مڪاشفو 3:5 - Muslim Sindhi Bible5 هائو، جيڪو آزمائشن تي غالب پوندو، تنهن کي اهڙيءَ طرح اڇا ڪپڙا پهرايا ويندا. آءٌ سندس نالو زندگيءَ جي ڪتاب مان اصل ڪونہ ڪڍندس، بلڪ آءٌ پنهنجي پيءُ ۽ سندس ملائڪن جي اڳيان اقرار ڪندس تہ اهو شخص منهنجو آهي. Faic an caibideilSindhi Bible5 جيڪو غالب پوندو تنهن کي انهيءَ طرح اڇا ڪپڙا ڍڪايا ويندا؛ ۽ آئون سندس نالو زندگيءَ جي ڪتاب مان اصل ڪڍي نہ ڇڏيندس، ۽ آئون سندس نالو پنهنجي پيءُ جي اڳيان ۽ سندس ملائڪن جي اڳيان قبول ڪندس. Faic an caibideilHindu Sindhi Bible5 هائو، جيڪو آزمائشن تي حاوي پوندو، تنهن کي اهڙيءَ طرح اڇا ڪپڙا پهرايا ويندا. آءٌ سندس نالو جيون شاستر مان اصل ڪونہ ڪڍندس، بلڪ آءٌ پنهنجي پتا ۽ سندس دوتن جي اڳيان اقرار ڪندس تہ اهو شخص منهنجو آهي. Faic an caibideilCommon Language New Testament5 جيڪو غالب پوندو، تنھن کي اھڙيءَ طرح پاڪ صاف ڪپڙا پھرايا ويندا. آءٌ سندس نالو زندگيءَ جي ڪتاب مان اصل ڪونہ ڪڍندس، بلڪ آءٌ پنھنجي پيءُ ۽ سندس ملائڪن جي اڳيان اقرار ڪندس تہ اھو شخص منھنجو آھي. Faic an caibideil |
جيڪو آزمائشن تي غالب پوندو، تنهن کي آءٌ پنهنجي خدا جي هيڪل جو اهڙو ٿنڀو بڻائيندس جيڪو اتي هميشہ تائين قائم رهندو. آءٌ انهيءَ تي پنهنجي خدا جو نالو ۽ پنهنجي خدا جي شهر، يعني انهيءَ نئين يروشلم جو نالو اڪريندس، جيڪو منهنجي خدا وٽان آسمان کان هيٺ لهي اچڻ وارو آهي. آءٌ پنهنجو نئون نالو بہ انهيءَ ٿنڀي تي اڪريندس.
هو هڪٻئي کي چوڻ لڳا تہ ”تون انهيءَ ماڻهوءَ کي ڏسين ٿو جيڪو نڪري آيو آهي؟ پڪ سان اهو بني اسرائيل کي ذليل ڪرڻ لاءِ آيو آهي. سو جيڪو ماڻهو انهيءَ کي ماري ڇڏيندو تنهن کي سائول بادشاهہ دولت سان مالا مال ڪري ڇڏيندو ۽ پنهنجي ڌيءَ بہ کيس پرڻائيندو. ان کان علاوہ سندس گھراڻو بني اسرائيل ۾ هر ڪنهن ڳالهہ کان آزاد رهندو.“