مڪاشفو 19:4 - Muslim Sindhi Bible4 تنهن تي اهي چوويهہ بزرگ ۽ چارئي ساهوارا منهن ڀر ڪري تخت تي ويٺل خدا کي سجدو ڪندي چوڻ لڳا تہ ”آمين، شل خداوند خدا جي واکاڻ هجي!“ Faic an caibideilSindhi Bible4 ۽ اهي چوويهہ بزرگ، ۽ چار جاندار، پيرين پئي خدا کي، جو تخت تي ويٺو هو، سجدو ڪرڻ لڳا، ۽ چوڻ لڳا، تہ آمين! هاليلوياهہ! Faic an caibideilHindu Sindhi Bible4 تنهن تي اهي چوويهہ مهاتما ۽ چارئي ساهوارا منهن ڀر ڪري تخت تي ويٺل ايشور آڏو سيس نوائيندي چوڻ لڳا تہ ”آمين، شل پرڀو پرميشور جي مهما هجي!“ Faic an caibideilCommon Language New Testament4 پوءِ انھن چوويھن بزرگن ۽ چئني ساھوارن منھن ڀر ڪري خدا کي سجدو ڪيو، جيڪو تخت تي ويٺو ھو ۽ چوڻ لڳا تہ ”آمين، خداوند خدا جي تعريف.“ Faic an caibideil |
تڏهن مون پنهنجي جھول ڇنڊيندي هيئن چيو تہ ”شل خداوند هن طرح هر انهيءَ ماڻهوءَ کي پنهنجي گھر کان ۽ پنهنجي ملڪيت کان ڇنڊي اڇلائي ڇڏي، جيڪو پنهنجي واعدي تي پورو نہ رهي.“ تنهن تي اتي گڏ ٿيل سڀني ماڻهن ”آمين“ چيو. ان کان پوءِ هو خداوند جي واکاڻ ڪرڻ لڳا. سو انهن سڀني ماڻهن ائين ئي ڪيو، جيئن واعدو ڪيو هئائون.