Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




مڪاشفو 14:4 - Muslim Sindhi Bible

4 اهي ڪنوارن جيان پاڻ کي پاڪ رکندي گھيٽڙي جي ئي پٺيان هلن پيا. جيڏانهن هو وڃي ٿو، اوڏانهن اهي بہ وڃن ٿا. انهن کي گھيٽڙي مُلهہ ڏيئي انسانن مان خريد ڪيو آهي، تہ جيئن خدا ۽ گھيٽڙي جو پهريون ڦل ٿين.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

4 هي اُهي ماڻهو هئا، جي زالن سان ناپاڪ نہ ٿيا؛ ڇالاءِ جو اُهي ڪنوارا هئا ۽ گهيٽي جي پٺيان جيڏانهن هو وڃي ٿو اوڏانهن ٿا وڃن. اُهي مخلوقات مان خريد ڪيا ويا هئا، تہ خدا لاءِ ۽ گهيٽي لاءِ پهريون ڦل ٿين.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

4 اهي ڪنوارن جيان پاڻ کي پوِتر رکندي گھيٽڙي جي ئي پٺيان هلن پيا. جيڏانهن هو وڃي ٿو، اوڏانهن اهي بہ وڃن ٿا. انهن کي گھيٽڙي مُلهہ ڏيئي انسانن مان خريد ڪيو آهي، تہ جيئن ايشور ۽ گھيٽڙي جو پهريون ڦل ٿين.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

4 ھي اُھي ماڻھو آھن جن عورتن کي ھٿ بہ نہ لاتو، بلڪ ڪنوارا آھن ۽ گھيٽي جي پٺيان ھلن پيا. جيڏانھن ھو وڃي ٿو، اوڏانھن وڃن ٿا. اُھي انسانن مان خريد ڪيا ويا آھن، تہ جيئن خدا ۽ گھيٽي جو پھريون ڦل ٿين.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




مڪاشفو 14:4
32 Iomraidhean Croise  

کيس ڀرت ڀريل پوشاڪ ڍڪائي بادشاهہ جي حضور ۾ آندو ٿو وڃي. سندس پٺيان جيڪي نوجوان سهيليون آهن، سي بہ ساڻس گڏ اچن ٿيون.


تون پنهنجي انهيءَ قوم جو خيال ڪر، جنهن کي تو قديم زماني کان چونڊيو آهي. هائو، انهن کي تو پنهنجو ئي بڻائڻ لاءِ ڇڏايو آهي. تون صيئون جبل جو بہ خيال ڪر، جنهن تي تون ڪنهن وقت رهندو هئين.


تنهنجي خوشبوءِ ايڏي تہ مٺڙي آهي، جو گھڻيون ئي ڪنواريون تو تي فدا آهن. تنهنجي نالي جو ذڪر ائين آهي، جيئن عطر ڦهليل هجي.


بادشاهہ وٽ ڪيتريون ئي راڻيون، سريتون ۽ هزارين ٻيون ڪنواريون ڀلي ڇو نہ هجن،


اي بني اسرائيل! ان وقت اوهين منهنجا ئي هئا، اوهين منهنجي لاءِ ئي مخصوص، ۽ فصل جي پهرين پيداوار جيان هئا. مون انهن سڀني کي مصيبت ۽ ڏک ۾ وڌو، جيڪي اوهان کي ايذائيندا هئا. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.‘“


ويل آهي اوهان لاءِ، اي صيئون وارؤ! بلڪ ويل آهي اوهان لاءِ، اي سامريہ جي جبلن تي آرام ۽ اطمينان سان رهڻ وارؤ! هائو، اوهين جي پنهنجي ملڪ اسرائيل جا عظيم اڳواڻ آهيو، ۽ سڄي ملڪ وارا اوهان جا سلامي آهن.


ڇاڪاڻ تہ ڪي سبب آهن جو ماڻهو شادي نہ ٿا ڪن. جيئن تہ ڪي ڄمندي ئي نامرد آهن، ڪن کي ماڻهن نامرد ڪيو آهي ۽ ڪي آسمان جي بادشاهيءَ جي لاءِ پنهنجي نفس کي مارين ٿا. جيڪو اها ڳالهہ قبول ڪري سگھي سو ڀلي قبول ڪري.“


”ابنِ آدم جي موٽي اچڻ واري ڏينهن آسمان جي بادشاهي ڪنوار جي انهن ڏهن ساهيڙين وانگر هوندي جيڪي هڪڙيءَ رات پنهنجا ڏيئا کڻي گھوٽ جي استقبال لاءِ ٻاهر نڪري آيون.


ان وقت شريعت جي هڪ عالم عيسيٰ جي ويجھو اچي کيس چيو تہ ”اي استاد! جيڏانهن اوهين ويندا، اوڏانهن آءٌ بہ اوهان جي پٺيان هلندس.“


آءٌ پنهنجي رڍن کي ڄاڻان ٿو. اهي منهنجو آواز ٻڌي منهنجي پٺيان هلن ٿيون.


جيڪو منهنجي خدمت ڪرڻ چاهي سو منهنجي پيروي ڪري، تہ جيئن جتي آءٌ آهيان اتي منهنجو خدمتگار بہ هجي. منهنجو پيءُ انهيءَ کي عزت بخشيندو جيڪو منهنجي خدمت ڪندو.“


پطرس پڇيس تہ ”اي خداوند! آءٌ تو سان هاڻي ڇو نہ ٿو هلي سگھان؟ آءٌ تہ تنهنجي لاءِ پنهنجي جان بہ ڏيڻ لاءِ تيار آهيان.“


ٻئي دفعي عيسيٰ فريسين سان ڳالهائيندي چيو تہ ”آءٌ دنيا جي روشني آهيان. جيڪو بہ منهنجي پيروي ڪندو، تنهن کي زندگيءَ جي روشني ملندي ۽ وري ڪڏهن بہ اونداهيءَ ۾ نہ گھمندو.“


اوهين پاڻ سان گڏ انهيءَ سڄي ڌڻ جي سنڀال ڪجو، جنهن لاءِ پاڪ روح اوهان کي ڌنار مقرر ڪيو آهي. سو خدا جي انهيءَ ڪليسيا کي سنڀاليندا رهجو، جيڪا هن پنهنجي فرزند جي رت سان خريد ڪئي آهي.


اوهين ڄاڻو ٿا تہ استفناس ۽ سندس گھر جا ڀاتي اخيا صوبي ۾ اهي پهريان ماڻهو آهن جن عيسيٰ مسيح تي ايمان آندو ۽ پاڻ کي مسيح ۾ چونڊي پاڪ ڪيل ماڻهن جي خدمت لاءِ وقف ڪري ڇڏيائون. سو اي ڀائرو ۽ ڀينرون! آءٌ اوهان کي تاڪيد ٿو ڪريان تہ


ڇاڪاڻ تہ اوهين مُلهہ ڏيئي ورتل آهيو. تنهنڪري اوهين پنهنجي بدن سان خدا جو جلوو ظاهر ڪريو.


پر جيڪڏهن ڪو شادي ڪرڻ گھري تہ ڪو گناهہ نہ آهي ۽ جيڪڏهن ڪا ڪنواري شادي ڪندي تہ بہ ڪو گناهہ نہ آهي. ڏسو، جيڪي شادي ڪن ٿا تن کي هن زندگيءَ ۾ تڪليفون اچن ٿيون ۽ انهن کان آءٌ اوهان کي بچائڻ ٿو گھران.


مون کي اوهان لاءِ خدا جهڙي غيرت آهي. انهيءَ ڪري ئي مون اوهان کي هڪڙي مڙس، يعني مسيح سان مڱايو تہ جيئن اوهان کي پاڪدامن ڪنواريءَ وانگر هن وٽ حاضر ڪريان.


پاڪ روح اسان يهودين توڙي غير يهودين کي ملڻ واري ميراث جو بيانو آهي، جيڪو ايستائين ضمانت آهي جيستائين اسين سڀ جيڪي خدا جي ملڪيت آهيون، تن کي پوريءَ طرح ڇڏايو وڃي، تہ جيئن خدا جي عظمت جي واکاڻ ٿئي.


هن جو مقصد هو تہ هڪڙي اهڙي شاندار ڪليسيا پنهنجي اڳيان پيش ڪري، جنهن تي ڪوبہ داغ يا گھنج يا اهڙي ڪا ٻي شيءِ نہ هجي، بلڪ اها پاڪ ۽ بي‌عيب هجي.


اهڙا ماڻهو شادي ڪرڻ کان منع ٿا ڪن ۽ کاڌي وارين ڪن شين کان پرهيز ڪرڻ جو حڪم ٿا ڏين، جڏهن تہ اهي شيون خدا انهيءَ لاءِ پيدا ڪيون آهن تہ جيڪي ماڻهو ايمان رکن ٿا ۽ سچ کي سڃاڻين ٿا سي انهن کي شڪرگذاريءَ سان کائين.


اوهين خدا جي انهن پهريتن يعني چونڊي پاڪ ڪيلن جي جماعت ۾ آيا آهيو، جن جا نالا خدا وٽ آسمان تي لکيل آهن. اوهين سڄي مخلوق جي منصف خدا وٽ آيا آهيو. اوهين خدا آڏو ڪامل ڪيل سچارن جي روحن وٽ آيا آهيو.


هن پنهنجي مرضيءَ سان اسان کي سچ جي پيغام وسيلي نئين سر پيدا ڪيو، انهيءَ لاءِ تہ اسين سندس مخلوقات ۾ پهريون ڦل بڻجون.


پر اوهين هڪڙو چونڊيل نسل، الاهي ڪاهنن جي جماعت، مخصوص قوم ۽ خدا جا اهڙا چونڊيل ماڻهو آهيو، جيڪي سندس خاص ملڪيت آهن. اوهين انهيءَ لاءِ چونڊيا ويا آهيو تہ خدا جي خوبين جو اظهار ڪريو، جنهن اوهان کي اونداهيءَ مان پنهنجي عجيب روشنيءَ ڏانهن سڏيو آهي.


اهي گھيٽڙي سان جنگ ڪندا، پر گھيٽڙو مٿن غالب پوندو، ڇاڪاڻ تہ هو خداوندن جو خداوند ۽ بادشاهن جو بادشاهہ آهي. هن جا وفادار جن کي هن سڏي چونڊيو آهي، سي ساڻس گڏ هوندا.“


مون شهر ۾ ڪابہ هيڪل ڪانہ ڏٺي، ڇاڪاڻ تہ خداوند قادرِمطلق خدا ۽ گھيٽڙو ئي ان جي هيڪل آهن.


انهيءَ شهر کي روشنيءَ لاءِ سج يا چنڊ جي ضرورت ڪانہ هئي، ڇاڪاڻ تہ خدا جو جلوو ان کي روشن ٿو ڪري ۽ گھيٽڙو ان جو ڏيئو آهي.


پر اوهان سرديس وارن جي ڪليسيا ۾ ڪي اهڙا ماڻهو بہ آهن، جن پنهنجا ڪپڙا داغدار نہ ڪيا آهن. اهي اڇا ڪپڙا پائي مون سان گڏ گھمندا، ڇاڪاڻ تہ اهي انهيءَ لائق آهن.


گھيٽڙي جي پيرن تي ڪرندي ئي اهي هڪڙو نئون گيت ڳائڻ لڳا تہ ”تون ئي اهو ويڙهوٽو وٺڻ ۽ انهيءَ جي مُهرن کي ٽوڙڻ جي لائق آهين، ڇاڪاڻ تہ تون ڪُٺو ويو هئين، ۽ تو پنهنجي رت سان سڀ ڪنهن قوم، قبيلي، ٻوليءَ ۽ ذات منجھان ماڻهن کي خدا جي لاءِ خريد ڪيو آهي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan