Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




مڪاشفو 18:8 - Muslim Sindhi Bible

8 انهيءَ ڪري مٿس هڪڙي ئي ڏينهن ۾ هي آفتون اينديون، يعني موت، سوڳ ۽ ڏڪار. اها وسندي باهہ ۾ ساڙي ناس ڪئي ويندي، ڇاڪاڻ تہ هن جي عدالت ڪرڻ وارو، خداوند خدا نهايت قادر آهي.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

8 تنهنڪري هن جون آفتون هڪڙي ئي ڏينهن ۾ اينديون، يعني موت ۽ ماتم، ۽ ڏڪار؛ ۽ هوءَ باهہ سان ساڙي چٽ ڪئي ويندي؛ ڇالاءِ تہ خداوند خدا، جنهن هن جي عدالت ڪئي سو قادر آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

8 انهيءَ ڪري مٿس هڪڙي ئي ڏينهن ۾ هي آفتون اينديون، يعني موت، سوڳ ۽ ڏڪار. اها وسندي باهہ ۾ ساڙي ناس ڪئي ويندي، ڇاڪاڻ تہ هن جي عدالت ڪرڻ وارو، پرڀو پرميشور نهايت شڪتيوان آهي.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

8 انھيءَ ڪري مٿس ھڪڙي ئي ڏينھن ۾ آفتون اينديون، يعني موت، ماتم ۽ ڏڪار. اھا باھہ ۾ ساڙي ناس ڪئي ويندي، ڇالاءِ⁠جو خداوند خدا، جيڪو ھن جو انصاف ڪندو سو قادر آھي.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




مڪاشفو 18:8
18 Iomraidhean Croise  

جيڪڏهن طاقت جي ڳالهہ آهي تہ بيشڪ هو ئي طاقتور آهي. جيڪڏهن انصاف جي ڳالهہ آهي تہ ڪير مون کي انهيءَ کان انصاف وٺي ڏيندو؟


خدا هڪڙي ڳالهہ فرمائي آهي تہ ”قدرت مون خدا جي آهي.“ پر ان کان علاوہ مون کانئس اهو بہ ٻڌو آهي تہ ”دائمي شفقت پڻ مون ڌڻيءَ کان ئي آهي.“ بيشڪ اي خدا! تون هر ڪنهن کي سندس عمل موجب ئي بدلو ڏين ٿو.


انهيءَ ڏينهن خداوند ور وڪڙ ڏيئي تيزيءَ سان ڀڄندڙ ازدها بلا کي پنهنجي تيز ۽ موتمار تلوار سان ماري ڇڏيندو. هو انهيءَ اجگر نانگ کي بہ قتل ڪري ڇڏيندو جيڪو سمنڊ ۾ آهي.


سو خداوند هڪڙي ئي ڏينهن ۾ اسرائيل وارن مان سڀني اڳواڻن کي ناس ڪري ڇڏيندو، هائو، هو مٿي ۽ پُڇ کي هڪ ئي ڏينهن وڍي ڇڏيندو.


خداوند قادرِمطلق خدا فرمائي ٿو تہ ”اي بابل جا مغرور رهاڪؤ! ياد رکو، آءٌ اوهان جي خلاف آهيان، اوهان جي برباديءَ جو ڏينهن اچي پهتو آهي، ۽ هاڻي اوهان کي سزا ڏني ويندي.


پر ياد رکو، انهن جو ڇڏائيندڙ تمام زورآور آهي، ۽ اهو آءٌ قادرِمطلق خداوند آهيان. آءٌ انهن جو پوريءَ طرح بچاءُ ڪندس. آءٌ انهن کي سندن وطن ۾ امن وَ سلامتي بخشيندس، پر اوهان بابل وارن جي ننڊ حرام ڪري ڇڏيندس.


ڏسو، بابل جي ڪوٽ جون ٿلهيون ڀتيون ڊهي پونديون، ۽ ان جا اوچا دروازا ساڙي رک ڪيا ويندا. اهڙيءَ طرح ان قوم جو پورهيو اجايو ثابت ٿيندو، ڇاڪاڻ تہ اهو سڀ ڪجھہ باهہ جي شعلن ۾ اڏامي ويندو. اهو مون قادرِمطلق خداوند جو فرمان آهي.“


سو اي بني اسرائيل وارؤ! اوهين بابل منجھان نڪري ڀڄي وڃو، ۽ پنهنجيون جانيون بچايو. اوهين بابلين جي گناهن جي سزا ۾ شريڪ ٿي پاڻ کي برباد نہ ڪريو. وقت اچي ويو آهي جو آءٌ خداوند کانئن بدلو وٺان، جنهن جي هو لائق آهن.“


خداوند پاڻ پنهنجي انهن بي‌شمار ڪٽڪن جي اڳواڻي ڪندو، هائو، انهن لشڪرن جي جيڪي سندس حڪمن جي فرمانبرداري ڪن ٿا. بيشڪ خداوند جي عدالت جو ڏينهن ايڏو تہ هيبتناڪ آهي، جو ڪوبہ انهيءَ ڏينهن بيهي نہ سگھندو.


ڇا ائين ڪندي اسين خداوند جي غيرت کي جوش ڏياريون؟ ڇا اسين هن کان وڌيڪ زورآور آهيون؟


چوڻ لڳا تہ ”اي خداوند، قادرِمطلق خدا! تون جيڪو آهين ۽ جيڪو هئين، اسين تنهنجا شڪرانا بجا آڻيون ٿا، ڇاڪاڻ تہ تون پنهنجي وڏي قدرت ڏيکاري بادشاهي ڪرڻ لڳو آهين.


جيڪو حيوان ۽ سندس ڏهہ سڱ تو ڏٺا، سي انهيءَ ڪسبياڻيءَ کان نفرت ڪندا. اهي کيس لُٽي ڦري اگھاڙو ڪري ڇڏيندا، سندس گوشت کائي ويندا ۽ کيس باهہ ۾ ساڙي ڇڏيندا.


اها عورت جيڪا تو ڏٺي سا اهو وڏو شهر آهي، جيڪو ڌرتيءَ جي بادشاهن تي حڪمراني ٿو ڪري.“


تنهن جي هڪڙي ئي ڪلاڪ ۾ سڄي دولت برباد ٿي ويئي.“ سامونڊي جهازن جا ڪپتان، مسافر ۽ ملاح ۽ ٻيا جيڪي سمنڊ تي گذران ٿا ڪن، سي سڀيئي پري بيهي رهندا.


اهي پنهنجي مٿي ۾ خاڪ وجھي روئندي پٽيندي رڙيون ڪندي چوندا تہ ”افسوس، صد افسوس! اهو وڏو شهر جنهن جي دولت جي ڪري سمنڊ جا سڀيئي جهازن وارا دولتمند ٿي پيا، سو هڪڙي ئي ڪلاڪ ۾ برباد ٿي ويو.“


انهيءَ وڏي ميڙ وري ٻيو دفعو چيو تہ ”خداوند خدا جي واکاڻ هجي! ڏسو، انهيءَ وڏي شهر بابل جو دونهون هميشہ هميشہ تائين پيو اٿندو رهندو.“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan