Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




مڪاشفو 3:3 - Muslim Sindhi Bible

3 تنهنڪري پنهنجو اهو جذبو ياد ڪريو جيڪو اوهان کي پيغام قبول ڪرڻ وقت هو. انهيءَ تعليم تي عمل ڪريو ۽ توبهہ‌تائب ٿيو. جيڪڏهن اوهين سجاڳ نہ ٿيندا تہ آءٌ چور وانگر ايندس. هائو، اوهان کي خبر ئي ڪانہ پوندي تہ آءٌ ڪهڙي وقت اچي اوهان جي مٿان ڪڙڪندس.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

3 تنهنڪري جيڪي توکي مليو آهي، ۽ جيڪي ٻُڌو اٿيئي، سو ياد رک، ۽ انهي تي قائم رهہ، ۽ توبهہ ڪر. سو جيڪڏهن تون سجاڳ نہ رهندين، تہ آئون چور وانگر ايندس، ۽ توکي خبر ئي ڪانہ پوندي تہ ڪهڙي وقت تنهنجي مٿان اچي پوندس.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

3 تنهنڪري پنهنجو اهو جذبو ياد ڪريو جيڪو اوهان کي سنديش قبول ڪرڻ وقت هو. انهيءَ سکيا تي عمل ڪريو ۽ توبهہ‌تائب ٿيو. جيڪڏهن اوهين سجاڳ نہ ٿيندا تہ آءٌ چور وانگر ايندس. هائو، اوهان کي سڌ ئي ڪانہ پوندي تہ آءٌ ڪهڙي وقت اچي اوهان جي مٿان ڪڙڪندس.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

3 تنھنڪري جيڪي اوھان کي مليو آھي ۽ جيڪي ٻڌو اٿوَ، تنھن تي عمل ڪريو ۽ توبھہ⁠تائب ٿيو. جيڪڏھن اوھين سجاڳ نہ ٿيندا تہ آءٌ چور وانگر ايندس ۽ اوھان کي خبر ئي ڪانہ پوندي تہ ڪھڙي وقت اچي اوھان جي مٿان ڪڙڪندس.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




مڪاشفو 3:3
24 Iomraidhean Croise  

پوءِ اتي اوهين پنهنجي بڇڙائيءَ واري چال چلت ۽ پنهنجا ڪيل ڪراهت وارا ڪم ياد ڪري پنهنجو پاڻ کان نفرت ڪندا، ڇاڪاڻ تہ انهن سڀني بدڪارين جي ڪري اوهين پليت ٿيا هئا.


پوءِ اوهان پنهنجي اڳئين بري هلت چلت، بڇڙائي، بدڪاري ۽ ڪراهت جهڙن ڪمن کي ياد ڪري ڏاڍو شرمسار ۽ پشيمان ٿيندا.


عيسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”انهيءَ ڪري اوهين بہ سجاڳ رهجو، ڇاڪاڻ تہ اوهان کي ابنِ آدم جي اچڻ واري ڏينهن ۽ گھڙيءَ جي خبر نہ آهي.“


سو هوشيار ٿجو ۽ سجاڳ رهجو، ڇاڪاڻ تہ اوهان کي خبر نہ آهي تہ اهو وقت ڪڏهن ايندو.


ائين نہ ٿئي جو جڏهن هو اوچتو اچي تہ متان اوهان کي ستل ڏسي.


ڇاڪاڻ تہ اوهين پاڻ چڱيءَ طرح ڄاڻو ٿا تہ خداوند عيسيٰ جي موٽي اچڻ وارو ڏينهن ائين اوچتو ايندو جيئن رات جو ڪو چور ٿو اچي.


اي تيمٿيس! خوشخبريءَ واري امانت جيڪا تو کي سونپي ويئي آهي، تنهن جي حفاظت ڪر. اجائي بڪ بڪ ۽ انهيءَ علم کان پاسو ڪندو رهہ، جنهن ۾ اختلافي ڳالهيون آهن ۽ جنهن کي علم چوڻ ئي غلط آهي.


اهي صحيح ڳالهيون جيڪي تو مون کان ٻڌيون، تنهنجي لاءِ هڪ نمونو آهن. سو تون انهن کي انهيءَ ايمان ۽ محبت سان دل ۾ سانڍي ڇڏ، جيڪي مسيح ۾ تو کي آهن.


تنهنڪري لازمي آهي تہ عيسيٰ بابت جيڪي ڳالهيون اسان ٻڌيون آهن، تن تي اسين وڌيڪ ڌيان ڏيون، انهيءَ لاءِ تہ متان لڙهي انهن کان پري نڪري نہ وڃون.


آءٌ اها ڳالهہ واجب ٿو سمجھان تہ جيستائين آءٌ جيئرو آهيان تيستائين اوهان جي دلين کي اُڀارڻ لاءِ يادگيري ڏياريندي هوشيار ڪندو رهان.


اي عزيزؤ! آءٌ اوهان ڏانهن هي ٻيو خط لکي رهيو آهيان. ٻنهي خطن ۾ آءٌ اوهان کي اهي ڳالهيون ياد ڏياريندي اوهان جي ذهنن کي سچائيءَ واري سوچ لاءِ اُڀارڻ جي ڪوشش ڪريان ٿو،


ياد رکو، خداوند جو ڏينهن چور وانگر اوچتو ايندو. انهيءَ ڏينهن جڏهن آسماني شيون سخت باهہ جي ڪري ڳري ناس ٿي وينديون، تڏهن آسمان وڏي ڪڙڪي سان ختم ٿي ويندا ۽ زمين ۽ جيڪي ڪجھہ مٿس آهي سو سڀ سڙي ناس ٿي ويندو.


انهيءَ ڪري خداوند عيسيٰ فرمائي ٿو تہ ”ڏسو، آءٌ ائين پيو اچان، جيئن چور ايندو آهي. سڀاڳو آهي اهو جيڪو سجاڳ ٿو رهي ۽ پنهنجي پوشاڪ جي سنڀال ٿو ڪري، تہ جيئن اگھاڙو نہ ٿئي ۽ ماڻهو سندس اوگھڙ نہ ڏسن.“


سواءِ انهيءَ جي تہ جيڪي اوهان کي مليو آهي تنهن کي مضبوطيءَ سان جھليو جيستائين آءٌ اچان.


سو ياد ڪريو تہ اوهين ڪٿان ڪريا آهيو ۽ پوءِ توبهہ‌تائب ٿي اڳي وانگر عمل ڪريو. جيڪڏهن اوهان ائين نہ ڪيو تہ آءٌ اوهان وٽ ايندس ۽ اوهان جو شمعدان مقرر جاءِ تان کڻي ڇڏيندس.


جيئن خداوند عيسيٰ چوي ٿو تہ ”ٻڌو، آءٌ جلد اچڻ وارو آهيان.“ سڀاڳو آهي اهو جيڪو هن ڪتاب جي ڳالهين مطابق زندگي گذاري ٿو.


آءٌ جلد اچڻو آهيان. جيڪي ڪجھہ اوهان وٽ آهي تنهن کي مضبوطيءَ سان جھليو تہ ڪوبہ اوهان جو تاج کسي نہ وٺي.


آءٌ جن سان پيار ڪندو آهيان تن کي تنبيهہ ۽ سيکت بہ ڏيندو آهيان، تنهنڪري سرگرم ٿيو ۽ توبهہ‌تائب ٿيو.


اوهين سجاڳ ٿيو ۽ جيڪي ڪجھہ اوهان وٽ باقي بچيو آهي ۽ ناس ٿيڻ تي آهي تنهن کي مضبوط ڪريو، ڇاڪاڻ تہ مون اوهان جي ڪنهن بہ عمل کي پنهنجي خدا جي آڏو پورو نہ ڏٺو آهي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan