مڪاشفو 21:3 - Muslim Sindhi Bible3 مون تخت مان هڪڙو وڏو آواز ٻڌو جنهن چيو تہ ”ڏس، خدا ماڻهن منجھہ موجود آهي. هو انهن سان گڏ رهندو ۽ اهي سندس پنهنجا هوندا. هائو، خدا خود انهن سان گڏ رهندو ۽ هو ئي سندن خدا هوندو. Faic an caibideilSindhi Bible3 ۽ مون تخت مان هڪڙو وڏو آواز ٻُڌو، جنهن چيو تہ ڏس، خدا جو خيمو ماڻهن ۾ آهي، هو انهن سان رهندو، ۽ اهي سندس اُمت ٿيندا، ۽ خدا پاڻ هنن سان رهندو، ۽ سندن خدا ٿيندو؛ Faic an caibideilHindu Sindhi Bible3 مون تخت مان هڪڙو وڏو آواز ٻڌو جنهن چيو تہ ”ڏس، ايشور ماڻهن منجھہ موجود آهي. هو انهن سان گڏ رهندو ۽ اهي سندس پنهنجا هوندا. هائو، ايشور خود انهن سان گڏ رهندو ۽ هو ئي سندن ايشور هوندو. Faic an caibideilCommon Language New Testament3 مون تخت مان ڪنھن جو وڏو آواز ٻڌو جنھن چيو تہ ”ڏس، خدا ماڻھن منجھہ رھندو، ھو انھن سان گڏ رھندو ۽ اھي سندس قوم ٿيندا. خدا پاڻ انھن سان گڏ رھندو ۽ سندن خدا ٿيندو. Faic an caibideil |
”اي حزقيايل، آدم جو اولاد! ڏس، هي هيڪل ڌرتيءَ تي منهنجو تختگاهہ آهي جتي آءٌ هميشہ جي لاءِ بني اسرائيل جي وچ ۾ رهي حڪمراني ڪندس. هاڻي اڳتي بني اسرائيل منهنجي پاڪ نالي جي وري ڪڏهن بہ بيحرمتي نہ ڪندا، يعني نہ اهي، نڪي سندن بادشاهہ غير معبودن جي پوڄا ڪندا ۽ نہ وري بادشاهن جي يادگاريءَ لاءِ مقبرا ٺاهيندا.