Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




مڪاشفو 6:5 - Muslim Sindhi Bible

5 جڏهن گھيٽڙي ٽئين مُهر ٽوڙي تہ مون ٽئين ساهواري کي چوندي ٻڌو تہ ”اچ.“ تڏهن ڇا ڏسان تہ هڪڙو ڪارو گھوڙو بيٺو آهي! ان جي سوار جي هٿ ۾ اناج تورڻ واري تارازي هئي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

5 ۽ جڏهن هن ٽين مهر کولي تڏهن مون ٻُڌو، تہ ٽئين جاندار چيو تہ ”اچ.“ ۽ مون نهاريو ۽ هڪڙو ڪارو گهوڙو ڏٺم؛ ۽ جيڪو مٿس سوار هو تنهن جي هٿ ۾ هڪڙي ساهمي هئي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

5 جڏهن گھيٽڙي ٽئين مُهر ٽوڙي تہ مون ٽئين ساهواري کي چوندي ٻڌو تہ ”اچ.“ تڏهن ڇا ڏسان تہ هڪڙو ڪارو گھوڙو بيٺو آهي! ان جي سوار جي هٿ ۾ اناج تورڻ واري تارازي هئي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

5 جڏھن گھيٽي ٽئين مُھر ٽوڙي تہ مون ٽئين ساھواري کي چوندي ٻڌو تہ ”اچ“ ۽ مون ڏٺو تہ ھڪڙو ڪارو گھوڙو نظر آيو. ان جي سوار جي ھٿ ۾ تارازي ھئي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




مڪاشفو 6:5
11 Iomraidhean Croise  

بک جي ساڙيندڙ باهہ سبب، اسان جي کل تئي جهڙي ڪاري ٿي ويئي آهي.


تو کي هر روز رڳو اڍائي سؤ گرامن جي وزن جيتري هڪڙي ماني مقرر وقت تي کائڻ جي اجازت هوندي ۽ انهيءَ کان وڌيڪ نہ کائيندين.


خداوند مون کي انهيءَ مثال جي سمجھاڻي هيئن ڏني تہ ”اي آدمزاد! ڏس، آءٌ باقي بچيل يروشلم وارن کان فاقا ڪڍائيندس. هنن وٽ ايترو تہ ٿورو کاڌو ۽ ايترو تہ ٿورو پاڻي هوندو جو اهي حيران وَ پريشان ۽ نااميد ٿي ويندا.


آءٌ اوهان جي روزيءَ جو سلسلو ٽوڙي ڇڏيندس ايتري قدر جو ڏهہ عورتون هڪڙي ئي تنور ۾ مانيون پچائي سگھنديون. اهي اوهان جي ماني اوهان کي توري‌تڪي ڏينديون. اوهين اهي سڀ کائي ويندا تہ بہ اوهان جو ڍءُ نہ ٿيندو.


پهرين گاڏيءَ جا گھوڙا ڳاڙهي رنگ جا هئا ۽ ٻيءَ جا گھوڙا ڪاري رنگ جا هئا.


جنهن گاڏيءَ ۾ ڪارا گھوڙا آهن سا اتر طرف بابل ملڪ ڏانهن ٿي وڃي، اڇن گھوڙن واري گاڏي اولاهين ملڪ ڏانهن ۽ ابلق گھوڙن واري گاڏي ڏاکڻي ملڪ ڏانهن ٿي وڃي.


قوم قوم سان وڙهندي ۽ بادشاهت بادشاهت تي چڙهائي ڪندي. گھڻن ئي هنڌن تي زلزلا ايندا ۽ ڏڪار پوندا.


تڏهن بزرگن مان هڪڙي مون کي چيو تہ ”روءُ نہ. ڏس، هو يهوداہ قبيلي جو شينهن جيڪو دائود جي نسل مان آهي، سو ئي فتحياب ٿيڻ ڪري انهن ستن مُهرن کي ٽوڙڻ ۽ انهيءَ ويڙهوٽي کي کولڻ جي لائق آهي.“


گھيٽڙي جي پيرن تي ڪرندي ئي اهي هڪڙو نئون گيت ڳائڻ لڳا تہ ”تون ئي اهو ويڙهوٽو وٺڻ ۽ انهيءَ جي مُهرن کي ٽوڙڻ جي لائق آهين، ڇاڪاڻ تہ تون ڪُٺو ويو هئين، ۽ تو پنهنجي رت سان سڀ ڪنهن قوم، قبيلي، ٻوليءَ ۽ ذات منجھان ماڻهن کي خدا جي لاءِ خريد ڪيو آهي.


پوءِ مون ڏٺو تہ جڏهن گھيٽڙي انهن ستن مُهرن مان هڪ کي ٽوڙيو، تڏهن انهن چئن ساهوارن مان هڪڙي کي گجگوڙ جهڙي آواز سان چوندي ٻڌم تہ ”اچ.“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan