مڪاشفو 18:2 - Muslim Sindhi Bible2 هن وڏي آواز سان چيو تہ ”ڪري پيو، وڏو شهر بابل ڪري پيو. اهو بدروحن جو گھر بڻجي ويو. هائو، اهو هر ناپاڪ روح جو اڏو، بلڪ هر ڪنهن ناپاڪ ۽ گندي پکيءَ جو آکيرو ٿي پيو. Faic an caibideilSindhi Bible2 ۽ هن وڏي آواز سان چيو تہ ڪِري پيو، وڏو شهر بابل ڪِري پيو، ۽ ڀوتن جي رهڻ جو مڪان ٿي پيو، ۽ سڀ ڪنهن ناپاڪ روح ۽ سڀ ڪنهن ناپاڪ ۽ ڪراهت جهڙي پکيءَ جي رهڻ جي جاءِ ٿي پيو. Faic an caibideilHindu Sindhi Bible2 هن وڏي آواز سان چيو تہ ”ڪري پيو، وڏو شهر بابل ڪري پيو. اهو برين آتمائن جو گھر بڻجي ويو. هائو، اهو هر اپوِتر آتما جو اڏو، بلڪ هر ڪنهن اپوِتر ۽ گندي پکيءَ جو آکيرو ٿي پيو. Faic an caibideilCommon Language New Testament2 ھن وڏي آواز سان چيو تہ ”ڪري پيو، وڏو شھر بابل ڪري پيو. اھو بدروحن جو گھر بڻجي ويو. ھائو، اھو ھر ڪنھن ناپاڪ روح جو اڏو، بلڪ ھر ڪنھن ناپاڪ ۽ گندي پکيءَ جو آکيرو ٿي پيو. Faic an caibideil |
پوءِ خداوند مون کي فرمايو تہ ”تون انهن سڀني جي خلاف هنن ڳالهين جي پيشنگوئي ڪر ۽ کين چئُہ تہ ’خداوند آسمان مان گجندو، هو پنهنجي پاڪ مڪان مان پنهنجو آواز بلند ڪندو. هائو، هو نہ رڳو پنهنجي قوم جي خلاف وڏي زور سان گجندو، بلڪ ڌرتيءَ جي سڀني رهاڪن تي اهڙي هڪل ڪندو، جهڙي انگورن لتاڙڻ وارا جوش وچان ڪندا آهن.