Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




مڪاشفو 6:8 - Muslim Sindhi Bible

8 تڏهن ڇا ڏسان تہ پيلي رنگ جو گھوڙو بيٺو آهي! انهيءَ جي سوار جو نالو موت آهي ۽ پاتال سندس پٺيان پئي آيو. موت ۽ پاتال کي اهو اختيار ڏنو ويو تہ اهي جنگ، ڏڪار، بيماريءَ ۽ وحشي جانورن جي وسيلي ڌرتيءَ جي چوٿين حصي جي ماڻهن کي ماري ڇڏين.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

8 ۽ مون نهاريو تہ هڪڙو ڦڪي رنگ جو گهوڙو ڏٺم؛ ۽ جيڪو مٿس سوار هو تنهن جو نالو موت هو؛ ۽ مُئلن جو عالم سندس پٺيان هو؛ ۽ انهن کي زمين جي چوٿين حصي تي اهو اختيار ڏنو ويو تہ ترار، ۽ ڏڪار، ۽ مريءَ سان، ۽ زمين جي جهنگلي جانورن سان ماڻهو مارين.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

8 تڏهن ڇا ڏسان تہ پيلي رنگ جو گھوڙو بيٺو آهي! انهيءَ جي سوار جو نالو موت آهي ۽ پاتال سندس پٺيان پئي آيو. موت ۽ پاتال کي اهو اختيار ڏنو ويو تہ اهي جنگ، ڏڪار، بيماريءَ ۽ وحشي جانورن جي وسيلي ڌرتيءَ جي چوٿين حصي جي ماڻهن کي ماري ڇڏين.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

8 ۽ مون کي پيلي رنگ جو گھوڙو نظر آيو. اُن جي سوار جو نالو موت آھي ۽ عالم ارواح سندس پٺيان پئي آيو. موت ۽ عالم ارواح کي زمين جي چوٿين حصي تي اھو اختيار ڏنو ويو تہ جنگ، ڏڪار، بيماريءَ ۽ زمين جي جھنگلي جانورن سان ماڻھن کي ماري ڇڏين.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




مڪاشفو 6:8
26 Iomraidhean Croise  

هن جا پير موت ڏانهن وٺيو وڃن. سو خبردار! سندس قدم اوهان کي بہ وڃي قبر تائين پهچائيندا.


هائو، قادرِمطلق خداوند موت کي هميشہ لاءِ ماري مات ڪري سڀني جي اکين مان ڳوڙها اُگھي ڇڏيندو. هو سڄيءَ دنيا مان پنهنجي قوم جي خواري مِٽائي ڇڏيندو. اهو خداوند جو فرمان آهي.


جيتوڻيڪ هو روزا رکندا تہ بہ آءٌ سندن دانهن نہ ٻڌندس. توڙي جو هو ساڙڻ واريون قربانيون ۽ اناج جون قربانيون پيش ڪندا تہ بہ آءٌ اهي کانئن قبول نہ ڪندس. اٽلندو آءٌ جنگ، ڏڪار ۽ وبا سان کين ناس ڪري ڇڏيندس.“


خداوند فرمائي ٿو تہ ”پر هاڻ آءٌ گھڻن ئي لشڪرن کي اوهان تي چاڙهي موڪليندس، جيڪي اوهان کي هر هڪ جبل تان، هر هڪ ٽڪريءَ تان ۽ ٽڪرن جي چُرن مان ائين ڦاسائي وٺندا جيئن مڇي ڦاسائبي آهي، يا جيئن ڪو شڪاري شڪار ڪري وٺندو آهي.


اهي موتمار بيمارين وگھي مرندا. هنن تي نہ تہ ڪو روئڻ پٽڻ وارو هوندو ۽ نہ وري کين ڪو دفن ڪرڻ وارو هوندو، بلڪ اهي زمين تي گند ڪچري وانگر پيا هوندا. هو جنگ ۽ ڏڪار سان ناس ٿي ويندا ۽ سندن لاش پکين ۽ جھنگلي جانورن جو کاڄ بڻبا.


آءٌ انهن کي جنگ، ڏڪار ۽ وبا سان سٽي وجھندس، تان جو جيڪو ملڪ مون هنن کي ۽ سندن ابن ڏاڏن کي ڏنو آهي تنهن مان هو مٽجي ويندا.“


قادرِمطلق خداوند فرمائي ٿو تہ ’آءٌ هنن منجھہ جنگ، ڏڪار ۽ وبا موڪليندس ۽ کين اهڙن ڳريل سڙيل انجيرن جهڙو ڪندس، جيڪي کائڻ جي لائق نہ هوندا آهن.


هو اچي مصر جي ملڪ کي شڪست ڏيندو. پوءِ جن جي نصيب ۾ موتمار بيماري هوندي، سي وبا ۾ مري کپي ويندا، جن جي نصيب ۾ قيد هوندو، سي پڪڙي قيد ڪيا ويندا ۽ جن جي نصيب ۾ قتل ٿيڻ هوندو، سي تلوار جي حوالي ڪيا ويندا.


آءٌ تو کي ۽ تنهنجي دريائن جي سڀني مڇين کي ماري بيابان ۾ اڇلائي ڇڏيندس. تون کُليل ميدان ۾ پيو هوندين ۽ تو کي دفن نہ ڪيو ويندو. آءٌ تو کي جھنگلي حيوانن ۽ پکين جو کاڄ بڻائيندس.


باقي بچيل يروشلم وارن جو ٽن مان هڪ حصو شهر ۾ وبا ۽ ڏڪار سبب مري کپي ويندو، ٻيو حصو شهر جي ٻاهران تلوار سان قتل ڪيو ويندو ۽ باقي ٽئين حصي کي آءٌ چئني پاسن ڏانهن ڪڻو ڪڻو ڪري ڇڏيندس، ۽ تلوار کڻي انهن جو پيڇو ڪندس.


تنهنڪري آءٌ خداوند انهن کي پاتال مان ڪونہ ڪڍندس، نہ وري کين موت کان بچائيندس. اي موت! تنهنجي وبا ڇو دير ڪئي آهي؟ اي قبر! تنهنجي تباهي اڃا ڇو نہ آئي آهي؟ هاڻي آءٌ مٿن ڪوبہ رحم نہ ڪندس.


سچ پچ بڇڙا ماڻهو مئي جيان ٺڳين ٿا، اهي هٺيلا آهن ۽ ٽِڪاڻو تہ اٿن ئي ڪونہ. اهي ايترا ئي حريص آهن جيترو موت، هائو، موت وانگر سندن ڍءُ ئي نہ ٿو ٿئي. اهو ئي سبب آهي جو هو سڀني قومن کي پنهنجي گھيري هيٺ ٿا آڻين، ۽ سڀني ماڻهن کي قيدي ٿا بڻائين.


ٽين گاڏيءَ جا گھوڙا اڇي رنگ جا هئا ۽ چوٿين گاڏيءَ جا گھوڙا ابلق هئا. اهي سڀ طاقتور هئا.


اي ڪفرناحوم شهر جا رهاڪؤ! ڇا اوهين ڀانئيو ٿا تہ اوهين آسمان کان مٿي تائين بلند ڪيا ويندا؟ نہ، هرگز نہ. اٽلندو اوهين هيٺ پاتال ۾ ڦٽا ڪيا ويندا، ڇاڪاڻ تہ جيڪي معجزا اوهان ۾ ڪيا ويا آهن، سي جيڪڏهن سدوم شهر ۾ ڪيا وڃن ها تہ اهو بہ جيڪر اڄ ڏينهن تائين قائم هجي ها.


قوم قوم سان وڙهندي ۽ بادشاهت بادشاهت تي چڙهائي ڪندي. گھڻن ئي هنڌن تي زلزلا ايندا ۽ ڏڪار پوندا.


اي موت! ڪيڏانهن ويئي تنهنجي فتح؟ اي موت! ڪيڏانهن ويو تنهنجو ڏنگ؟“


۽ اهو آهيان جيڪو جيئرو رهان ٿو. آءٌ مري تہ ويو هئس، پر ڏس آءٌ هميشہ تائين جيئرو رهان ٿو. موت توڙي مئلن جي دنيا جون چاٻيون مون وٽ آهن.


انهيءَ پنهنجي پڇ سان آسمان جي تارن جو ٽيون حصو ڇڪي ڌرتيءَ تي ڪيرائي وڌو. پوءِ ازدها ٻار ڄڻيندڙ انهيءَ عورت جي اڳيان وڃي بيهي رهيو، تہ جيئن سندس ٻار کي پيدا ٿيندي ئي ڳڙڪائي ڇڏي.


پوءِ انهن چئني ملائڪن کي ڇوڙيو ويو تہ جيئن انسانن جي ٽئين حصي کي ماري ڇڏين. اهي ملائڪ ان خاص مهل، ڏينهن، مهيني ۽ سال جي لاءِ تيار بيٺا هئا.


اهي ٽيئي آفتون يعني باهہ، دونهون ۽ گندرف جيڪي گھوڙن جي وات مان پئي نڪتيون، تن انسانن جي ٽئين حصي کي ماري ڇڏيو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan