Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




مڪاشفو 22:13 - Muslim Sindhi Bible

13 آءٌ اول ۽ آخر، شروعات ۽ پڇاڙي آهيان. هائو، آءٌ ئي ازلي ۽ ابدي آهيان.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

13 آئون الفا ۽ اوميگا، پهريون ۽ پويون، اول ۽ آخر آهيان.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

13 آءٌ اول ۽ آخر، شروعات ۽ پڇاڙي آهيان. هائو، آءٌ ئي هميشہ کان هميشہ تائين آهيان.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

13 اول ۽ آخر، پھريون ۽ پويون ۽ ازلي ۽ ابدي آءٌ آھيان.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




مڪاشفو 22:13
10 Iomraidhean Croise  

هي ڪم ۽ انتظام ڪنهن جو آهي؟ ڪير شروعات کان وٺي انساني واقعات کي پنهنجي ضابطي ۾ ٿو رکي؟ اهو آءٌ خداوند آهيان، هائو، آءٌ ئي اهو سڀ ڪجھہ ڪريان ٿو. آءٌ ئي اول آهيان ۽ آءٌ ئي آخر.


خداوند، بني اسرائيل جو بادشاهہ ۽ سندن بچائيندڙ، قادرِمطلق خداوند فرمائي ٿو تہ ”آءٌ ئي اول آهيان ۽ آءٌ ئي آخر آهيان، مون کان سواءِ ٻيو ڪوبہ خدا ڪونهي.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي بني يعقوب! هائو، اي بني اسرائيل! جن کي مون چونڊي ڪڍيو آهي، اوهين منهنجي ڳالهہ ٻڌو. رڳو آءٌ ئي خدا آهيان، هائو، آءٌ ئي اول ۽ آءٌ ئي آخر آهيان.


جيئن تہ خدا جو جلوو ابنِ آدم مان ظاهر ٿيندو تہ خدا بہ هن کي پنهنجي جلوي ۾ شريڪ ڪندو، بلڪ ڏسو، هاڻي ئي ٿو ڪريس.


جنهن چيو تہ ”جيڪي تون ڏسين ٿو، سو ڪتاب ۾ لک ۽ اهو ستن ئي ڪليسيائن ڏانهن ڏياري موڪل، جيڪي اِفسس، سمرنا، پرگمن، ٿواتيرہ، سرديس، فلدلفيا ۽ لوديڪيا شهرن ۾ آهن.“


جڏهن مون هن کي ڏٺو تہ سندس پيرن تي ڪري مُڙدي وانگر پئجي رهيس. هن پنهنجو ساڄو هٿ مون تي رکي چيو تہ ”ڊڄ نہ، آءٌ شروعات، پڇاڙي


خداوند خدا، جيڪو آهي، جيڪو هو ۽ جيڪو اچي عدالت ڪندو، اهو قادرِمطلق فرمائي ٿو تہ ”اول ۽ آخر آءٌ ئي آهيان.“


هن مون کي سمرنا واري ڪليسيا جي ملائڪ ڏانهن اهو لکڻ لاءِ چيو تہ جيڪو شروعات ۽ پڇاڙي آهي، جيڪو مري ويو هو ۽ وري جيئرو ٿيو، سو تنهنجي ڪليسيا وارن کي فرمائي ٿو تہ


هن مون کي وڌيڪ چيو تہ ”اهي ڳالهيون پوريون ٿي چڪيون آهن. آءٌ اول ۽ آخر، شروعات ۽ پڇاڙي آهيان. جيڪو اڃايل آهي تنهن کي آءٌ آبِ‌حيات جي چشمي مان مفت پيئاريندس.


هن مون کي لوديڪيا واري ڪليسيا جي ملائڪ ڏانهن اهو لکڻ لاءِ چيو تہ جيڪو آمين، يعني وفادار ۽ سچو شاهد آهي ۽ جنهن جي وسيلي خدا سڀ ڪجھہ بڻايو، سو تنهنجي ڪليسيا وارن کي فرمائي ٿو تہ


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan