Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




مڪاشفو 2:3 - Muslim Sindhi Bible

3 منهنجي نالي جي ڪري اوهين سختيون سهندي سهندي بہ ڪين ٿڪا آهيو، بلڪ ثابت قدميءَ سان هلندا ٿا رهو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

3 ۽ تون تحمل وارو آهين، ۽ منهنجي نالي سختيون سهندي سهندي بہ ڪين ٿَڪين.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

3 منهنجي نالي جي ڪري اوهين سختيون سهندي سهندي بہ ڪين ٿڪا آهيو، بلڪ ثابت قدميءَ سان هلندا ٿا رهو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

3 منھنجي نالي جي ڪري اوھين سختيون سھندي سھندي بہ ڪين ٿڪيا آھيو، بلڪ بردباريءَ سان ھلندا ٿا رھو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




مڪاشفو 2:3
49 Iomraidhean Croise  

اوهين خداوند آڏو راضي رهو ۽ مٿس توڪل رکو. بدڪار جيڪي پنهنجيءَ راهہ ۾ ڪامياب ٿين ٿا، يا وري اهي جيڪي برن منصوبن سان سوڀ ٿا ماڻين، تن کي ڏسي اوهين منجھي نہ پئو.


انهيءَ سبب جو مون کي تنهنجي خاطر ايڏا طعنا هنيا ٿا وڃن، جو آءٌ شرم منجھہ ٻڏي ويو آهيان.


جيئن تہ اسان خداوند جو گناهہ ڪيو آهي، سو اسين سندس ڪاوڙ سهندا رهنداسين، ايستائين جو هو پاڻ اچي اسان کي بچائي. هائو، نيٺ تہ هو اسان جي حق ۾ فيصلو ڏيندو، ۽ اسان کي اونداهيءَ مان ڪڍي روشنيءَ ۾ آڻيندو. بيشڪ هن جي ئي هٿان اسين پاڻ کي بچندي ضرور ڏسنداسين.


رستي تي انهن کي شمعون نالي هڪڙو ماڻهو مليو، جيڪو ٻهراڙيءَ کان شهر ڏانهن اچي رهيو هو. هو ڪريني شهر جو رهاڪو هو ۽ سڪندر ۽ روفس جو پيءُ هو. سپاهي انهيءَ تي زور رکي کيس عيسيٰ جو صليب کڻائي هليا.


جيڪو پنهنجو صليب کڻي منهنجي پٺيان نہ ٿو هلي سو منهنجو شاگرد ٿي نہ ٿو سگھي.


عيسيٰ پنهنجي شاگردن کي چيو تہ ”هر وقت دعا گھرندا رهو ۽ همت نہ هارجو.“ انهيءَ لاءِ هن کين هڪڙو مثال ڏنو تہ


سو انهن ڳالهين تي ثابت قدم رهي پنهنجي جان بچايو.“


تنهن تي شمعون وراڻي ڏيئي چيس تہ ”اي سائين! اسان سڄي رات لوڙيو آهي پر ڪجھہ بہ هٿ نہ آيو آهي، تنهن هوندي بہ جيڪڏهن اوهين چئو ٿا تہ ڄار وجھرايان ٿو.“


پر جيڪي ڀليءَ زمين تي ڪريا، سا ڀلي زمين اهي ماڻهو آهن جيڪي پيغام ٻڌن ٿا ۽ سچيءَ دل ۽ پوري توجھہ سان ان کي سانڍين ٿا ۽ ثابت قدميءَ سان ڦر جھلين ٿا.“


ماڻهو منهنجي نالي جي ڪري اوهان سان اهڙو سلوڪ ڪندا، ڇاڪاڻ تہ هو انهيءَ کي نہ ٿا ڄاڻين جنهن مون کي موڪليو آهي.


اميد ۾ خوش رهو، مصيبت ۾ صبر ڪريو ۽ دعا گھرڻ ۾ هميشہ مشغول رهو.


تروفينا ۽ تروفوسا، جيڪي خداوند عيسيٰ جي خدمت ۾ محنت ڪن ٿيون، تن کي منهنجا سلام ڏجو. پياري ڀيڻ پرسس کي بہ منهنجا سلام ڏجو، جنهن خداوند عيسيٰ لاءِ ڏاڍو ڪم ڪيو آهي.


جيڪي نيڪ ڪم ڪرڻ ۾ ثابت قدم رهندي عزت، عظمت ۽ بقا جا طالب آهن، تن کي خدا دائمي زندگي ڏيندو.


پر جيڪڏهن اسين اهڙيءَ شيءِ جي اميد ٿا ڪريون جيڪا اڃا ڏسڻ ۾ نہ آئي آهي، تہ پوءِ اسين صبر سان ان جو بيحد انتظار ٿا ڪريون.


محبت سڀ ڪجھہ ڍڪي ڇڏي ٿي ۽ پورو اعتماد رکي ٿي. محبت پوري اميد رکي ٿي ۽ سڀ ڪجھہ برداشت ڪري ٿي.


اهڙن ماڻهن ۽ جيڪي بہ انهن سان گڏجي خدمت وارو ڪم ڪن ٿا، تن سڀني جي اوهين فرمانبرداري ڪريو.


اسين اهڙي ڪم تي فخر ڪونہ ٿا ڪريون جيڪو ٻين جي محنت سان ٿيل آهي. ان ۾ بہ اسين مناسب حد جي اندر رهون ٿا. ان جي بدران اسين اميد ٿا رکون تہ جيئن جيئن اوهان جو ايمان وڌندو ويندو، تيئن تيئن اسان جي ڪم جو دائرو بہ مقرر ڪيل حد موجب اوهان ۾ وڌندو ويندو،


ڇا هو ئي مسيح جا خادم آهن؟ آءٌ ديواني وانگر ڳالهايان ٿو تہ آءٌ انهن کان بهتر خادم آهيان. مون انهن کان وڌيڪ سخت محنت ڪئي آهي. آءٌ انهن کان ڪيترائي دفعا وڌيڪ قيد ۾ رهيو آهيان. مون انهن کان وڌيڪ چهبڪ کاڌا آهن. آءٌ گھڻا ئي دفعا موت جي منهن ۾ ويو آهيان.


سو اسان رسولن کي خدا جي رحم سان هيءَ خدمت ملي آهي، جنهن ۾ اسين همت نہ ٿا هاريون.


تنهنڪري اسين همت نہ ٿا هاريون. جيتوڻيڪ جسماني طور اسين فنا ٿيندا ٿا وڃون، تڏهن بہ روحاني طور ڏينهون ڏينهن نوان ٿيندا پيا وڃون،


سو توڙي اسين پنهنجي هن فاني جسم واري گھر ۾ رهون يا نہ رهون، اسان جو سڀ کان وڏو مقصد هي آهي تہ اسين خداوند عيسيٰ کي پسند اچون.


چهبڪن جي مار کائڻ سان، قيد ٿيڻ سان، هنگامن ۾ ڦاسڻ سان، سخت پورهئي سان، ننڊ ڦٽائڻ سان ۽ بکون ڪاٽڻ سان.


اوهين هڪٻئي جا بار کڻو، اهڙيءَ طرح اوهين مسيح جي شريعت کي پورو ڪندا.


اسان کي نيڪي ڪرڻ ۾ ٿڪجڻ نہ گھرجي، ڇاڪاڻ تہ جيڪڏهن همت نہ هارينداسين تہ پوري وقت تي لابارو لاهينداسين.


۽ انهن منجھہ زندگيءَ جي پيغام تي قائم رهو. اوهين انهن سڀني ڳالهين تي عمل ڪندا رهو، تہ جيئن آءٌ مسيح جي موٽي اچڻ واري ڏينهن تي فخر ڪري سگھان تہ منهنجي ڊڪ ڊوڙ ۽ محنت اجائي نہ ٿي.


اي سچا ساٿي! آءٌ تو کي بہ عرض ٿو ڪريان تہ انهن عورتن جي صلح ڪرائڻ ۾ سندن مدد ڪر. انهن ٻنهي ڪليمنس توڙي منهنجي ٻين هم‌خدمت ساٿين سان شامل ٿي مون سان گڏجي خوشخبري ڦهلائڻ ۾ سخت محنت ڪئي آهي. هنن سڀني جا نالا خدا وٽ زندگيءَ جي ڪتاب ۾ لکيل آهن.


انهيءَ لاءِ ضروري آهي تہ اوهين سندس عظمت واري قدرت سان هر طرح طاقتور ٿيندا وڃو. پوءِ اوهين هر حالت ۾ صبر ۽ برداشت ڪندي خوشيءَ سان


هائو، اوهان جي ايمان واري عمل، محبت ڀري محنت ۽ انهيءَ ثابت قدميءَ کي اسين پنهنجي خدا پيءُ جي آڏو سدائين ياد پيا ڪريون، جيڪا اوهان کي اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح ۾ اميد رکڻ جي ڪري آهي.


اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اوهان کي ضرور ياد هوندو تہ جڏهن اسان اوهان کي خدا جي خوشخبري پئي ٻڌائي، تڏهن اسان رات ڏينهن محنت ۽ سخت پورهيو بہ ٿي ڪيو تہ جيئن ڪنهن تي بہ بار نہ ٿيون.


اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسين اوهان کي عرض ٿا ڪريون تہ اوهين انهن جو قدر ڪريو جيڪي اوهان منجھہ محنت ڪن ٿا ۽ خداوند عيسيٰ ۾ اوهان جي رهنمائي ڪندي اوهان کي نصيحت ٿا ڪن.


ان کان علاوہ اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اوهين چڱائي ڪرڻ ۾ ڪڏهن نہ ٿڪجو.


شل خداوند عيسيٰ اوهان جي اهڙي رهنمائي ڪري جو جيئن جيئن اوهين خدا جي محبت ۾ وڌندا رهو، تيئن تيئن مسيح جي ثابت قدميءَ ۾ بہ وڌندا رهو.


اسان مفت جي ماني نہ کاڌيسين، بلڪ رات ڏينهن محنت ۽ سخت پورهيو ڪيوسين، انهيءَ لاءِ تہ اوهان مان ڪنهن تي بہ بار نہ ٿيون.


انهيءَ سبب ئي اسين محنت ۽ سخت ڪوشش ٿا ڪريون، ڇاڪاڻ تہ اسان جي اميد انهيءَ جيئري خدا تي رکيل آهي جيڪو سڀني ماڻهن، خاص ڪري ايمان وارن کي ڇوٽڪارو ڏيندڙ آهي.


جيڪي اڳواڻ ڪليسيا جي چڱيءَ طرح سنڀال ٿا ڪن، خاص ڪري اهي جيڪي تبليغ ڪرڻ ۽ تعليم ڏيڻ جو ڪم محنت سان ٿا ڪن، سي عزت سان گڏ مدد جي لائق بہ سمجھيا وڃن.


هائو، اوهان کي ثابت قدميءَ سان منهن ڏيڻ گھرجي، انهيءَ لاءِ تہ خدا جي مرضي پوري ڪري اوهين اهو ڪجھہ حاصل ڪريو، جنهن جو خدا پاڻ واعدو ڪيو آهي، جيئن هن پاڪ ڪلام ۾ فرمايو آهي تہ


جيئن تہ اسين بيان ڪيل شاهدن جي ايڏي وڏي ڪڪر جي گھيري ۾ آهيون، تنهنڪري اچو تہ اسين بہ هر رڪاوٽ ۽ ڦاسائيندڙ هر گناهہ کي هٽائي ثابت قدميءَ سان انهيءَ ڊوڙ ۾ ڊوڙون جيڪا اسان جي اڳيان آهي.


سو اچو تہ اسين سندس خواري پاڻ تي کڻي خيمي‌گاهہ کان ٻاهر هن وٽ هلون.


انهيءَ جو سبب هي آهي تہ خدا بي‌انصاف ناهي جو هو اوهان جي محنت ۽ انهيءَ پيار کي وساري ڇڏي، جيڪو اوهان سندس نالي واسطي اهڙيءَ طرح ظاهر ڪيو جو مسيح ۾ چونڊي پاڪ ڪيلن جي خدمت ڪئي، بلڪ اڃا تائين ڪندا ٿا رهو.


سو اوهين سست نہ ٿيو، پر انهن جي نموني تي هلو، جيڪي ايمان ۽ ثابت قدميءَ جي وسيلي اها ميراث حاصل ڪن ٿا، جنهن جو واعدو خدا ڪيو آهي.


انهيءَ تي ابراهيم صبر سان انتظار ڪندي اها واعدي ڪيل برڪت حاصل ڪئي.


پنهنجي ڄاڻ سان پرهيزگاريءَ ۾، پرهيزگاريءَ سان صبر ۾ ۽ صبر سان دينداريءَ ۾ واڌارو آڻيو.


آءٌ يوحنا اوهان جو هم‌ايمان ڀاءُ، عيسيٰ جو هئڻ ڪري ستائجڻ ۾، خدا جي بادشاهيءَ ۾ ۽ ثابت قدميءَ ۾ اوهان سان شريڪ آهيان. آءٌ خدا جي پيغام ٻڌائڻ ۽ عيسيٰ بابت شاهدي ڏيڻ ڪري انهيءَ ٻيٽ ۾ ڇڏيو ويو هئس جيڪو پتمس ٿو سڏجي.


جيئن تہ اوهين منهنجي حڪم مطابق ثابت قدم رهيا آهيو، تنهنڪري آءٌ آزمائش جي انهيءَ گھڙيءَ ۾ اوهان جي حفاظت ڪندس، جيڪا ڌرتيءَ تي رهڻ وارن جي آزمائش لاءِ سڄي جهان تي اچڻي آهي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan