مڪاشفو 3:19 - Muslim Sindhi Bible19 آءٌ جن سان پيار ڪندو آهيان تن کي تنبيهہ ۽ سيکت بہ ڏيندو آهيان، تنهنڪري سرگرم ٿيو ۽ توبهہتائب ٿيو. Faic an caibideilSindhi Bible19 جيترن کي آئون پيار ٿو ڪريان، اوترن کي آئون ڇينڀيان ٿو ۽ سيکت ٿو ڏيان؛ تنهنڪري سرگرم ٿي ۽ توبهہ ڪر. Faic an caibideilHindu Sindhi Bible19 آءٌ جن سان پيار ڪندو آهيان تن کي ڇينڀ ۽ سيکت بہ ڏيندو آهيان، تنهنڪري سرگرم ٿيو ۽ توبهہتائب ٿيو. Faic an caibideilCommon Language New Testament19 آءٌ جن سان پيار ڪندو آھيان تن کي تنبيھہ ۽ سيکت بہ ڏيندو آھيان، تنھنڪري سرگرم ٿيو ۽ توبھہتائب ٿيو. Faic an caibideil |
هاڻي ڏسو، اوهان جي غمگيني جيڪا خدا جي مرضيءَ موجب هئي، تنهن اوهان ۾ ڪيڏو نہ اثر پيدا ڪيو. هائو، انهيءَ اوهان ۾ پنهنجي بچاءَ لاءِ ڪيڏي نہ سرگرمي، غلط ڪمن تي ڪيڏو نہ رنج، خدا جو ڪيڏو نہ خوف، ڪيڏي نہ سڪ ۽ ڪيڏو نہ جذبو پيدا ڪيو ۽ اوهين ڏوهاريءَ کي سيکت ڏيڻ لاءِ ڪيڏا نہ تيار ٿيا. ائين اوهان هر طرح سان ثابت ڪري ڏيکاريو تہ اوهين هن معاملي ۾ بيڏوهي آهيو.