مڪاشفو 15:3 - Muslim Sindhi Bible3 اهي خدا جي ٻانهي موسيٰ جو راڳ ڳائين پيا ۽ گھيٽڙي جو راڳ ڳائيندي چون پيا تہ ”اي خداوند، قادرِمطلق خدا! تنهنجا ڪم ڪيڏا نہ وڏا ۽ عجيب آهن! هائو، اي قومن جا بادشاهہ! تنهنجا ڪم ڪيڏا نہ انصاف وارا ۽ سچا آهن! Faic an caibideilSindhi Bible3 ۽ انهن خدا جي ٻانهي موسيٰ جو راڳ ۽ گهيٽي جو راڳ پئي ڳايو، تہ اي خداوند قادر مطلق، تنهنجا ڪم عظيم ۽ عجيب آهن؛ اي زمانن جا بادشاهہ، تنهنجا رستا سنوان ۽ سچا آهن. Faic an caibideilHindu Sindhi Bible3 اهي ايشور جي داس موسيٰ جو راڳ ڳائين پيا ۽ گھيٽڙي جو راڳ ڳائيندي چون پيا تہ ”اي پرڀو، سروِشڪتيوان ايشور! تنهنجا ڪم ڪيڏا نہ وڏا ۽ عجيب آهن! هائو، اي قومن جا راجا! تنهنجا ڪم ڪيڏا نہ انصاف وارا ۽ سچا آهن! Faic an caibideilCommon Language New Testament3 اُھي خدا جي ٻانھي موسيٰ جو راڳ ۽ گھيٽي جو راڳ ڳائي رھيا ھئا ۽ چون پيا تہ ”اي خداوند خدا، قادرِمطلق! تنھنجا ڪم وڏا ۽ عجيب آھن. اي قومن جا بادشاھہ! تنھنجون واٽون سڌيون ۽ سچيون آھن. Faic an caibideil |
اوهين عدالت ۾ اچو ۽ پنهنجي باري ۾ صفائي پيش ڪريو، ڀلي هڪٻئي سان صلاح مصلحت ڪري ٻڌايو تہ ڇا ڪو اهڙو معبود اٿوَ، جنهن گھڻو اڳي اڳڪٿي ڪري ٻڌايو هجيوَ، تہ انهيءَ وقت اوهان سان ڇا ڇا ٿيندو؟ ڇا اهو سڀ مون خداوند ئي نہ ڪيو هو، جنهن کان سواءِ ٻيو ڪو معبود ڪونهي؟ هائو، مون کان سواءِ ٻيو ڪوبہ عادل ۽ بچائيندڙ خدا ڪونهي.