21 شهر جا ٻارهن ئي دروازا موتين جا هئا ۽ هر هڪ دروازو هڪ هڪ موتيءَ جو هو. شهر جي سڙڪ خالص سون جي هئي ۽ شيشي جهڙي صاف هئي.
21 ۽ ٻارهن در موتين جا هئا؛ هرهڪ در هڪ هڪ موتيءَ جو هو، ۽ شهر جي سڙڪ خالص سون جي هئي، ۽ صاف شيشي جهڙي هئي.
21 شهر جا ٻارهن ئي دروازا موتين جا هئا ۽ هر هڪ دروازو هڪ هڪ موتيءَ جو هو. شهر جو وڏو رستو خالص سون جو هو ۽ شيشي جهڙو صاف هو.
21 شھر جا ٻارھن ئي دروازا موتين جا ھئا ۽ ھر ھڪ دروازو ھڪ ھڪ موتيءَ جو ھو. شھر جي سڙڪ خالص سون جي ھئي ۽ شيشي جھڙي صاف ھئي.
سڄي هيڪل کي اندران نج سون سان ڍڪيو ويو ۽ مقدس ترين جاءِ جي اڳيان سون جا زنجير ٻڌا ويا. اها مقدس ترين جاءِ اندران نوَ ميٽر ڊگھي، نوَ ميٽر ويڪري ۽ نوَ ميٽر اوچي هئي. انهيءَ تي بہ اندران نج سون چڙهايو ويو. مقدس ترين جاءِ جي اڳيان لوبان ساڙڻ واري قربانگاهہ کي ديال جي ڪاٺ سان ڍڪيو ويو ۽ مٿس بہ سون چاڙهيو ويو.
انهيءَ عورت کي واڱڻائي ۽ لال ڳاڙهي رنگ جي پوشاڪ پهريل هئي ۽ سون، هيرن جواهرن ۽ موتين سان سينگاريل هئي. انهيءَ کي هٿ ۾ هڪڙو سونو پيالو هو، جيڪو سندس زناڪاريءَ جي گندگيءَ ۽ ڪراهت وارين شين سان ڀريل هو.
چوندا تہ ”افسوس، صد افسوس! اها وڏي وسندي جيڪا سنهي وٽيل سڻيءَ جو ڪپڙو، واڱڻائي ۽ لال ڳاڙهي پوشاڪ پهريندي هئي ۽ سون، هيرا جواهرات ۽ موتين سان سينگاريل هوندي هئي،
جنهن ملائڪ مون سان ڳالهايو ٿي، تنهن وٽ ماپ ڪرڻ لاءِ هڪڙي سوني لٺ هئي، جنهن سان هو شهر کي، اُن جي دروازن کي ۽ ڪوٽ کي ماپي سگھي.
شهر جو ڪوٽ زبرجد جو ٺهيل هو ۽ شهر خالص سون جو ٺهيل هو ۽ شيشي جهڙو صاف ۽ شفاف هو.
انهيءَ شهر جي سڙڪ جي وچ مان وهي رهيو هو. درياءَ جي ٻنهي ڪنارن تي زندگي ڏيندڙ وڻ هو، جنهن سال ۾ ٻارهن قسمن جا ميوا ٿي ڏنا ۽ هر مهيني منجھس نوان ميوا ٿي لڳا. انهيءَ وڻ جي پنن مان سڀني قومن کي شفا ٿي ملي.
تخت جي اڳيان بلور جهڙو ڄڻ تہ شيشي جو هڪ سمنڊ هو. تخت جي چوڌاري چئني پاسن تي چار ساهوارا هئا، جن کي اڳيان توڙي پٺيان اکيون ئي اکيون هيون.