مڪاشفو 3:2 - Muslim Sindhi Bible2 اوهين سجاڳ ٿيو ۽ جيڪي ڪجھہ اوهان وٽ باقي بچيو آهي ۽ ناس ٿيڻ تي آهي تنهن کي مضبوط ڪريو، ڇاڪاڻ تہ مون اوهان جي ڪنهن بہ عمل کي پنهنجي خدا جي آڏو پورو نہ ڏٺو آهي. Faic an caibideilSindhi Bible2 تون سجاڳ ٿي جيڪي شيون باقي رهيل آهن، ۽ نيست ٿيڻ تي آهن، تن کي قائم ڪر: ڇالاءِ جو مون تنهنجا ڪي بہ ڪم پنهنجي خدا جي اڳيان پورا ٿيل نہ ڏٺا. Faic an caibideilHindu Sindhi Bible2 اوهين سجاڳ ٿيو ۽ جيڪي ڪجھہ اوهان وٽ باقي بچيو آهي ۽ ناس ٿيڻ تي آهي تنهن کي مضبوط ڪريو، ڇاڪاڻ تہ مون اوهان جي ڪنهن بہ عمل کي پنهنجي ايشور جي آڏو پورو نہ ڏٺو آهي. Faic an caibideilCommon Language New Testament2 اوھين سجاڳ ٿيو ۽ جيڪي شيون اوھان وٽ باقي آھن تن کي سوگھو جھليو، ڇالاءِجو اھي ناس ٿيڻ تي آھن. مون اوھان جي ڪنھن بہ ڪم کي پنھنجي خدا جي آڏو پورو ٿيل نہ ڏٺو. Faic an caibideil |
ڏس، آءٌ پنهنجي قوم جي سار سنڀال لاءِ هڪ اڳواڻ کڙو ڪرڻ وارو آهيان، جيڪو اهڙي ريڍار وانگر هوندو جيڪو نہ ناس ٿي ويل رڍن جي ڪا خبرچار لهي ٿو، نہ ڪڻو ڪڻو ٿي ويلن جي ڳولا ٿو ڪري، نڪي زخمين جو علاج ٿو ڪري ۽ نہ وري صحتمندن جي پرورش ٿو ڪري، بلڪ هو رڳو ٿلهين متارين رڍن جو گوشت ٿو کائي ۽ انهن جا کُر ڇني ٿو اڇلائي.