مڪاشفو 19:10 - Muslim Sindhi Bible10 تڏهن آءٌ کيس سجدو ڪرڻ لاءِ سندس پيرن تي ڪري پيس. پر هُن مون کي چيو تہ ”خبردار، متان ائين ڪرين! رڳو خدا کي ئي سجدو ڪر! آءٌ تہ تو وانگر ۽ تنهنجي ڀائرن ڀينرن وانگر خدمت ڪرڻ وارو آهيان جيڪي سڀ عيسيٰ بابت شاهدي ڏيڻ تي قائم آهيون، ڇاڪاڻ تہ عيسيٰ بابت شاهدي ئي خدا جي پيغام جو نچوڙ آهي.“ Faic an caibideilSindhi Bible10 ۽ آئون کيس سجدي ڪرڻ لاءِ سندس پيرن تي ڪِري پيس. ۽ هن مون کي چيو تہ ڏس، متان ائين ڪرين: آئون تو سان ۽ جيڪي تنهنجا ڀائر يسوع جي شاهديءَ تي قائم آهن، تن سان گڏ خدمت ڪرڻ وارو آهيان؛ خدا کي سجدو ڪر: ڇالاءِ جو يسوع جي شاهدي نبوت جو روح آهي. Faic an caibideilHindu Sindhi Bible10 تڏهن آءٌ هن جي اڳيان سيس نوائڻ لاءِ سندس پيرن تي ڪري پيس. پر هُن مون کي چيو تہ ”خبردار، متان ائين ڪرين! رڳو ايشور آڏو ئي سيس نواءِ! آءٌ تہ تو وانگر ۽ تنهنجي ڀائرن ڀينرن وانگر سيوا ڪرڻ وارو آهيان جيڪي سڀ يسوع بابت شاهدي ڏيڻ تي قائم آهيون، ڇاڪاڻ تہ يسوع بابت شاهدي ئي ايشور جي سنديش جو نچوڙ آهي.“ Faic an caibideilCommon Language New Testament10 آءٌ کيس سجدو ڪرڻ لاءِ سندس پيرن تي ڪري پيس. پر ھُن مون کي چيو تہ ”ڏس، متان ائين ڪرين، آءٌ تہ تو سان ۽ تنھنجي ڀائرن ۽ ڀينرن سان گڏ خدمت ڪرڻ وارو آھيان ۽ اسين سڀ عيسيٰ جي شاھديءَ تي قائم آھيون. رڳو خدا کي ئي سجدو ڪر، ڇالاءِجو عيسيٰ جي شاھدي ئي نبوت جو روح آھي.“ Faic an caibideil |