Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




مڪاشفو 22:6 - Muslim Sindhi Bible

6 پوءِ انهيءَ ملائڪ مون کي چيو تہ ”هي ڳالهيون اعتبار جوڳيون ۽ سچيون آهن.“ خداوند خدا، جيڪو پنهنجي پيغام ڏيندڙن تي پنهنجو روح نازل ڪري ٿو، تنهن پنهنجو ملائڪ انهيءَ لاءِ موڪليو تہ پنهنجي ٻانهن کي اهي ڳالهيون ڏيکاري جيڪي جلد ٿيڻ واريون آهن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

6 ۽ هن مون کي چيو تہ هي ڳالهيون اعتبار جوڳيون ۽ سچيون آهن: ۽ خداوند، نبين جي روحن جي خدا، پنهنجو ملائڪ انهي لاءِ موڪليو تہ پنهنجن ٻانهن کي اهي ڳالهيون ڏيکاري، جي ضرور جلد ٿيڻ واريون آهن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

6 پوءِ انهيءَ دوت مون کي چيو تہ ”هي ڳالهيون وشواس جوڳيون ۽ سچيون آهن.“ پرڀو پرميشور، جيڪو پنهنجي سنديش ڏيندڙن تي پنهنجي آتما پرگھٽ ڪري ٿو، تنهن پنهنجو دوت انهيءَ لاءِ موڪليو تہ پنهنجي داسن کي اهي ڳالهيون ڏيکاري جيڪي جلد ٿيڻ واريون آهن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

6 پوءِ انھيءَ ملائڪ مون کي چيو تہ ”ھي ڳالھيون اعتبار جوڳيون ۽ سچيون آھن.“ خداوند، نبين جي روحن جي خدا، پنھنجو ملائڪ انھيءَ لاءِ موڪليو تہ پنھنجي ٻانھن کي اھي ڳالھيون ڏيکاري جن جو جلد ٿيڻ ضروري آھي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




مڪاشفو 22:6
26 Iomraidhean Croise  

اهو خواب جيڪو تو کي ٻہ ڀيرا ڏيکاريو ويو آهي، تنهن جو مطلب آهي تہ اها ڳالهہ خدا مقرر ڪري ڇڏي آهي ۽ هو جلد ائين ڪندو.


تڏهن بادشاهہ نبوڪدنضر چوڻ لڳو تہ ”سدرڪ، ميسڪ ۽ عبدنجو جي خدا جي شل واکاڻ هجي، جنهن پنهنجو ملائڪ موڪلي پنهنجي ٻانهن کي بچائي ورتو آهي. هنن مٿس توڪل رکي مون بادشاهہ جي حڪم کي ٿُڏي ڇڏيو ۽ پنهنجيون جانيون فدا ڪرڻ قبوليائون. هنن هي سڀ انهيءَ لاءِ ڪيو، تہ جيئن پنهنجي خدا کان سواءِ ڪنهن ٻئي معبود کي سجدو ڪري انهيءَ جي پوڄا نہ ڪن.


منهنجي خدا پنهنجو ملائڪ موڪلي شينهَن جا وات بند ڪري ڇڏيا آهن. انهن مون کي ڪوبہ نقصان نہ رسايو آهي، ڇاڪاڻ تہ خدا جي آڏو آءٌ بي‌گناهہ قرار ڏنو ويس. ساڳيءَ طرح اي بادشاهہ! مون توهان جي آڏو بہ ڪو خطا جهڙو ڪم ڪونہ ڪيو آهي.“


ابنِ آدم پنهنجي ملائڪن کي موڪليندو ۽ اهي سندس بادشاهيءَ مان انهن سڀني کي گڏ ڪندا جيڪي ٻين کي گمراهہ ٿا ڪن ۽ شريعت جي ڀڃڪڙي ڪن ٿا.


جنهن جو هن پنهنجي پاڪ نبين جي وسيلي واعدو ڪيو هو، جيڪي قديم زماني کان وٺي ايندا رهيا.


عيسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”موسيٰ جي شريعت توڙي ٻين نبين جون لکتون يحيٰ جي وقت تائين لاڳو رهيون. تنهن کان پوءِ خدا جي بادشاهيءَ بابت خوشخبريءَ جي منادي ٿيڻ لڳي ۽ هر ڪو ان ۾ داخل ٿيڻ لاءِ زور پيو ڏئي.


جڏهن پطرس هوش ۾ آيو، تڏهن چوڻ لڳو تہ ”هاڻي مون کي پڪ ٿي تہ خداوند پنهنجو ملائڪ موڪلي مون کي هيروديس جي چنبي کان آزاد ڪيو آهي ۽ يهودي ماڻهن جي سمورين اميدن کي خاڪ ۾ ملائي ڇڏيو اٿس.“


ائين خدا جيڪو اڳي سڀني نبين جي معرفت چيو هو تہ سندس مسيح اهي تڪليفون سهندو، سو هن انهيءَ طرح پورو ڪيو.


انهيءَ خوشخبريءَ جو واعدو خدا اڳي ئي پاڪ ڪلام ۾ پنهنجي نبين جي معرفت ڪيو هو.


خدا جو پيغام ٻڌائيندڙ پنهنجي روحاني نعمت کي انهيءَ ترتيب مطابق ضابطي ۾ رکي سگھن ٿا.


اي ڀائرو ۽ ڀينرون! چوڻ جو مطلب هي آهي تہ آخري وقت ويجھو اچي چڪو آهي. سو مسيح جي اچڻ جي بنسبت هاڻي کان وٺي پرڻيل ماڻهو پنهنجي شاديءَ کي ڪا اهميت نہ ڏين،


۽ اوهان تڪليفن سهڻ وارن کي اسان سان گڏ آرام ڏيندو. هي انهيءَ وقت ٿيندو جڏهن اسان جو خداوند عيسيٰ پنهنجي ملائڪن جي لشڪر سان گڏ ڀڙڪندڙ باهہ ۾ آسمان مان ظاهر ٿيندو


ڏسو، اسان جا دنياوي پيئر اسان کي سيکت ڏيندا هئا، تہ بہ اسين هنن جي تعظيم ڪندا رهيا آهيون. تہ پوءِ اسين پنهنجي آسماني پيءُ يعني خدا جي ڇو نہ وڌيڪ تابعداري ڪريون تہ جيئن جيئرا رهون؟


هائو، نبين جي ڪابہ ڳالهہ ڪڏهن بہ انسان جي پنهنجي مرضيءَ موجب ڪانہ ٿي، بلڪ اهي پاڪ روح جي رهنمائيءَ سان خدا جي طرفان ڳالهائيندا هئا.


جيڪي پاڪ نبي اڳي ڪري ويا آهن. انهن سان گڏ اسان جي خداوند ۽ ڇوٽڪاري ڏيندڙ جو سچائيءَ جي واٽ تي هلڻ وارو اهو حڪم بہ ياد ٿو ڏياريان، جيڪو اوهان کي رسولن جي وسيلي ڏنو ويو هو.


هن ڪتاب ۾ انهن ڳالهين جو بيان آهي، جيڪي عيسيٰ مسيح ظاهر ڪيون. اهو مڪاشفو خدا هن کي انهيءَ لاءِ ڏنو تہ هو پنهنجي ٻانهن کي اهي ڳالهيون ڏيکاري جيڪي جلد ٿيڻ واريون آهن. مسيح پنهنجي ملائڪ جي وسيلي پنهنجي ٻانهي يوحنا تي اهي ڳالهيون ظاهر ڪيون.


مون هي بہ ٻڌو تہ ”اي آسمان! انهيءَ شهر تي خوشيون ڪر، اي مسيح ۾ چونڊي پاڪ ڪيلؤ! اي عيسيٰ بابت خوشخبري ۽ خدا جو پيغام ٻڌائيندڙؤ! اوهين انهيءَ شهر تي خوشيون ڪريو، ڇاڪاڻ تہ خدا عدالت ڪري هن کان اوهان جو بدلو وٺي ٿو.“


ان کان پوءِ ملائڪ مون کي چيو تہ ”هي لکي ڇڏ تہ سڀاڳا آهن اهي، جن کي گھيٽڙي جي شاديءَ جي دعوت ملي آهي.“ هن هي بہ چيو تہ ”هي خدا جا سچا لفظ آهن.“


پوءِ تخت تي ويٺل هستيءَ مون کي چيو تہ ”ڏس، آءٌ سڀني شين کي نئون ٿو ڪريان.“ هن هي بہ چيو تہ ”اهو لکي ڇڏ، ڇاڪاڻ تہ هي لفظ سچا ۽ ڀروسي جوڳا آهن.“


پوءِ اهي ست ملائڪ جن جي ستن پيالن مان آخري ست آفتون نڪتيون هيون، تن مان هڪڙي اچي مون کي چيو تہ ”هيڏانهن اچ تہ آءٌ تو کي ڪنوار ڏيکاريان، جيڪا گھيٽڙي جي زال آهي.“


پوءِ انهيءَ ملائڪ مون کي آبِ‌حيات جو هڪڙو درياءُ ڏيکاريو، جيڪو بلور وانگر پئي چمڪيو ۽ خدا ۽ گھيٽڙي جي تخت مان نڪري


خداوند عيسيٰ چوي ٿو تہ ”مون عيسيٰ پنهنجو ملائڪ انهيءَ لاءِ موڪليو آهي تہ هو ڪليسيائن کي انهن ڳالهين جي شاهدي ڏئي. آءٌ دائود جي نسل ۽ خاندان مان آهيان ۽ صبح جو چمڪندڙ تارو آهيان.“


جيئن خداوند عيسيٰ چوي ٿو تہ ”ٻڌو، آءٌ جلد اچڻ وارو آهيان.“ سڀاڳو آهي اهو جيڪو هن ڪتاب جي ڳالهين مطابق زندگي گذاري ٿو.


انهن ڳالهين کان پوءِ مون آسمان ڏانهن نهاريو تہ ڇا ڏسان تہ انهيءَ ۾ هڪڙو کُليل دروازو آهي! ان وقت اهو توتاري جهڙو آواز جيڪو مون اڳ ۾ ٻڌو هو، سو وري ٻڌڻ ۾ آيو ۽ چيائين تہ ”هيڏانهن مٿي اچ تہ آءٌ تو کي اهو ڪجھہ ڏيکاريان، جيڪو هن کان پوءِ ٿيڻ وارو آهي.“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan