Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




مڪاشفو 19:1 - Muslim Sindhi Bible

1 انهن ڳالهين کان پوءِ مون آسمان ۾ ڄڻ تہ هڪ وڏي ميڙ کي وڏي واڪي هي چوندي ٻڌو تہ ”خداوند خدا جي واکاڻ هجي! ڇوٽڪارو، جلال ۽ قدرت اسان جي خدا جي آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

1 انهن ڳالهين کانپوءِ مون آسمان تي ڄڻ تہ هڪڙي ميڙاڪي جو وڏو آواز ٻُڌو، جنهن چيو تہ هاليلوياهہ، نجات، ۽ جلال، ۽ قدرت اسان جي خدا جي آهي:

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

1 انهن ڳالهين کان پوءِ مون آڪاش ۾ ڄڻ تہ هڪ وڏي ميڙ کي وڏي واڪي هي چوندي ٻڌو تہ ”پرڀو پرميشور جي مهما هجي! مڪتي، تيج ۽ شڪتي اسان جي ايشور جي آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

1 انھن ڳالھين کان پوءِ مون آسمان ۾ ھڪ وڏي ميڙ جھڙو وڏو آواز ٻڌو، جنھن چيو تہ ”خداوند خدا جي تعريف. ڇوٽڪارو، جلال ۽ قدرت اسان جي خدا جي آھي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




مڪاشفو 19:1
23 Iomraidhean Croise  

اي خداوند! عظمت، قدرت ۽ جلال وارو، ۽ شان وَ شوڪت ۽ حشمت وارو تون ئي آهين، ڇاڪاڻ تہ جيڪي ڪجھہ زمين ۽ آسمان ۾ آهي سو تنهنجو آهي. اي خداوند! تنهنجي ئي بادشاهي آهي ۽ تون ئي سڀني حاڪمن جو بہ حاڪم آهين.


شل گنهگار ڌرتيءَ تان بلڪل فنا ٿي وڃن، ۽ بدڪار ڌرتيءَ تي باقي نہ رهن! آءٌ دل وَ جان سان خداوند جي واکاڻ ڪريان ٿو، ۽ انهيءَ کي سڳورو چوان ٿو.


خداوند جي واکاڻ ڪريو ۽ سندس ٿورا مڃيو، ڇاڪاڻ تہ هو ڀلو آهي ۽ سندس شفقت هميشہ جي لاءِ آهي.


خداوند جي واکاڻ ڪريو. آءٌ سچارن جي گڏجاڻيءَ ۾، پنهنجي پوري دل وَ جان سان خداوند جو شڪر ڪندس.


باقي اسين ئي جيڪي جيئرا آهيون، سي هاڻي ۽ هميشہ هميشہ تائين پڻ خداوند کي سڳورو چوندا رهنداسين. خداوند جي واکاڻ ڪريو.


خداوند جي واکاڻ ڪريو. آءٌ دل وَ جان سان انهيءَ کي سڳورو چوان ٿو.


خداوند جي واکاڻ ڪريو. اي آسمان وارؤ! خداوند جي واکاڻ ڪريو، هائو، اي عرش عظيم تي رهڻ وارؤ! خداوند کي سڳورو چئو.


خداوند جي واکاڻ ڪريو. خداوند جي لاءِ هڪ نئون گيت ڳايو، فرمانبردارن جي گڏجاڻيءَ ۾ انهيءَ جي واکاڻ گونجي.


خداوند جي واکاڻ ڪريو. اوهين خداوند جي واکاڻ ڪريو، جيڪو مقدس جاءِ ۾ آهي. هائو، جيڪو عرش عظيم تي تخت‌نشين آهي، تنهن جي اوهين واکاڻ ڪريو.


بيشڪ تنهنجي ئي طرفان رهائي ٿي ملي. شال تنهنجي قوم تي سدائين تنهنجي برڪت هجي.


خدا هڪڙي ڳالهہ فرمائي آهي تہ ”قدرت مون خدا جي آهي.“ پر ان کان علاوہ مون کانئس اهو بہ ٻڌو آهي تہ ”دائمي شفقت پڻ مون ڌڻيءَ کان ئي آهي.“ بيشڪ اي خدا! تون هر ڪنهن کي سندس عمل موجب ئي بدلو ڏين ٿو.


جڏهن اتر کان تباهي مچائيندڙ لشڪر بابل تي اچي ڪڙڪندو، تڏهن آسمان توڙي زمين ۽ جيڪي انهن ۾ آهي، سي سڀ انهيءَ ڪري خوشيءَ وچان راڳ ڳائيندا.


پر آءٌ تنهنجي اڳيان شڪراني سان قرباني ڪندس، جيڪا باس مون باسي آهي سا ضرور پوري ڪندس. اي خداوند! آءٌ مڃان ٿو تہ تون ئي ڇڏائڻ وارو آهين.“


اسان کي آزمائش ۾ پوڻ نہ ڏي، پر جيڪڏهن آزمائش ۾ پئون تہ اسان کي بڇڙائيءَ کان بچاءِ.‘


جڏهن ستين ملائڪ توتارو وڄايو تہ آسمان ۾ وڏا آواز ٻڌڻ ۾ آيا جن چيو ٿي تہ ”دنيا جي بادشاهي اسان جي خداوند خدا ۽ سندس مسيح جي ٿي ويئي آهي. خداوند خدا هميشہ هميشہ تائين بادشاهي ڪندو رهندو.“


پوءِ مون آسمان ۾ هڪڙو وڏو آواز ٻڌو، جنهن چيو تہ ”هاڻي اسان جي خدا جو ڇوٽڪارو، قدرت ۽ بادشاهي ۽ سندس مسيح جي اختياري آئي آهي، ڇاڪاڻ تہ اسان جي ڀائرن ڀينرن تي تهمت هڻڻ وارو، جيڪو رات ڏينهن اسان جي خدا جي اڳيان مٿن تهمت هڻندو ٿي رهيو، سو هيٺ اڇلايو ويو آهي.


پوءِ مون ڄڻ تہ هڪڙي وڏي ميڙ جو آواز وري ٻڌو، جيڪو زور سان وهندڙ پاڻيءَ ۽ گجندڙ ڪڪرن جي آواز جهڙو هو، جنهن چيو تہ ”خداوند خدا جي واکاڻ هجي! ڇاڪاڻ تہ خداوند اسان جو خدا جيڪو قادرِمطلق آهي، تنهن جي بادشاهي زمين تي قائم ٿي ويئي آهي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan