Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




مڪاشفو 19:3 - Muslim Sindhi Bible

3 انهيءَ وڏي ميڙ وري ٻيو دفعو چيو تہ ”خداوند خدا جي واکاڻ هجي! ڏسو، انهيءَ وڏي شهر بابل جو دونهون هميشہ هميشہ تائين پيو اٿندو رهندو.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

3 ۽ هنن وري ٻيو ڀيرو پڪاري چيو تہ هاليلوياهہ. ۽ انهي جي سڙڻ جو دونهون هميشہ تائين پيو اُٿندو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

3 انهيءَ وڏي ميڙ وري ٻيو دفعو چيو تہ ”پرڀو پرميشور جي مهما هجي! ڏسو، انهيءَ وڏي شهر بابل جو دونهون هميشہ هميشہ تائين پيو اٿندو رهندو.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

3 ھنن وري ٻيو دفعو پڪاري چيو تہ ”خداوند خدا جي تعريف. انھيءَ وڏي شھر جو دونھون ھميشہ ھميشہ تائين پيو اٿندو رھندو.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




مڪاشفو 19:3
9 Iomraidhean Croise  

هن سدوم، عموراہ ۽ سڄي ميدان ڏانهن نهاريو ۽ ڏٺائين تہ انهيءَ زمين جو دونهون کُوري جي دونهين وانگر مٿي پيو چڙهي.


شل گنهگار ڌرتيءَ تان بلڪل فنا ٿي وڃن، ۽ بدڪار ڌرتيءَ تي باقي نہ رهن! آءٌ دل وَ جان سان خداوند جي واکاڻ ڪريان ٿو، ۽ انهيءَ کي سڳورو چوان ٿو.


اهو رات ڏينهن ٽهڪندو رهندو، جنهن جو دونهون زماني جي آخر تائين پيو اٿندو رهندو. ادوم جو ملڪ پيڙهي بہ پيڙهي ويران رهندو، ۽ انهيءَ مان وري ڪوبہ سفر نہ ڪندو.


ساڳئي نموني سدوم، عموراہ ۽ انهن جي آس‌پاس جي شهرن وارا انهن ملائڪن وانگر زناڪاري ۽ حرامڪاريءَ جي پٺيان پئجي ڪڏهن نہ وسامندڙ باهہ جي سزا پيا ڀوڳين ۽ اهو ٻين لاءِ عبرت جو مثال آهي.


انهن جي عذاب جو دونهون سدائين پيو نڪرندو رهندو. هائو، اهي ماڻهو جيڪي انهيءَ حيوان ۽ سندس بت کي سجدو ڪن ٿا ۽ سندس نالي جو نشان هڻائين ٿا، تن کي رات ڏينهن ڪڏهن آرام نہ ملندو.“


اهي هن شهر جي سڙڻ جو دونهون ڏسي رڙيون ڪندي چوندا تہ ”ڇا ڪڏهن ڪو هن جهڙو وڏو شهر هو؟“


ڌرتيءَ جي جن بادشاهن ساڻس زناڪاري پئي ڪئي ۽ عيش عشرت ڪندا ٿي رهيا، سي جڏهن هن جي سڙڻ جو دونهون ڏسندا تہ هن لاءِ روئندا ۽ پٽيندا.


انهن ڳالهين کان پوءِ مون آسمان ۾ ڄڻ تہ هڪ وڏي ميڙ کي وڏي واڪي هي چوندي ٻڌو تہ ”خداوند خدا جي واکاڻ هجي! ڇوٽڪارو، جلال ۽ قدرت اسان جي خدا جي آهي.


تنهن تي اهي چوويهہ بزرگ ۽ چارئي ساهوارا منهن ڀر ڪري تخت تي ويٺل خدا کي سجدو ڪندي چوڻ لڳا تہ ”آمين، شل خداوند خدا جي واکاڻ هجي!“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan