Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




مڪاشفو 15:6 - Muslim Sindhi Bible

6 انهيءَ مان اهي ست ملائڪ نڪتا، جن وٽ ست آفتون هيون. انهن کي صاف سٿريون ۽ چمڪندڙ پوشاڪون پهريل هيون ۽ سندن ڇاتين تي سونهري رنگ جا سينابند ٻڌل هئا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

6 ۽ پاڪ جاءِ مان اهي ست ملائڪ نڪتا، جن وٽ ست آفتون هيون، ۽ اُهي صاف ۽ چمڪندڙ ڪتاني ڪپڙي سان ڍڪيل هئا، ۽ سندن ڇاتين جي چوڌاري سونا سينابند ٻَڌل هئا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

6 انهيءَ مان اهي ست دوت نڪتا، جن وٽ ست آفتون هيون. انهن کي صاف سٿريون ۽ چمڪندڙ پوشاڪون پهريل هيون ۽ سندن ڇاتين تي سونهري رنگ جا سينابند ٻڌل هئا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

6 انھيءَ مان اُھي ست ملائڪ نڪتا، جن وٽ ست آفتون ھيون. اُھي صاف ۽ اڇيون چمڪندڙ پوشاڪون پھريل ھئا ۽ سندن ڇاتين تي سونا سينابند ٻڌل ھئا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




مڪاشفو 15:6
9 Iomraidhean Croise  

تڏهن مون اکيون کڻي نهاريو تہ ڇا ڏسان تہ سنهي وٽيل سڻيءَ جا ڪپڙا پاتل هڪڙي هستي بيٺي آهي، جنهن جي چيلهہ سان نج سون جو ڪمربند ٻڌل هو.


اڃا انهيءَ حيرانيءَ ۾ ئي بيٺيون هيون تہ ڇا ڏسن تہ ٻہ ماڻهو تجليدار پوشاڪ ۾ وٽن بيٺا آهن.


انهن شمعدانن جي وچ ۾ مون انساني شڪل جهڙو هڪڙو شخص ڏٺو، جنهن کي پيرن تائين هڪ ڊگھو جبو پهريل هو ۽ ڇاتيءَ تي سونهري رنگ جو هڪڙو سينابند ٻڌل هئس.


ايتري ۾ هڪڙو ملائڪ آسماني هيڪل مان نڪري آيو ۽ ڪڪر تي ويٺل انهيءَ شخص کي وڏي آواز سان چوڻ لڳو تہ ”پنهنجو ڏاٽو هلائي لابارو ڪر، ڇاڪاڻ تہ ڌرتيءَ جو فصل پچي راس ٿي ويو آهي ۽ لاباري جو وقت اچي ويو آهي.“


ان کان پوءِ هڪڙو ٻيو ملائڪ آسماني هيڪل مان نڪتو، جنهن جي هٿ ۾ بہ تکو ڏاٽو هو.


پوءِ مون آسمان ۾ هڪڙو ٻيو وڏو عجيب نشان ڏٺو، يعني ست ملائڪ جن وٽ ست آفتون هيون. اهي آفتون آخري آهن، ڇاڪاڻ تہ انهن تي خدا جو غضب پورو ٿئي ٿو.


هن کي سنهي وٽيل سڻيءَ جا صاف سٿرا ۽ چمڪندڙ ڪپڙا پائڻ جو اختيار ڏنو ويو آهي. انهن عمدن ڪپڙن مان مراد مسيح ۾ چونڊي پاڪ ڪيلن جي سچائيءَ وارا ڪم آهن.“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan