Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




مڪاشفو 2:26 - Muslim Sindhi Bible

26 جيڪو آزمائشن تي غالب پوندو ۽ منهنجي مرضيءَ موجب توڙ تائين نڀائيندو، تنهن کي آءٌ قومن تي اختيار ڏيندس،

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

26 ۽ جيڪو غالب پوندو، ۽ جيڪو منهنجي مرضيءَ تي توڙ تائين هلندو، تنهن کي آئون قومن تي اختياري ڏيندس:

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

26 جيڪو آزمائشن تي حاوي پوندو ۽ منهنجي مرضيءَ موجب توڙ تائين نڀائيندو، تنهن کي آءٌ قومن تي اختيار ڏيندس،

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

26 جيڪو غالب پوندو ۽ منھنجي مرضيءَ مطابق توڙ نڀائيندو، تنھن کي آءٌ قومن تي اختيار ڏيندس،

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




مڪاشفو 2:26
32 Iomraidhean Croise  

تون مون کان گھُر تہ آءٌ سڀ قومون تنهنجي حوالي ڪندس، ۽ هيءَ سڄي ڌرتي تنهنجي ملڪيت ۾ ڏيئي ڇڏيندس.


تون انهن تي لوهہ جي شاهي لٺ سان حڪمراني ڪندين، تون انهن کي ٺڪر جي ٿانون وانگر ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيندين.‘“


جيئن رڍون ڪسڻ لاءِ مقرر ٿيل آهن، تيئن اهي قبر ۾ وڃي پوندا. هائو، موت اچي تن جو ڌنار ٿيندو ۽ سچار مٿن اچي غالب ٿيندا. انهن جو جسم هڪدم زائل ٿي ويندو ۽ پاتال سندن ٺڪاڻو ٿيندو.


پر پوءِ خدا تعاليٰ جي چونڊيل بندن کي ئي اها بادشاهي ملندي ۽ اهي سدائين بلڪ هميشہ هميشہ تائين انهيءَ جا مالڪ رهندا.“


اهو سڀ تيستائين ٿيندو رهيو جيستائين اها ازلي هستي آئي ۽ پنهنجي چونڊيل بندن جي حق ۾ اچي فيصلو ڏنائين. سو اهو وقت اچي پهتو جڏهن انهن چونڊيل بندن کي بادشاهيءَ جو مالڪ بڻايو ويو.


تڏهن ڌرتيءَ جي سڀني بادشاهتن جي حڪومت، سلطنت ۽ شان وَ شوڪت خدا تعاليٰ جي انهن چونڊيل بندن کي ڏني ويندي. سندن شهنشاهت دائمي شهنشاهت هوندي ۽ ٻيون سموريون حڪومتون انهن جي خدمت چاڪري ۽ فرمانبرداري ڪنديون.“


منهنجي نالي جي ڪري سڀڪو اوهان سان دشمني رکندو. پر اوهان مان جيڪو توڙ تائين ثابت قدم رهندو سو اطمينان رکي تہ هن لاءِ ڇوٽڪارو آهي.


عيسيٰ کين چيو تہ ”آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ ايندڙ نئين زماني ۾ نئين سر بحاليءَ وقت جڏهن ابنِ آدم پنهنجي شان وَ شوڪت سان تخت تي ويهندو، تہ منهنجي پٺيان هلندڙ اوهين ٻارهن ئي ڄڻا ٻارهن تختن تي ويهندا ۽ بني اسرائيل جي ٻارهن قبيلن جا فيصلا ڪندا.


پر اوهان مان جيڪو توڙ تائين ثابت قدم رهندو سو اطمينان رکي تہ هن لاءِ ڇوٽڪارو آهي.


عيسيٰ وراڻيو تہ ”خدا جي مرضي اها آهي تہ اوهين انهيءَ تي ايمان آڻيو، جنهن کي خدا موڪليو آهي.“


جيڪي نيڪ ڪم ڪرڻ ۾ ثابت قدم رهندي عزت، عظمت ۽ بقا جا طالب آهن، تن کي خدا دائمي زندگي ڏيندو.


انهن سڀني حالتن ۾ بہ اسين انهيءَ جي وسيلي شاندار فتح حاصل ڪريون ٿا، جنهن اسان کي پيار ڪيو.


اها حالت ڏسي آءٌ وڌيڪ برداشت ڪري نہ سگھيس، سو اوهان جي ايمان بابت ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ تيمٿيس کي موڪليو هئم. مون کي ڊپ هو تہ متان ڪنهن طرح آزمائڻ واري، يعني شيطان اوهان کي آزمايو هجي ۽ اسان جي اوهان تي ڪيل محنت بيڪار ويئي هجي.


پر مسيح فرزند جي حيثيت ۾ خدا جي گھراڻي جو مختيار هوندي وفادار رهيو. هاڻي خدا جو گھراڻو اسين آهيون، بشرطيڪ اسين پنهنجيءَ همت ۽ انهيءَ اميد تي قائم رهون، جنهن تي اسان کي اعتماد آهي.


اي بي‌وقوفؤ! ڇا اوهين ايترو نہ ٿا سمجھي سگھو تہ عمل کان سواءِ ايمان بيڪار آهي؟


مسيح جا اهي مخالف نڪتا تہ اسان منجھان ئي آهن، پر حقيقت ۾ اهي اسان منجھان نہ هئا، ڇاڪاڻ تہ جيڪڏهن هو اسان منجھان هجن ها تہ اسان سان گڏ رهن ها. هنن جو اسان کي ڇڏي وڃڻ اهو ثابت ڪري ٿو تہ انهن مان ڪنهن جو بہ اسان سان ڪو واسطو ڪونہ هو.


هاڻ هن جو حڪم ڪهڙو آهي؟ هن جو حڪم هي آهي تہ اسين سندس فرزند عيسيٰ مسيح جي نالي تي ايمان آڻيون ۽ هڪٻئي سان ائين پيار ڪريون جيئن مسيح اسان کي حڪم ڏنو آهي.


دنيا تي فتح انهيءَ کان سواءِ ڪير حاصل ڪري سگھي ٿو جنهن جو ايمان آهي تہ عيسيٰ خدا جو فرزند آهي؟


جنهن کي ڪن آهن سو پاڪ روح جون ڳالهيون ٻڌي جيڪي هو ڪليسيائن کي فرمائي ٿو. جيڪو آزمائشن تي غالب پوندو سو ٻيو موت هرگز نہ ڏسندو.“


جنهن کي ڪن آهن سو پاڪ روح جون ڳالهيون ٻڌي جيڪي هو ڪليسيائن کي فرمائي ٿو. جيڪو آزمائشن تي غالب پوندو تنهن کي آءٌ لڪل مَنَ مان ڪجھہ ڏيندس ۽ هڪڙو اڇو پٿر بہ ڏيندوسانس. انهيءَ پٿر تي هڪڙو نئون نالو لکيل هوندو، جنهن کي ٻيو ڪوبہ نہ ڄاڻيندو، سواءِ انهيءَ جي جنهن کي ملندو.“


جنهن کي ڪن آهن سو پاڪ روح جون ڳالهيون ٻڌي جيڪي هو ڪليسيائن کي فرمائي ٿو. جيڪو آزمائشن تي غالب پوندو تنهن کي آءٌ زندگي ڏيندڙ انهيءَ وڻ جو ميوو کائڻ لاءِ ڏيندس جيڪو خدا جي باغ، يعني بهشت ۾ آهي.“


پوءِ مون تخت ڏٺا ۽ جيڪي انهن تي ويٺا هئا، تن کي عدالت ڪرڻ جو اختيار ڏنو ويو. هي اهي ماڻهو هئا جن جون سسيون عيسيٰ بابت شاهدي ڏيڻ ۽ خدا جي پيغام ٻڌائڻ جي ڪري لاٿيون ويون هيون. هنن نہ انهيءَ حيوان ۽ سندس بت جي پوڄا ڪئي، نڪي ان جو نشان پنهنجي پيشانيءَ ۽ هٿ تي هڻايو. اهي جيئرا ٿي مسيح سان گڏ هزار سالن تائين بادشاهي ڪندا رهيا.


جيڪو آزمائشن تي غالب پوندو سو هنن شين جو حقدار ٿيندو. آءٌ انهيءَ جو خدا هوندس ۽ هو منهنجو ٻار هوندو.


اتي وري ڪڏهن بہ رات نہ ٿيندي، تنهنڪري انهن کي ڏيئي يا سج جي روشنيءَ جي ضرورت نہ پوندي، ڇاڪاڻ تہ خداوند خدا انهن کي روشن ڪندو ۽ اهي هميشہ هميشہ تائين بادشاهي ڪندا.


جيڪو آزمائشن تي غالب پوندو، تنهن کي آءٌ پنهنجي خدا جي هيڪل جو اهڙو ٿنڀو بڻائيندس جيڪو اتي هميشہ تائين قائم رهندو. آءٌ انهيءَ تي پنهنجي خدا جو نالو ۽ پنهنجي خدا جي شهر، يعني انهيءَ نئين يروشلم جو نالو اڪريندس، جيڪو منهنجي خدا وٽان آسمان کان هيٺ لهي اچڻ وارو آهي. آءٌ پنهنجو نئون نالو بہ انهيءَ ٿنڀي تي اڪريندس.


جيڪو آزمائشن تي غالب پوندو تنهن کي آءٌ پاڻ سان گڏ پنهنجي تخت تي ويهاريندس، جهڙيءَ طرح آءٌ پاڻ غالب پيس ۽ پنهنجي پيءُ سان گڏ سندس تخت تي ويٺس.


هائو، جيڪو آزمائشن تي غالب پوندو، تنهن کي اهڙيءَ طرح اڇا ڪپڙا پهرايا ويندا. آءٌ سندس نالو زندگيءَ جي ڪتاب مان اصل ڪونہ ڪڍندس، بلڪ آءٌ پنهنجي پيءُ ۽ سندس ملائڪن جي اڳيان اقرار ڪندس تہ اهو شخص منهنجو آهي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan