Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




مڪاشفو 3:8 - Muslim Sindhi Bible

8 ”مون کي اوهان جي عملن جي ڄاڻ آهي ۽ ڄاڻان ٿو تہ اوهان ۾ طاقت ٿوري آهي. تنهن هوندي بہ اوهان منهنجي پيغام تي عمل ڪيو ۽ منهنجي نالي جو انڪار ڪين ڪيو. سو مون اوهان جي اڳيان هڪڙو دروازو کولي ڇڏيو آهي، جنهن کي ڪوبہ بند ڪري نہ ٿو سگھي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

8 مون کي تنهنجن ڪمن جي خبر آهي (ڏس، مون تنهنجي اڳيان هڪڙو در کولي ڇڏيو آهي جو ڪوبہ بند نہ ڪري سگهندو.) تو ۾ ٿوري طاقت آهي، ۽ تو منهنجي ڪلام تي عمل ڪيو، ۽ منهنجي نالي کان انڪار ڪين ڪيو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

8 ”مون کي اوهان جي عملن جي ڄاڻ آهي ۽ ڄاڻان ٿو تہ اوهان ۾ طاقت ٿوري آهي. تنهن هوندي بہ اوهان منهنجي سنديش تي عمل ڪيو ۽ منهنجي نالي جو انڪار ڪين ڪيو. سو مون اوهان جي اڳيان هڪڙو دروازو کولي ڇڏيو آهي، جنهن کي ڪوبہ بند ڪري نہ ٿو سگھي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

8 مون کي اوھان جي ڪمن جي خبر آھي ۽ ڄاڻان ٿو تہ اوھان ۾ ٿوري طاقت آھي. اوھان منھنجي ڪلام تي عمل ڪيو ۽ منھنجي نالي کان انڪار ڪين ڪيو. سو مون اوھان جي اڳيان ھڪڙو دروازو کولي ڇڏيو آھي، جنھن کي ڪوبہ بند ڪري نہ ٿو سگھي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




مڪاشفو 3:8
25 Iomraidhean Croise  

انهيءَ سبب جو جيڪڏهن مون وٽ کائڻ لاءِ جھجھو هوندو، تہ ٿي سگھي ٿو تہ آءٌ تو کان مُنڪر ٿيان ۽ چوان تہ ’خداوند ڪير آهي؟‘ يا جيڪڏهن مون وٽ کاڌي لاءِ ڪجھہ بہ نہ هوندو، تہ ٿي سگھي ٿو تہ آءٌ چوري ڪريان، ۽ تنهنجي پاڪ نالي جي بي‌ادبي ڪريان.“


انهن ثابت قدم رهڻ وارن کي سندن مصيبت واري وقت ۾ ٿورا گھڻا ماڻهو اچي ٽيڪو ڏيندا، پر انهن ۾ گھڻا ئي مطلبي ماڻهو هوندا.


پر جيڪو ماڻهن جي اڳيان مون کي قبول نہ ڪندو، تنهن کي ابنِ آدم بہ خدا جي ملائڪن جي اڳيان قبول نہ ڪندو.


مون اوهان کي اڳ ۾ جيڪي ٻڌايو آهي سو ياد رکو تہ ڪوبہ غلام پنهنجي مالڪ کان وڏو نہ آهي. سو جيئن ماڻهن مون کي ستايو آهي تيئن اوهان کي بہ ستائيندا. جيئن ڪن منهنجي ڳالهين تي عمل ڪيو آهي تيئن اوهان جي ڳالهين تي بہ عمل ڪندا.


دنيا مان جيڪي ماڻهو تو مون کي ڏنا آهن، تن تي مون تو کي ظاهر ڪيو آهي. اهي تنهنجا هئا ۽ تو ئي مون کي ڏنا. انهن تنهنجي ڳالهين تي عمل ڪيو آهي


اتي پهچي هنن ڪليسيا جي ماڻهن کي گڏ ڪيو ۽ کين سڄو سربستو احوال ڪري ٻڌايائون تہ ڪيئن خدا هنن جي مدد ڪئي ۽ ڪهڙيءَ طرح خدا غير قومن جي لاءِ ايمان جو دروازو کولي ڇڏيو.


ڇاڪاڻ تہ مون کي هتي اثرائتي ڪم ڪرڻ جو وڏو موقعو مليو آهي، توڙي جو مخالف بہ گھڻا ئي آهن.


جڏهن آءٌ مسيح بابت خوشخبري ٻڌائڻ لاءِ تروآس شهر ۾ پهتس تہ خداوند عيسيٰ جي طرفان مون لاءِ خدمت ڪرڻ جو هڪڙو در کُلي پيو.


مطلب تہ خداوند عيسيٰ جيڪو مون کي طاقت بخشي ٿو تنهن ۾ آءٌ هر ڳالهہ کي منهن ڏيئي ٿو سگھان.


انهيءَ سان گڏ اسان جي لاءِ بہ دعا گھرندا ڪريو جو خدا اسان لاءِ پيغام ٻڌائڻ جو دروازو کولي، تہ جيئن اسين مسيح جي انهيءَ راز کي بيان ڪري سگھون جنهن جي خاطر آءٌ قيد ۾ آهيان.


جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي مائٽن ۽ خاص ڪري پنهنجي گھر ٻار جي سار سنڀال نہ ٿو ڪري، تہ اهو ايمان کان انڪاري ٿيو ۽ انهيءَ کان بہ وڌيڪ خراب آهي جنهن جو ڪو ايمان ڪونهي.


آءٌ چڱي ويڙهہ وڙهي چڪو آهيان. آءٌ پنهنجي ڊوڙ پوري ڪري چڪو آهيان. مون ايمان کي محفوظ رکيو آهي.


منهنجي خط لکڻ جو سبب هي آهي تہ ڪي اهڙا ماڻهو لڪي ڇپي اوهان منجھہ گھڙي آيا آهن، جن کي پاڪ ڪلام مطابق قديم زماني کان گنهگار قرار ڏنو ويو آهي. اهي بي‌دين ماڻهو آهن، جيڪي اسان جي خدا جي فضل کي بگاڙي پنهنجي شهوت‌پرستيءَ جو بهانو ٿا بڻائين ۽ اسان جي هڪڙي ئي مالڪ ۽ خداوند، يعني عيسيٰ مسيح جو انڪار ٿا ڪن.


”آءٌ ڄاڻان ٿو تہ اوهين ڪٿي ٿا رهو، يعني اتي جتي شيطان جو تخت آهي. اوهين منهنجي نالي تي قائم آهيو ۽ اوهان انهن ڏينهن ۾ بہ مون تي ايمان رکڻ نہ ڇڏيو، جڏهن منهنجو وفادار شاهد انتپاس اوهان جي شهر ۾ ماريو ويو جتي شيطان رهي ٿو.


”مون کي اوهان جي عملن، يعني اوهان جي سخت محنت ۽ ثابت قدميءَ جي ڄاڻ آهي ۽ اهو بہ ڄاڻان ٿو تہ اوهين بڇڙائي ڪندڙن کي برداشت ڪري نہ ٿا سگھو. جيڪي پاڻ کي رسول ٿا سڏائين پر آهن ڪين، تن کي اوهان آزمائي ڏٺو تہ اهي ڪوڙا نڪتا.


جيئن خداوند عيسيٰ چوي ٿو تہ ”ٻڌو، آءٌ جلد اچڻ وارو آهيان.“ سڀاڳو آهي اهو جيڪو هن ڪتاب جي ڳالهين مطابق زندگي گذاري ٿو.


هن مون کي سرديس واري ڪليسيا جي ملائڪ ڏانهن اهو لکڻ لاءِ چيو تہ جنهن وٽ خدا جا ست روح ۽ ست تارا آهن، سو تنهنجي ڪليسيا وارن کي فرمائي ٿو تہ ”آءٌ اوهان جي عملن کي ڄاڻان ٿو. ماڻهو اوهان کي روح جي لحاظ کان جيئرو سمجھن ٿا، پر اوهين تہ مئل آهيو.


جيئن تہ اوهين منهنجي حڪم مطابق ثابت قدم رهيا آهيو، تنهنڪري آءٌ آزمائش جي انهيءَ گھڙيءَ ۾ اوهان جي حفاظت ڪندس، جيڪا ڌرتيءَ تي رهڻ وارن جي آزمائش لاءِ سڄي جهان تي اچڻي آهي.


”مون کي اوهان جي عملن جي ڄاڻ آهي. اوهين نہ ٿڌا آهيو نڪي گرم. ڪاش! اوهين ٿڌا يا گرم هجو ها تہ چڱو ٿئي ها.


هن مون کي فلدلفيا واري ڪليسيا جي ملائڪ ڏانهن اهو لکڻ لاءِ چيو تہ جيڪو پاڪ ۽ سچو آهي، جنهن وٽ دائود جي بادشاهيءَ جي چاٻي آهي، جنهن جي کوليل کي ڪوبہ بند نہ ٿو ڪري سگھي ۽ جنهن جي بند ڪيل کي ڪوبہ کولي نہ ٿو سگھي، سو تنهنجي ڪليسيا وارن کي فرمائي ٿو تہ


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan