Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




مڪاشفو 16:2 - Muslim Sindhi Bible

2 پهرئين ملائڪ وڃي پنهنجو پيالو ڌرتيءَ تي هاريو تہ جن ماڻهن تي انهيءَ حيوان جو نشان هو ۽ جيڪي سندس بت کي سجدو ڪندا هئا، تن کي گندا ۽ ناسوري ڦٽ ٿي پيا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

2 ۽ پهرئين وڃي پنهنجو پيالو زمين تي اوتيو؛ ۽ جن تي اُنهي حيوان جي ڇاپ هئي، ۽ جي سندس بُت جي پرستش ڪندا هئا، تن کي گندا ناسوري ڦٽ ٿي پيا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

2 پهرئين دوت وڃي پنهنجو پيالو ڌرتيءَ تي هاريو تہ جن ماڻهن تي انهيءَ حيوان جو نشان هو ۽ جيڪي سندس بت اڳيان سيس نوائيندا هئا، تن کي گندا ۽ ناسوري ڦٽ ٿي پيا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

2 پھرين ملائڪ وڃي پنھنجو پيالو زمين جي مٿان ھاريو تہ جن ماڻھن تي انھيءَ حيوان جو نشان ھو ۽ جيڪي سندس بت جي پوڄا ڪندا ھئا، تن کي گندا ۽ ناسوري ڦٽ ٿي پيا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




مڪاشفو 16:2
22 Iomraidhean Croise  

آءٌ تو کي آنڊن جي سخت بيماريءَ ۾ مبتلا ڪندس، ايتري قدر جو انهيءَ بيماريءَ جي ڪري روز بروز تنهنجي حالت خراب ٿيندي ويندي.‘“


انهن سڀني ڳالهين کان پوءِ خداوند بادشاهہ يهورام کي آنڊن جو هڪڙو لاعلاج مرض بڇيو.


هن آسمان مان تيز هوا موڪلي. هائو، پنهنجي قدرت سان ڏکڻ اوڀر کان هوا گھلايائين،


تنهنڪري آءٌ پروردگار يروشلم جي عورتن جا مٿا گنجا ڪري ڇڏيندس، هائو، آءٌ سندن وار ڪوڙي ڇڏيندس.“


انهن عورتن لاءِ خوشبوءِ جي بدران بدبوءِ هوندي، ڪمربند جي بجاءِ رسو هوندن، سينگاريل وارن جي بدران گنجو مٿو هوندن، عمدين پوشاڪن جي بجاءِ کٿو هوندن، ۽ سونهن جي بجاءِ منهن تي داغ هوندن.


انهيءَ دم خداوند جي هڪڙي ملائڪ هيروديس تي غضب نازل ڪيو، ڇاڪاڻ تہ هو انهيءَ شرڪ تي خوش ٿي رهيو هو. پوءِ تہ هن جي جسم ۾ جيت پئجي ويا ۽ هو مري ويو.


خداوند اوهان کي مصرين جيان ڦرڙين سان ۽ بواسير، ڏڍ ۽ خارش سان سٽي وجھندو. اوهين انهن مان ڪڏهن بہ ڇٽي ڪين سگھندا.


خداوند اوهان جي گوڏن ۽ ٽنگن ۾ بيحد خوفناڪ ڦرڙيون ڪڍندو، بلڪ اوهين پير جي تريءَ کان وٺي مٿي جي چوٽيءَ تائين انهن مان ڇٽي ڪين سگھندا.


خداوند هر قسم جي بيماري اوهان کان دور ڪندو. مصر جا اُهي سڀ خوفناڪ مرض جن جي اوهان کي خبر آهي، تن مان ڪوبہ مرض هو اوهان تي ڪين موڪليندو، بلڪ انهن کي اوهان جي دشمنن تي موڪليندو.


انهيءَ حيوان پهرئين حيوان جي روبرو سندس سڄو اختيار ٿي هلايو. هن زمين ۽ ان جي رهاڪن کان انهيءَ پهرئين حيوان کي سجدو ٿي ڪرايو، جنهن جو موتمار زخم ڇٽي ويو هو.


تنهن تي ڪڪر تي ويٺل انهيءَ شخص پنهنجو ڏاٽو ڌرتيءَ تي ڦيرايو تہ فصل لڻجي ويو.


انهن ٻنهي ملائڪن جي پٺيان هڪڙو ٽيون ملائڪ آيو ۽ وڏي آواز سان چوڻ لڳو تہ ”جيڪي ماڻهو انهيءَ حيوان ۽ سندس بت کي سجدو ڪن ٿا ۽ پنهنجي پيشانيءَ يا هٿ تي سندس نشان هڻائين ٿا،


پوءِ مون هيڪل مان هڪڙو وڏو آواز ٻڌو، جيڪو انهن ستن ملائڪن کي چئي رهيو هو تہ ”وڃو ۽ خدا جي غضب جا ست ئي پيالا ڌرتيءَ تي هاري ڇڏيو.“


۽ پنهنجي سورن ۽ ڦٽن جي ڪري عرش عظيم جي خدا جي خلاف ڪفر بڪندا رهيا. پر پنهنجي ڪمن کان توبهہ نہ ڪيائون.


پهرئين ملائڪ توتارو وڄايو تہ رت سان گڏيل ڳڙا ۽ باهہ پيدا ٿي، جن کي پوري ڌرتيءَ تي اڇلايو ويو تہ سڄي ڌرتيءَ جو ٽيون حصو وڻن توڙي سائي گاهہ سميت سڙي ويو.


پر خداوند پنهنجو ڳرو هٿ اشدود جي ماڻهن تي کڻي انهن تي آفت نازل ڪئي جو اشدود ۽ ان جي آس‌پاس وارا ڪيترائي ماڻهو ڳوڙهين جي بيماريءَ وچان مرڻ لڳا.


پر جڏهن اها صندوق جات شهر ۾ آندي ويئي تڏهن انهيءَ شهر تي بہ خداوند جو هٿ اهڙيءَ تہ سختيءَ سان پيو جو شهر ۾ وڏو ٿرٿلو مچي ويو. خداوند انهيءَ شهر جي ننڍن توڙي وڏن سڀني ماڻهن کي ڳوڙهين جي بيماريءَ سان مارڻ لڳو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan