Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




مڪاشفو 19:5 - Muslim Sindhi Bible

5 ان وقت تخت جي پاسي کان هڪڙو آواز آيو تہ ”اي خدا جا ٻانهؤ، ننڍؤ توڙي وڏؤ! اوهين جيڪي سندس خوف ٿا رکو، سي سڀ اسان جي خدا جي واکاڻ ڪريو.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

5 ۽ تخت مان هڪڙو آواز آيو، جنهن چيو تہ اي خدا جا بندا، ننڍا توڙي وڏا، جي کانئس ڊڄو ٿا، سي سڀ سندس تعريف ڪريو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

5 ان وقت تخت جي پاسي کان هڪڙو آواز آيو تہ ”اي ايشور جا داسؤ، ننڍؤ توڙي وڏؤ! اوهين جيڪي سندس خوف ٿا رکو، سي سڀ اسان جي ايشور جي مهما ڪريو.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

5 پوءِ تخت مان ھڪڙو آواز آيو تہ ”اي خدا جا ٻانھؤ! ننڍا توڙي وڏا، جيڪي کانئس ڊڄو ٿا، سي سڀ خدا جي تعريف ڪريو.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




مڪاشفو 19:5
14 Iomraidhean Croise  

بيشڪ جيڪي بہ سندس خوف رکن ٿا، پوءِ اُهي ادنيٰ هجن يا اعليٰ، تن سڀني کي هو برڪت عطا ڪندو.


اي خداوند جا بندؤ! اوهين سڀ اچي خداوند جي واکاڻ ڪريو، هائو، اوهين جيڪي رات جي وقت خداوند جي گھر ۾ حاضر ٿا رهو.


خداوند جي واکاڻ ڪريو. اي خداوند جا بندؤ! اوهين خداوند جي واکاڻ ڪريو،


شال سڀڪو ساهوارو خداوند جي واکاڻ ڪري. خداوند جي واکاڻ ڪريو.


”اي خداوند جو خوف رکڻ وارؤ! اوهين سندس تعريف ڪريو. اي يعقوب جو اولاد! اوهين هن جي بزرگي بيان ڪريو. هائو، اوهين سڀ اي اسرائيل جو اولاد! هن جي تعظيم ڪريو.


انهيءَ ٻئي حيوان وڏن توڙي ننڍن، دولتمندن توڙي غريبن، آزادن توڙي غلامن سڀني کي سندن ساڄي هٿ يا پيشانيءَ تي هڪڙو نشان هڻائي ڇڏيو.


جڏهن ستين ملائڪ پنهنجو پيالو هوا ۾ هاريو تہ هيڪل مان تخت واري پاسي کان هڪڙو وڏو آواز آيو، جنهن چيو تہ ”پورو ٿيو.“


بادشاهن، سپهہ‌سالارن، سپاهين، گھوڙن ۽ انهن جي سوارن جو ماس کائو. پوءِ اهي آزاد هجن توڙي غلام، ننڍا هجن توڙي وڏا، تن سڀني جو ماس کائو.“


مون سڀني مئلن، ننڍن توڙي وڏن کي تخت جي اڳيان بيٺل ڏٺو. پوءِ هڪ ڪتاب، يعني زندگيءَ جو ڪتاب کوليو ويو. اُن سان گڏ ٻيا ڪتاب بہ کوليا ويا ۽ جهڙيءَ طرح انهن ڪتابن ۾ لکيل هو، تهڙيءَ طرح مئلن جي عملن موجب سندن فيصلو ڪيو ويو.


انهيءَ ڪري هي خدا جي تخت جي اڳيان آهن ۽ سندس هيڪل ۾ رات ڏينهن سندس عبادت پيا ڪن ۽ جيڪو تخت تي ويٺو آهي، سو هنن جي مٿان تنبوءَ وانگر ڇانوَ ڪندو ٿو رهي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan