Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




مڪاشفو 9:6 - Muslim Sindhi Bible

6 انهن پنجن مهينن ۾ ماڻهو موت کي ڳوليندا پر لهي نہ سگھندا، هو مرڻ چاهيندا پر موت کانئن پري ڀڄندو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

6 ۽ انهن ڏينهن ۾ ماڻهو موت کي ڳوليندا، پر ڪنهن بہ طرح لهندا ڪين؛ ۽ هو مرڻ گهُرندا، پر موت کانئن پيو ڀڄندو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

6 انهن پنجن مهينن ۾ ماڻهو موت کي ڳوليندا پر لهي نہ سگھندا، هو مرڻ چاهيندا پر موت کانئن پري ڀڄندو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

6 انھن ڏينھن ۾ ماڻھو موت کي ڳوليندا پر لھي نہ سگھندا، ھو مرڻ چاھيندا پر موت کانئن پيو ڀڄندو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




مڪاشفو 9:6
9 Iomraidhean Croise  

تڏهن هن مون کي چيو تہ ’منهنجي ويجھو اچ ۽ مون کي قتل ڪر، ڇاڪاڻ تہ آءٌ سخت تڪليف ۾ آهيان پر اڃا منهنجو ساهہ نہ ٿو نڪري.‘


جڏهن خداوند ڌرتيءَ وارن کي سزا ڏيڻ لاءِ اُٿي کڙو ٿيندو، تڏهن ماڻهو سندس جلال جي تجليءَ ۽ غضب کان ڊڄي پهاڙن جي غارن ۽ کڏن کوٻن ۾ وڃي لڪندا.


انهيءَ خراب قوم مان جيڪي باقي بچندا ۽ جيڪي انهن سڀني هنڌن تي رهندڙ هوندا جتي مون هنن کي هڪالي ڪڍي ڇڏيو هوندو، سي سڀيئي حياتيءَ کان موت کي وڌيڪ پسند ڪندا. آءٌ قادرِمطلق خداوند ائين ٿو چوان.“


بيت‌ايل جي ٽڪرين تي ٺهيل غير معبودن جا پوڄا گھر، جتي اسرائيل وارا گناهہ ڪندا آهن، سي بلڪل ناس ڪيا ويندا. هائو، سندن قربان‌گاهون ويران ٿي وينديون، ۽ اتي ڪنڊا ۽ ڪانڊيرا اڀري ايندا. تڏهن اسرائيل وارا جبلن کي چوندا تہ ”اسان جي مٿان ڪري پئو،“ ۽ ٽڪرن کي چوندا تہ ”اسان کي پوري ڇڏيو.“


انهيءَ وقت ماڻهو پهاڙن کي چوندا تہ ’اسان مٿان ڪِري پئو‘ ۽ ٽڪرن کي چوندا تہ ’اسان کي پوري ڇڏيو،‘


اهي جبلن ۽ ڇِپن کي منٿون ڪرڻ لڳا تہ ”اسان تي ڪري پئو تہ جيئن تخت تي ويٺل هستيءَ جي نظر کان ۽ گھيٽڙي جي غضب کان اسين لڪي وڃون،


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan