Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




مڪاشفو 4:6 - Muslim Sindhi Bible

6 تخت جي اڳيان بلور جهڙو ڄڻ تہ شيشي جو هڪ سمنڊ هو. تخت جي چوڌاري چئني پاسن تي چار ساهوارا هئا، جن کي اڳيان توڙي پٺيان اکيون ئي اکيون هيون.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

6 ۽ تخت جي اڳيان بلور جهڙو ڄڻ هڪڙو شيشي جو سمنڊ هو؛ ۽ تخت جي وچ ۾ ۽ تخت جي آس پاس، چار جاندار هئا، جن کي اڳيان توڙي پٺيان اکيون ئي اکيون هيون.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

6 تخت جي اڳيان بلور جهڙو ڄڻ تہ شيشي جو هڪ سمنڊ هو. تخت جي چوڌاري چئني پاسن تي چار ساهوارا هئا، جن کي اڳيان توڙي پٺيان اکيون ئي اکيون هيون.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

6 تخت جي اڳيان بلور جھڙو ڄڻ تہ ھڪڙو شيشي جو سمنڊ ھو. تخت جي چوڌاري چئني پاسن تي چار ساھوارا ھئا، جن کي اڳيان توڙي پٺيان اکيون ئي اکيون ھيون.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




مڪاشفو 4:6
25 Iomraidhean Croise  

پوءِ حورام ڪاريگر گول پلٽيل پتل جو هڪ وڏو حوض ٺاهيو، جنهن جي ماپ هڪڙي ڪناري کان ٻئي ڪناري تائين ساڍا چار ميٽر، اوچائي سوا ٻہ ميٽر ۽ گولائي ساڍا تيرهن ميٽر هئي.


بيشڪ نہ سون ۽ نہ خاص شيشو ئي ان جي برابري ڪري سگھن ٿا، نڪي عمدي سون جا زيور ئي انهيءَ جو عيوض ٿي سگھن ٿا.


جيڪي عورتون خدا سان ملاقات واري خيمي جي آڏو خدمت ڪنديون هيون، تن جي آئينن واري پتل مان هن پتل جو هڪڙو حوض ۽ انهيءَ جي لاءِ پتل جي گھوڙي ٺاهي.


مون اهو بہ ڏٺو تہ پردار آسماني مخلوق مان هر هڪ جو سڄو بدن، سندن پٺا، هٿ، پر ۽ انهن جا ڦيٿا چوڌاري اکين سان ڀريل هئا.


هر هڪ مخلوق کي چار منهن هئا. سندن پهريون منهن ڍڳي جهڙو هو، ٻيو انسان جهڙو، ٽيون شينهن جهڙو ۽ چوٿون عقاب جهڙو هو.


اهو آواز انهن هڪ لک چوئيتاليهہ هزار ماڻهن جو هو، جيڪي تخت توڙي چئني ساهوارن ۽ بزرگن جي اڳيان بيهي هڪ نئون گيت ڳائي رهيا هئا. گھيٽڙي مُلهہ ڏيئي انهن ماڻهن کي دنيا مان خريد ڪيو هو ۽ رڳو اهي ئي اهو گيت سکي ٿي سگھيا.


مون شيشي جهڙو هڪڙو سمنڊ ڏٺو، جنهن ۾ باهہ گڏيل هئي ۽ جيڪي انهيءَ حيوان توڙي سندس بت ۽ نالي جي عدد وارين آزمائشن تي غالب پيا هئا، سي خدا جا ڏنل ستارَ وارا ساز کنيو انهيءَ شيشي جي سمنڊ وٽ بيٺا هئا.


پوءِ انهن چئن ساهوارن مان هڪڙي انهن ستن ملائڪن کي ست سونا پيالا ڏنا، جيڪي هميشہ هميشہ تائين زندہ رهندڙ خدا جي غضب سان ڀريل هئا.


تنهن تي اهي چوويهہ بزرگ ۽ چارئي ساهوارا منهن ڀر ڪري تخت تي ويٺل خدا کي سجدو ڪندي چوڻ لڳا تہ ”آمين، شل خداوند خدا جي واکاڻ هجي!“


اُن ۾ خدا جو جلوو هو ۽ اهو تمام قيمتي هيري جواهر وانگر چمڪي رهيو هو، ڄڻ تہ زبرجد ۽ اهڙو صاف هو جهڙو بلور.


شهر جو ڪوٽ زبرجد جو ٺهيل هو ۽ شهر خالص سون جو ٺهيل هو ۽ شيشي جهڙو صاف ۽ شفاف هو.


شهر جا ٻارهن ئي دروازا موتين جا هئا ۽ هر هڪ دروازو هڪ هڪ موتيءَ جو هو. شهر جي سڙڪ خالص سون جي هئي ۽ شيشي جهڙي صاف هئي.


پوءِ انهيءَ ملائڪ مون کي آبِ‌حيات جو هڪڙو درياءُ ڏيکاريو، جيڪو بلور وانگر پئي چمڪيو ۽ خدا ۽ گھيٽڙي جي تخت مان نڪري


انهيءَ تخت جي چوڌاري چوويهہ تخت ٻيا بہ هئا ۽ انهن تختن تي مون چوويهہ بزرگ ويٺل ڏٺا، جن کي اڇا ڪپڙا پهريل هئا ۽ انهن جي مٿن تي سونا تاج هئا.


ڏسندي ڏسندي مون تخت، چئني ساهوارن ۽ بزرگن جي چوڌاري تمام گھڻن ملائڪن جا آواز ٻڌا، جن جو تعداد لکن ۽ ڪروڙن ۾ هو.


اهي چارئي ساهوارا ”آمين، آمين“ چوندا رهيا ۽ اهي بزرگ منهن ڀر ڪري سجدو ڪرڻ لڳا.


پوءِ مون چئن ساهوارن ۽ انهن بزرگن جي وچ ۾ رکيل انهيءَ تخت وٽ هڪڙو گھيٽڙو بيٺل ڏٺو. ائين ٿي لڳو تہ هن کي ڪُٺو ويو هجي. انهيءَ کي ست سڱ ۽ ست اکيون هيون. اهي اکيون خدا جا ست روح آهن جيڪي سڄي ڌرتيءَ تي موڪليا ويا آهن.


جڏهن هن اهو ويڙهوٽو ورتو تہ اهي چارئي ساهوارا ۽ چوويهہ بزرگ انهيءَ گھيٽڙي جي پيرن تي ڪري پيا. انهن بزرگن مان هر هڪ جي هٿن ۾ هڪڙي ستارَ ۽ لوبان سان ڀريل سونو پيالو هو. اهو لوبان مسيح ۾ چونڊي پاڪ ڪيلن جون دعائون هيون.


پوءِ مون ڏٺو تہ جڏهن گھيٽڙي انهن ستن مُهرن مان هڪ کي ٽوڙيو، تڏهن انهن چئن ساهوارن مان هڪڙي کي گجگوڙ جهڙي آواز سان چوندي ٻڌم تہ ”اچ.“


مون ڄڻ تہ چئني ساهوارن جي وچ مان هي آواز ٻڌو تہ ”ڏڪار پيدا ڪر تہ جيئن هڪ ڏينهن جي مزدوريءَ جي عيوض رڳو هڪ ڪلوگرام ڪڻڪ يا ٽي ڪلوگرام جَوَ ٿين. پر زيتون جي تيل ۽ مئي کي زيان نہ ڪر.“


سڀيئي ملائڪ ان تخت، انهن بزرگن ۽ چئني ساهوارن جي چوڌاري بيهي رهيا ۽ تخت جي اڳيان منهن ڀر ڪري خدا کي سجدو ڪري


اهو انهيءَ جي ڪري ٿيندو جو گھيٽڙو جيڪو تخت جي وچ ۾ آهي، سو هنن جو ڌنار هوندو ۽ کين آبِ‌حيات جي چشمن وٽ وٺي ويندو ۽ خدا سندن اکين جا سڀ ڳوڙها اُگھي ڇڏيندو.“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan