن اسان ايترو چئي بس ڪئي تہ ”جيڪا خداوند جي مرضي.“


آءٌ ڄاڻان ٿو تہ جڏهن آءٌ اوهان وٽ ايندس تڏهن مسيح جي ڪامل برڪت اسان تي نازل ٿيندي.


هي خط مون پولس جي طرفان آهي، جيڪو خدا جي مرضيءَ سان مسيح يعني عيسيٰ جو رسول ٿيڻ لاءِ سڏيو ويو آهيان. هي اسان جي ڀاءُ سوسٿنيس جي طرفان بہ آهي.


پر جيڪڏهن خداوند گھريو تہ آءٌ جلدي اوهان وٽ ايندس ۽ مغرورن جي ڳالهين کي نہ، پر انهن ۾ پاڪ روح جي قدرت کي معلوم ڪندس،


سو ڪنهن بہ ڳالهہ جو فڪر نہ ڪريو، بلڪ هر ڳالهہ بابت پنهنجا عرض اوهين دعا ۽ منٿ جي وسيلي شڪرگذاري ڪندي خدا جي حضور ۾ پيش ڪندا رهو.


انهيءَ لاءِ اسان ۽ خاص طور مون پولس، هڪ کان وڌيڪ دفعا اوهان وٽ اچڻ چاهيو، پر شيطان اسان کي روڪيو.


انهيءَ کان علاوہ منهنجي ترسڻ لاءِ هڪ ڪمرو تيار رکجانءِ، ڇو تہ مون کي اميد آهي تہ اوهانجين دعائن جي وسيلي عيسيٰ مسيح مون کي قيد مان آزاد ڪرائي اوهان وٽ آڻيندو.


آءٌ اوهان کي خاص طور منٿ ٿو ڪريان تہ اوهين دعا ڪريو، تہ جيئن آءٌ جلد اوهان وٽ وري اچي سگھان.


تنهنڪري اوهان کي هيئن چوڻ گھرجي تہ ”جيڪڏهن خداوند گھريو تہ اسين جيئرا بہ رهنداسين ۽ فلاڻو فلاڻو ڪم بہ ڪنداسين.“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan