Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




مڪاشفو 2:21 - Muslim Sindhi Bible

21 مون انهيءَ عورت کي مهلت ڏني تہ توبهہ‌تائب ٿئي، پر هوءَ پنهنجي انهيءَ زناڪاريءَ کان توبهہ ڪرڻ نہ ٿي چاهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

21 ۽ مون انهيءَ کي مهلت ڏني تہ توبهہ ڪري؛ پر اها پنهنجي زناڪاريءَ کان توبهہ ڪرڻ نٿي گهُري.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

21 مون انهيءَ ناريءَ کي مهلت ڏني تہ توبهہ‌تائب ٿئي، پر هوءَ پنهنجي انهيءَ زناڪاريءَ کان توبهہ ڪرڻ نہ ٿي چاهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

21 مون انھيءَ کي مھلت ڏني تہ توبھہ⁠تائب ٿئي، پر ھوءَ پنھنجي زناڪاريءَ کان توبھہ ڪرڻ نہ ٿي چاھي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




مڪاشفو 2:21
9 Iomraidhean Croise  

سو انهيءَ ۾ عجب جي ڪهڙي ڳالهہ آهي جو خدا پنهنجو غضب ظاهر ڪرڻ ۽ قدرت ڏيکارڻ واري پنهنجي ارادي کي روڪيندي انهن غضب وارن ٿانوَن کي صبر سان برداشت ڪندو رهيو، جيڪي ڀڃي ناس ٿيڻ لاءِ تيار ڪيا ويا هئا.


هي اهي روح هئا، جن اڳي نوح جي زماني ۾ نافرماني ڪئي هئي. ان وقت خدا صبر ڪري انتظار ٿي ڪيو ۽ ٻيڙو تيار پئي ٿيو. پوءِ جڏهن ٻوڏ آئي تڏهن انهيءَ ٻيڙي ۾ ويٺل ٿورا ماڻهو، يعني رڳو اٺ ڄڻا انهيءَ پاڻيءَ وسيلي بچي نڪتا.


ياد رکو تہ اسان جي خداوند جو صبر ماڻهن کي ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ جو موقعو ٿو ڏئي. اسان جي پياري ڀاءُ پولس بہ خدا جي عطا ڪيل ڏاهپ موجب اوهان ڏانهن اهڙيءَ طرح ئي لکيو آهي.


خداوند پنهنجو واعدو پورو ڪرڻ ۾ دير ڪين ڪندو آهي، جهڙي دير ڪي ماڻهو سمجھن ٿا. پر هو اوهان جي خاطر صبر ڪري ٿو، انهيءَ ڪري جو هو نہ ٿو چاهي تہ ڪوبہ ناس ٿئي، بلڪ هو چاهي ٿو تہ سڀيئي توبهہ‌تائب ٿين.


۽ پنهنجي سورن ۽ ڦٽن جي ڪري عرش عظيم جي خدا جي خلاف ڪفر بڪندا رهيا. پر پنهنجي ڪمن کان توبهہ نہ ڪيائون.


سخت تپش جي ڪري ماڻهو ڏاڍا سڙي پيا. تنهن هوندي بہ انهن توبهہ نہ ڪئي جو خدا، جيڪو انهن آفتن تي اختيار رکي ٿو، تنهن ڏانهن ڦري سندس تعظيم ڪن. اٽلندو هو سندس خلاف ڪفر بڪڻ لڳا.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan